سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
-------
 (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رضہ قَالَ قَالَ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ‏ تُعْرَضُ الأَعْمَالُ يَوْمَ الاِثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ فَأُحِبُّ أَنْ يُعْرَضَ عَمَلِي وَأَنَا صَائِمٌ ‏ (ترمذی شریف کتاب الصوم)
”حضرت ابو هريره ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته سومر ۽ خميس جي ڏينهن اعمالن جي پيشي ٿيندي آهي ۽ آءُ چاهيان ٿو ته جڏهن منهنجا اعمال پيش ڪيا وڃن ته ان ڏينهن آءُ روزي سان هجان.


(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَائِشَةَ  قَالَتۡ کَانَ رَسُوۡلُ اللہ صلى الله عليه وسلم یَصُوۡمُ یَوۡمَ الۡاِثۡنَیۡنِ وَالۡخَمِیۡسِ۔ 
(ترمذی شریف کتاب الصوم ۔ نساءی شریف کتاب الصوم باب صوم النبی بابی ھو وامی ج 1 ص 322۔ مسلم شریف کتاب الصوم رقم الحدیث 197-198۔ سنن ابن ماجۃ  رقم الحدیث 1739۔ مسند احمد بن حنبل ج 2 ص 200۔ 230۔ 329۔ و ج 5 ص 200)
”حضرت عائشة صديقة ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو رکندا هئا.

(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ قَتَادَۃَ اَنَّ رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم  سُءِلَ عَنۡ یَوۡمِ الَاِثۡنَیۡنِ فَقَالَ فِیۡہِ وُلِدَّتُ وَفِیۡہِ اُنۡزِلَ عَلَیَّ۔ 
(مسلم شریف کتاب الصوم باب استحباب صیام ثلاثۃ ایام من کل شھر و صوم یوم عرفۃ و عاشوراء والثنین والخمیس ج 1 ص 367)
”حضرت ابو قتاده ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن کان سومر جي ڏينهن جي روزي رکڻ جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته آءُ سومر جي ڏينهن ئي پيدا ٿيو آهيان ۽ سومر جي ڏينهن ئي مون تي قرآن ڪريم نازل ٿيڻ شروع ٿيو.“ 
(ڪذافي فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 201)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت