آصف سعيد خان کوسا - 26 چيف جسٽس آف پاڪستان



آصف سعيد خان کوسا
26 چيف جسٽس آف پاڪستان

قابل رحم آهي اها قوم، جيڪا  فخر کي ڪاميابي ۽ عزت کي طاقت جي معيار تي توري ٿي، جتي مجرم کي هيرو ڪري پيش ڪجي ٿو ۽ ايمانداري کي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. جتي دانائن /بزرگن کي بيوقوف سمجهيو وڃي، ۽ بدمعاشن/بدڪارن جي تعظيم ڪئي وڃي، قابل رحم آهي اها قوم جيڪا مجرمن کي پنهنجو رهنما سمجهي ٿي.

بلوچ صحبت علي
ايڊوڪيٽ



هن کان اڳ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ 25 چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان،  رهي چڪا آهن، جن ۾ سر ميان عبدالرشيد، محمد منير، محمد شهاب الدين، اي آر ڪورني ليئس، ايس اي رحمٰن، فضل اڪبر، حمود الرحمان، يعقوب علي، ايس انور الحق، محمد حليم، افضل ضُلال، نسيم حسن شاهه، سعد سعود جان، سجاد علي شاهه، اجمل ميان، سعدالزمان صديقي، ارشاد حسن خان،  بشير جهانگيري، شيخ رياض احمد، ناظم حسين صديقي، افتخار محمد چوڌري(پهريون دفعو)، جاويد اقبال، راڻو ڀڳوان داس، افتخار  محمد چوڌري(ٻيون دفعو)، اي حميد ڏوگر، افتخار محمد چوڌري(ٽيون دفعو)، تصدق حسين جيلاني، نثار المُلڪ، جاويد ايس خواجه، انور ظهير جمالي، ميان ثاقب  نثار  ۽ اسان جو موجوده چيف جسٽس آصف سعيد خان کوساجيڪو 26 چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آهي، اچي وڃن ٿا.
18 جنوري 2019 کان  آصف سعيد خان کوسا، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 26 چيف جسٽس جي حيثيت ۾، آئين جي آئين 178 تحت قسم کڻي، عهدي تي فائز ٿي چڪو آهي. چيف جسٽس جي عهدي جي لاءِ وزير اعظم سفارش ڪندو آهي، جڏهن ته قسم صدر پاڪستان کڻائيندو آهي. صدر پاڪستان  جناب ڊاڪٽر عارف الرحمٰن علوي کوسا صاحب کي قسم کڻايو.  هي پوسٽ 65 سالن جي عمر تائين هوندي آهي،  18 فيبروري 2010 پاڻ سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا هيا، ۽ ان کان اڳ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي چڪا هُئا. پاڻ 20 ڊسمبر 2019 تائين پاڪستان جي چيف جسٽس جي ڪرسي تي چيف جسٽس جي حيثيت سان  رهندا، يعني چيف صاحب جو عرصو 11 مهينا آهي،  بعد ۾ هن جي رٽائرمينٽ آهي.انهي ٿوري عرصي دوران ڏسون ٿا ته چيف صاحب ڪهڙين ڪاميابين سان همڪنار ٿين ٿا.  عوام جون چيف جسٽس کان ڪاف اميدون وابستا آهن. هن پهريئن ڏينهن ئي چيو هو ته ”منهنجي رڳن ۾ بلوچ رت آهي، مان آخري دم تائين ويڙهه جاري رکندس“.

شروعاتي زندگي:
آصف سعيد خان کوسا جو جنم ڊيرا غازي خان ، پنجاب صوبي  ۾ 21 ڊسمب 1954ع  جو هڪ بلوچ خاندان ۾ ٿيو. سندس تعلق بلوچ قوم جي کوسا ذات سان آهي. پاڻ ملتان بورڊ مان سال 1969ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پنجين نمبر تي پاس ڪيو.انهن ڏينهن ۾ پنجون نمبر کڻڻ وڏي ڳالهه هئي. بعد ۾ پاڻ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور مان فرسٽ پوزيشن ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪري ساڳي ئي ڪاليج مان بي اي جو امتحان به سال 1973 ۾ فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو. پنجاب يونيورسٽي جي تعليم دوران پاڻ  مولانا مودودي ۽ نعيم صديقي جي خيالن مان گهڻو متاثر رهيا. ان پوءِ 1975 ع ۾ هن پنجاب يونيورسٽي مان ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪئي. پاڻ ڪُئين ڪاليج آف لا ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو، اتان هن پبلڪ انٽر نيشنل لا ۾ ماسٽر يعني ايل ايل ايم ڪئي. 26 جولاٰ 1979 جو هن کي بئريسٽري جي لاءِ، لنڪنس اِن لنڊن جي بار گهرايو.
پاڻ سال 1979ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت سان رجسٽر ٿيو. ۽ بعد ۾ وري سال 1985ع ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل جي حيثيت ۾ سند ماڻي. وڪيل جي حيثيت ۾  ويهن هزارن کان مٿي ڪيس هلايا، جيڪي هن تريقبن سڀ ڪيس کٽي ڏيکاريا.. 

جُڊيشل ڪريئر؛
سال 1998 ۾ بئريسٽر کوسا کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.  پر جڏهن 3 نومبر سال 2007 ۾ جنرل پرويز مشرف، جهموري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري،  ايمرجنسي لاڳو ڪري،  آئين کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ججن کي ٻيهر پي سي او تحت حلف کڻڻ لاءِ چيو، جن مان ته ڪيترن ججن اهو حلف کنيو، پر پاڻ افتخار محمد چوڌري جيان قسم کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هن سان گڏ ٻين ڪيترن ئي سينيئر ججن پڻ حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نتيجي طور انهن سڀني ججن کي سسپينڊ ڪيو ويو،۽ انهن کي هڪدم   لاٿو ويو، انهن ۾ کوسا صاحب به اچي وڃن ٿا.
جنرل پرويز مشرف جي خلاف پوري ملڪ ۾ وڪيلن ۽  عام ماڻهن  هڪ زوردار تحريڪ هلائي.نيٺ هن کي وردي به لاهڻي پئي ۽ گهر به وڃڻو پيو، ۽  وڪيلن جي ان بيباڪ، اڻٿڪ جدوجهد، همت، پريشر، زور جي ڪري ، 18 آگسٽ 2008 تي ، مڙني لاٿل ججن سان گڏ،  کوسا صاحب کي ساڳي پراڻي پوزيشن ۾ بحال ڪيو ويو.  هن پنهنجي ڊيوٽي دوران تمام وڏا وڏا فيصلا ڪيا، جن جو بنياد، ايمانداري، سچائي ۽ انصاف سان هو.  2012ع ۾ يوسف رضا گيلاني جي توهين عدالت جي ڪيس جي ٻڌڻي واري 7 ججن تي مشتمل بينچ ۾ ،کوسا صاحب پڻ شامل هُئا. ان فيصلي تي کوسا صاحب جو 6 صفحن تي مشتمل نوٽ هو، اهو نوٽ ايترو قابل تعريف هو جو،  سڄي ميڊيا ان نوٽ کي فوڪس ڪيو، جنهن ۾ هن خليل جبران کي ڪوٽ ڪيو هو،  جيڪو اخبارن جي سرخين جي زينت بڻيو. ”پٽي آف دي نيشن“. ”قابل رحم آهي اها قوم جيڪا نون حڪمرانن کي باجا وڄائي  وڄائي خوش آمديد ڪندي آهي، ۽ رڙيون ڪري، روئي ان کي رخصت ڪندي آهي“.  ان کان علاوه پاڻ ”پاناما ڪيس“ جي ٻڌڻي واري  بينچ جي سربراهه واري حيثيت ۾ ڪئي. ان ۾ آرٽيڪل 62  ۽ 63 جو حوالو ڏيندي گهڻو ڪجهه چيو هو پر بعد ۾ هن جي ڳالهه کي ميڊيا وارن غلط ڪوٽ ڪيو. کوسا صاحب جو مطلب هو ته آرٽيڪل 62  ۽ 63 پارليامينٽ جي ايمانداري ۽ سچائي سان تعلق رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته جسٽش کوسا اشارو ڪيو هو ته ڪابه ايماندار ۽ سچي پارليامينٽ نه رهي آ، سواءِ  سراج الحق جي. پر بعد ۾ پاڻ اهي ريمارڪس واپس ورتا هئا. پاناما ڪيس ۾ جسٽس کوسا صاحب ۽ جسٽس گلزار صاحب ٻنهي پنهنجن رمارڪس ۾ پرائيم منسٽر نواب شريف کي نااهل قرار ڏيئ ڇڏيوهو. ان کان علاوه هن ماريو پُزو جو مشهور ناول ”گاڊ فادر“جو پڻ هڪڙي جملي جو حوالو ڏنو هو ته ”هر وڏي دولت جي پويان، ڏوهه  جو هٿ لڪل هوندو آهي“.   جڏهن ته ٻن ججن  وري، جي آئي ٽي جي رپورٽ اچڻ تائين فيصلو محدود رکيو. هن حُديبه پيپر ملز جي ڪيس کي ٻڌڻ کان پڻ معزرت ڪئي هُئي.
کوسا صاحب پاڪستان ۾ جيڪي به وڏا ڪيس ٿيا، ان بينچ ۽ جي آئي ٽي جو پاڻ حصو رهيا. پاڻ انتهائي سچو، ايماندار ۽ سخت ۽ کهرا ماڻهو آهن، ان جو اندازو نواز شريف جي ڪيس مان لڳائي سگهجي ٿو. هن جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته جلد کان جلد ڪيس جي ٻڌڻي ڪري ، ڪيس کي اُڪلائي ڇڏي. هو ڪيسن کي اڪلاڻ کان ڪڏهن به نه لنوائيندو آهي، بلڪ ڪيسن کي التوا ۾ رکڻ هن جي طبيعت جي خلاف آهي.
آسيه بيبي واري توهين رسالت واري  ڪيس ۾ به هن ايڊيشنل نوٽ هنيو هو، هن چيو،” مون کي يقين نه ٿو اچي ته مان ڇا ٻڌي رهيو آهيان، ڇا مان هاڻي ٻاهر هليو وڃان؟ پر ڇا، سچي ، اهي مون کي ٻاهر وڃڻ ڏيندا“.آسيه بيبي کي آزاد ڪندي هن  شيڪسپير کي پڻ ڪوٽ ڪيو هو ۽ نبي ڪريم جي پڻ حديث جو حوالو ڏنو هو.  جسٽس کوسا پڻ ان بينچ جي سربراهي ڪئي هُئي جنهن ۾ ممتاز قادري، جنهن پنجاب جي گورنور سلمان تاثير جو خون ڪيو هو، ان کي سزا موت ٻڌائي هُئي.
کوسا صاحب اڳوڻي چيف جسٽس، نسيم حسن شاهه جو نياڻو آ، جڏهن ته رٽائرڊ فيڊرل سيڪريٽري نثار محمود کوسا  ۽ طارق محمود کوسا جا سڳا ڀاءَ آهن.
2014 کان هيل تائين کوسا صاحب 10 هزار کان مٿي ڪرمنل ڪيسن جو فيصلو ڪري چڪو آ. جڏهن ته 19 سالن جي نوڪري دوران هن 55 هزار کان به مٿي ڪيس اُڪلائي چڪو آهي، پاڻ فوجداري ڪيسن ۾ تمام وڏي مهارت جو مالڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي هڪڙي فيصلي ۾ چيو هو ته، ” فوجداري ڪيس ۾ ٻي ايف آئي آر جو ڪو  به جواز نه ٿو ٿئي“.. هن پاڪستان جي آئين تي سڀني ترميمن سان گڏ، پڻ مرتب ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو هو.هن جا ڇپيل ڪتاب : 1. هِيڊنگ دي ڪانسٽيٽيوشن، 2.ڪانسٽيٽيوشن اپالاگيوز، 3.دي ڪانسٽيٽيوشن آف 1947ع، 4.ججنگ ود پيشن، 5.بريڪنگ نيوز گرائونڊ، چيف . ان کان علاوه پاڻ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ميمبر هئڻ جي ناتي سان جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي ڊسمزل جو نوٽ پڻ هن لکيو هو: قابل رحم آهي اها قوم جيڪا پنهنجي نئين حڪمران کي باجا وڄائي وڄائي خوش آمديد ڪندي آهي، پر ان کي روئي منٿون ڪري رخصت ڪندي آهي،  ته جئين ٻين کي باجا وڄائي خوش آمديد ڪري سگهي ٿي. قابل رحم آهي اها قوم جيڪ مذهب جي نالي تي وطن حاصل ڪري ٿي، پر سچائي، ايمانداري ۽ احتساب کي تمام گهٽ اهميت ڏيئي ٿي، جيڪا ڪنهن به مذهب جا بنيادي اثاثا هوندا آهن. قابل رحم آهي اها قوم، جيڪا جهموريت کي بطور پاليسي قبول ڪري ٿي، پر ان کي قطار ۾ بيهي ووٽ ڏيڻ جي حد تائين محدود ڪري ٿي ڇڏي ، ۽ جهموري روايتن جي حوصله شڪني ڪري ٿي،  قابل رحم آهي اها قوم، جيڪا  فخر کي ڪاميابي ۽ عزت کي طاقت جي معيار تي توري ٿي، جتي مجرم کي هيرو ڪري پيش ڪجي ٿو ۽ ايمانداري کي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. جتي دانائن /بزرگن کي بيوقوف سمجهيو وڃي، ۽ بدمعاشن/بدڪارن جي تعظيم ڪئي وڃي، قابل رحم آهي اها قوم جيڪا مجرمن کي پنهنجو رهنما سمجهي ٿي.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت