مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا محمد يعقوب خاصخيلي ميرپورخاص
مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)
----------------------
مولانا محمد يعقوب خاصخيلي
ميرپورخاص
----------------------
استاذ العلماء
موت جي قانون کان ڪو نبي پير پيغمبر يا ولي به بچي نٿو
سگهي، نه عالم نه جاهل نه نيڪ نه بد نه مومن نه ڪافر نه شاهه نه گدا پنهنجي پنهنجي
وقت تي سڀئي ويا ۽ سڀني کي وڃڻو آهي، پر وڃڻ وارن مان ڪجهه اهڙا خوش بخت به هوندا
آهن، جن جي ڪري زندگي انهن جي قدمن جا نشان ڳوليندي انهن جي نور مان روشني حاصل
ڪندي آهي، ڪيترائي ماڻهو زندگي مان دار بقا ڏي راهي ٿين ٿا مگر دنيا جي نقشي تان
خواب وانگر ميسارجيو وڃن جڏهن ته ڪي مردان حق ۽ اصاحب عزيمت اهڙا به آهن جيڪي بعد
از مرگ به زنده رهن ٿا. سندن حياتي جو هر لمحو آئينده انسان لاءِ قنديل بڻجيو وڃي
۽ انهن جا اقوال ۽ ارشادات جو هر لفظ دلين ۾ ايمان ۽ ايقان جو شعلو فروزان ڪندو
رهي ٿو، شرافت انهن تي ناز ڪندي آهي،
محبوبيت انهن کي ڏسي ڏسي پنهنجا وار
نسواريندي آهي، علمي معاشرو انهن جي وڻندڙ ۽ من موهيندڙ وجود سان گل و گلزار
بڻجيو
وڃي ڦٽيل دليون انهن جي ديدار سان دارون هٿ ڪندا آهن، بيوس ۽ مصيبت جا ماريل ماڻهو
انهن جي گهاٽي ڇانو ۾ پناهه وٺندا آهن، اهي ڏئي وانگر خود ٻري ٻين کي جلا بخشين
ٿا، پاڻ آهه زاري ۽ بي قراري ۾ گذاري ٻين کي راحت ۽ آرام پهچائين ٿا، انهن جي سهڻي
صورت ۾ رب پاڪ جي ذڪر جو اولڙو ۽ عڪس نظر اچي ٿو انهن جو ديدار دل کي خوش ۽ اکين
کي روشني عطا ڪري ٿو، انهن جي محفل سڪينه جنت جو نمونو پيش ڪري ٿي هو خاموش هوندا
آهن ته هيبت هشمت ۽ وقار جا پيڪر هوندا آهن، ڳالهائين ته ڄڻ موتي تقسيم پيا ڪن
مسڪرائين ته ڄڻ گل پيا نڇاور ڪن جي ناز ڪن ته آسمان مان لبيڪ جي صدا ٿي اچي عاجزي
ڪن ته عرش ۾ لرزش اچيو وڃي جهان مان اهي لڏين ٿا مگر انهي شان سان جو طرفين کان
آهون ۽ سڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، زمين ۽ آسمان به شريڪ غم هوندا آهن انسانيت جو جهنڊو
نمي پوندو تاريخ پنهنجي وقت جي وهڪري کي بدلائي ٿي ۽ قوي محل ۾ زلزلو اچيو وڃي آهه
اان جي شيخ حضرت مولانا نور محمد سجاولي جو لاڏلو ۽ محبوب شاگرسد استاد العلماء،
شيخ الحديث جامع المعقول والمنقول محدث العصر مولانا سائين عبدالغفور قاسمي رحه
اسان کان جدا ٿي اسان جي نگاهن کان اوجهل ٿي ويو ملت جو شيرازو ٽٽي ويو صبر ۽ سڪون
به هليو ويو، هن سانحي تي ڪير اشڪبار ناهي؟ ڪير دل فگار ناهي، دارالفيوض القاسميه
۽ دار الفيوض الهاشميه مدرسي جو روح روان موڪلائي ويو، مولانا قاسمي رحه خير،
سچائي، شرافت ۽ محبت جو عملي مجسمو هو ۽ فطرت سليمه جو نمونو پڻ ۽ مثالي داعي جي
وصفن ۽ ڪمالات جو آئينو هو، سنڌ ۾ ويجهڙائي ۾ هن قسم جي متحرڪ، مضطرب ماڻهن جي دين
۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ سرگرم ۽ اسلامي دعوت لاءِ فنا ٿيندڙ شخصيت پيدا نه ٿي گهڻو
وقت سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ دعوتي مقصد لاءِ گذارڻ سرد ۽ گرم هر قسم جي حالتن ۾ دعوتي
جذبي ۽ تحرڪ ۾ ڪمي نه اچڻ ڏيڻ دنيا ۽ دنيا جي سامان کان بي پرواهه ٿيڻ سڄي زندگي
سادگي ۾ گذارڻ رزق جي معاملي ۾ توڪل قناعت ۽ زهدتي عمل پيرا ٿيڻ طويل سفر طي ڪرڻ
وڏا اوجاڳا ڪري رات ڏينهن مسلسل دورن ۾ رهڻ ڪا ٿڪاوٽ يا بوريت جو احساس نه هئڻ
ماڻهن سان والهانه محبت ڪرڻ گلا ۽ غيبت ٻڌڻ کان پرهيز ڪرڻ ديني معاملن ۾ غيرت جو
هجڻ صبر تحمل ۽ بردباري جي وصف جو هئڻ ماڻهن ۽ شاگردن جي ذهني صلاحيتن مطابق ساڻن
ڳالهائڻ هر سنت تي ذوق ۽ شوق سان عمل پيرا ٿيڻ غير ضروري ۽ فضول گفتگو کان پرهيز
ڪرڻ هر تقرير عملي نرالي ۽ منفرد هجڻ جيڪو شخص هڪ ڀيرو ٻڌي وٺي اهو مسلسل تقرير
ٻڌڻ لاءِ مشتاق رهي رياءَ ، ڏيکاءَ ، عزت ۽ شهرت کان پري پڄڻ گهڻن لقبن جيئن علامه
مولانا ڦلاڻا ..... ڦلاڻا ......... نه لڳائڻ جيئن بزرگ جي آمد وقت اٿي بيهڻ بزرگ
جا هٿ پير چمڻ پيرين پوڻ سائين جي سامهون منقبت جي نالي سان تعريف ۽ توصيف ۾ حد
کان وڌيڪ مبالغو ڪرڻ يا خدائي وصفن ۾ شامل ڪرڻ يا فنا في الشيخ جو اهڙو تصور
مولانا سائين قاسمي وٽ اهڙي قسم جي ڪابه خرافات موجود نه هئي، غريب مسڪين مارو
ماڻهن جي ٻارن لاءِ ديني تعليم جو شوق اجاگر ڪرڻ انهن کي مدرسن ۾ داخل ڪرائڻ اِهي
اُهي وصفون آهن جيڪي سائين قاسمي رحه جي اعليٰ شخصيت ۾ موجود هيون، مولانا سائين
قاسمي رحه منهنجي والد (مولوي حاجي عبدالله) جو استاد هو منهنجي والد صاحب ۽ ڀائرن
جي تربيت ۾ سندن اهم ڪردار ۽ دعاڳو هئا پاڻ هڪ جامع الصفات بزرگ پنهنجي اخلاق ۽
ڪردار ۾ سلف الصالحين جو نمونو ۽ پنهنجي بعض خاصيت ۾ منفرد ۽ مثالي فرد هئا، سندن
زندگي ۽ موت حقيقت ۾ هن آيت سڳوري. اِن صلاتی و نسکی و محیای و مماتی للہ رب
العالمین جي مطابق هئي پاڪستان خصوصن سنڌ جي سر زمين مان ڪو
اهڙو وفا شعار اخلاص ۽ يقين جو پڪو ۽ پرجوش دين جو خادم شايد ئي ڪو ٻيو اٿي، سائين
قاسمي حق جي پانڌيئڙن جو سالار ۽ اسلام جي خادمن جو سرواڻ هو، مشڪل حالتن ۾ هن سڄي
عمر اقامت دين جي لاءِ مسلسل ۽ لڳاتار جدوجهد ڪئي، نه وري دنيا ڪمائڻ جي لاءِ
پنهنجي دل ۾ آرزو رکي عملي زندگي جي طويل سالن ۾ ڪنهن به ڪونه ڏٺو ته هن پنهنجي
ذات يا پنهنجي ڪنهن ذاتي مسئلي يا ڪنهن ذاتي پريشانيءَ جو ڪڏهن به ڪنهن سان ذڪر ڪيو هجي معلوم ٿيو ته هو پنهنجي ذات جو اعليٰ ڪووجود هو، سائين قاسمي رحه جي هڪ اهم وصف جنهن ۾ ساڻس سنڌ
جو ڪو ٻيو عالم مقرر سندس علمي تقرير ۾ ثاني ناهي۔ اها آهي ته ديني حميت ۽ اسلامي
غيرت جي معاملي ۾ سائين قاسمي رحه ڪنهن به مصلحت حڪمت ڪمزوري ۽ مصلحت جو قائل نه
هو، اسلام ۽ ملت اسلاميه کي نقصان پهچائيندڙ قوتن جي باري ۾ سندس حس نهايت تيز هئي ، جنهن به سياسي علمي ۽ ادبي شخصيت جي باري ۾ کيس معلوم ٿي وڃي ته هو
پنهنجي صلاحيتن ذريعي اسلام ۽ اسلامي مقصد کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ نوجوانن کي
خراب ڪري رهيو آهي ۽ قوم ۽ ملت جي تعمير ۾ غلط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته اهڙي شخص
سان محض اسلام خاطر وير رکڻ اها سندس مزاج جي خاصيت هئي.
پاڻ خوبصورت درميانو قد سفيد ريش بزرگ هئا ڪير جيڪڏهن ڏسي
ته اک هٽائڻ جي ان جي دل نه ڪري رنگ گورو سرخي مائل هو منهن مان نورانيت ٽپڪندي
هئي چهرو بارعب هو ڪاوڙ جي حالت ۾ چهري تي جلال جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، سندن
مٿي تي عربي طرز وارو ڳاڙهو يا اڇو رومال ٻڌل ڪري هميشه سفيد ڪپڙا پاتل ڄڻ ڪنهن
آسمان تي چنڊ چمڪندو هجي.
سائين قاسمي رحه سن 1942ع ۾ مولانا سائين محمد قاسم ميمڻ جي
گهر ۾ پيدا ٿيو انهي ڪري پاڻ قاسمي لقب سان مشهور آهن، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ
گجو مان حاصل ڪيائين اسڪول ۽ ناظره تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهايائون مولانا محمد
ابراهيم باب الاسلام مدرسي واري جو والد عبدالله صاحب سائين کي ٽنڊي قيصر وٺي آيو
اتي درس نظامي جا شروعاتي ڪتاب هڪ سال تائين اتي پڙهيا ان کان پوءِ وري سجاول واپس
آيا ۽ سنڌ جي گمنام بزرگ ليڪن نامور عالم دين مولانا نور محمد رحه صاحب جي مدرسي
دارالفيوض الهاشميه ۾ باقي ڪتاب پڙهيا سائين مولوي نور محمد رحه جو شمار ان دور جي
محقق علمائن ۾ ٿيندو هو پاڻ ذهانت ۽ علمي استعداد سان گڏ اخلاص متقي للاهيت سادگي
۽ گوشه نشيني ۾ به اڪابر اسلاف جو هوبهو
نمونو هئا، اتان پڙهي پوءِ پاڪستان جي مشهور و معروف ديني درسگاهه جامعه علوم
اسلاميه علامه بنوري رحه ٽائون ۾ مولانا انور شاهه ڪشميري جي علمي جانشين محدث
العصر حضرت علامه مولانا سيد محمد يوسف بنوري رحه وٽ پڙهي ڪري 1964ع دستار ٻڌي
فارغ التحصيل ٿيو.
حضرت علامه بنوري رحه صاحب جي ڪافي شاگردن مان سائين قاسمي
رحه هوشيار ۽ محنتي هو انهي ڪري سائين کي شاگردي ۽ فيوض مان بي شمار علمي دولت
نصيب ٿئي ۽ جي نگراني ۽ سرپرستي ۾ تحقيق ۽ درس جو موقعو مليو ۽ نبو رحه صاحب جن جو
قرب ۽ اعتماد ايتري قدر حاصل ٿيو، جو انهي کيس پنهنجي مدرسي ۾ مدرس رکڻ چاهيو پر
پاڻ پنهنجي استاد مولانا نور محمد رحه جي چوڻ تي پنهنجي شهر ۾ ئي رهڻ لڳا ۽ اتي
استاد مقرر ٿيا، پاڻ پنهنجي استاد نور محمد جي وفات کان پوءِ انهن جي مسند سنڀالي
مولانا سائين قاسمي رحه انهي ڳري ذميداري کي قبول ڪيو ۽ پنهنجي اعليٰ ذهانت فهم ۽
نرم مزاجي سان مدرسي جي وقار ۽ معيار کي نه صرف برقرار رکيو پر انهي ۾ چڱو خاصو
اضافو به ڪيائون، سندن دؤر ۾ جامع جون ڪيتريون ئي نيون شاخون قائم ٿيون، جيڪي خود
مستقل مدرسن جو درجو رکن ٿيون) هڪ شاخ ضلعي ميرپور خاص موري تي مدرسه دار العلوم
فاروقيه مهتم مولوي ابراهيم مهر ۽ ٻيو ضلعي ٽنڊي الهيار سلطان آباد اسٽاپ ۾ مسجد
عرفات سان گڏ مدرسه دارالعلوم جامع فيض القرآن قاسمي مهتمم مولوي حفيظ الرحمان فيض
جو بنياد پنهنجي هٿن مبارڪ سان رکيائون ۽ جامع سان گڏ پڻ نئون مدرسو عاليشان دار
الفيوض قاسميه جي نالي سان قائم ڪيو، جيڪو پاڻ جن جو عظيم صدقه جاريه آهي ۽ 42
سالن تائين بخاري شريف جهڙو عظيم ڪتاب پڙهائيندا رهيا، هزارين علماء ان مدرسي مان
فراغت حاصل ڪئي ۽ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ علمي فيض پکيڙي رهيا آهن.
مولانا سائين قاسمي رحه ختم نبوت ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪندو
هو، ختم نبوت ته سائين جن جي جان هئي جتي به قادياني پنهنجي باطل فرقي جي تبليغ
ڪندا هئا، اتي سائين تعاقب ڪري اوسيتائين پهچي ويندا هئا، مولانا شهيد مفتي جميل
خان سان گڏ لنڊن ختم نبوت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائون، اتي سائين جن هڪ حديث:
انا اولھم فی الخلق و آخرھم فی البعث
تي خطاب ڪيو اهو خطاب نه هو پر علم جو سمنڊ موجون هڻندڙ هو،
مجمع تي ڪيفيت طاري ٿي وئي پورو مجمع گوش برآواز هو تقرير خطاب جي ختم ٿيندي
مولانا محمد يوسف لڌيانوي شهيد جن سائين جي مٿي تي چمي ڏنائين ۽ فرمايائين اوهان
جي خطابت جي پويان ڪنهن بزرگ جو هٿ ۽ دعا آهي، سائين قاسمي رحه جن جواب ڏنو ته
اوهان صحيح فرمايو ۽ وڌيڪ پڇيائين ته مولوي نور محمد کي مون ڏٺو ڪونه هو پر مون کي
ٻڌاءِ تون ان جو شاگرد آهين ته مولوي ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو. قاسمي (هڪڙي حديث پڙهي
۽ چيائين ٻڌ لڌيانوي صاحب نبي سائين ﷺ کان
صحابه رضه پڇيو يا رسول الله توهان کي ماڻهو ڪهڙو ٿو وڻي. چيائون:
ان اغبت اولیائی عندی لمؤمن خفیف الحاذ ذو حظ، من الصلواۃ احسن عبادۃ ربہ و عطاءہ فی
السروکان غامضا لایشار الیہ بالا صابع و
کان رزقہ کفافا فصبر علی ذلک ثم نقد بیدہ و قال عجلت میتۃ وقلت بواکیہ وقلت تراثہ
او کما قال رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم
مون مولانا کي چيو مولانا صاحب ٻڌ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايائون لمؤمن مومن هجي خفيف الحاذ هلڪي
پٺ وارو هجي دنيا جي دولت جو ان تي بوجهه نه هجي ذوحظ من الصلاة جنهن جي زندگي جو
وڏو حصو نماز هجي احسن عبادة ربه الله جي عبادت اخلاص سان ڪندو هجي رات جي اونداهي
۾ ڪندو هجي و عطائه في السر نيڪي لڪ ۾ ڪندو هجي ظاهر ظهور ريا واري نه ڪندو هجي
وڪان غامضا گمنام هجي لايشار بالا صابع آڱر سان اشارو ان طرف نه ڪيو وڃي وڪان رزقه
ڪفافا روزي ان جي مختصر حلال واري هجي ان تي صبر ڪندو رهي ثم نقد بيده پوءِ نبي سائين
ﷺ جن چپٽي وڄائي . پاڻ فرمايائون مون کي
اهو ٿو وڻي جنهن موت جي تيار ڪري ڇڏي هجي، قلت تراثه وقلت بواڪيه روئڻ واري ڪا
ايڪڙ ٻيڪڙ هجيس، گهر خالي هجيس اهو مون کي وڻي ٿو، حديث جي ڪابه اهڙي صفت ڪانه هئي
جيڪا اسان جي سائين استاد تي سچي نه ايندي هجي نه گهر پنهنجو نه بسترو پنهنجي
ننڍڙي هڪڙي ڦاٽل ملتاني جتي ٻه جوڙا ڪپڙن جا ٻه چادرون احرام واريون ڪفن لاءِ
رکيون آهن، ڪپڙا ٻڌي مٿي تي رکيا آهن، گهر خالي آهي نه ڪنهن جو قرض نه کيسي ۾ پئسو
نه ان ۾ اهڙي ڳالهه هئي ٻي آني جي ننڍڙي مڇي وٺي پاڻي ۾ رڌي کائڻ وارو بس مڪانا
غامضا مولانا لڌياني ٻي ڳالهه ٻڌ استاد صاحب مدينه پاڪ ۾ بيمار ٿي پيو. آئون ان
سان گڏ هيس مون کي چيائين مرڻ کان پوءِ ڪنهن جا اخبار ۾ وڏا نالا ڇپجن ٿا تعزيتي
جلسا ٿا ٿين انهن کان توبه آهي، متان قيامت جي ڏينهن الله سائين پڇي ته تون ايڏو
وڏو ٿي ويو آهين ڇا؟ تنهن لاءِ نڪو اخبار ۾ بيان هجي نه ڪو تعزيتي جلسو هجي دنيا
کي پتو به نه پوي ته نور محمد هو يا ڪو نه هو اهي ڳالهيون ٻڌي لڌيانوي رحه جي اکين
۾ پاڻي اچي ويو، سائين قاسمي رحه سنڌ جي پراڻن عالمن جي آخري نشاني هو، خاص طور
معقولات ۽ منقولات جي علم ۾ سندس ٻيو ڪو ثاني نه هو، سلف جي عالمن جي علمن جو وارث
هو، سندس شخصيت ۾ ڪي وصفون ته اهڙيون هيون
جنهن سبب کيس پاڪستان جي علم ۽ فضل جي صاحبن جي تاريخ ۾ اهم جاءِ حاصل رهندي، هڪ
ته اها ته هن 50 سال کن درس ۽ تدرريس ۽ ديني علمن جي فروغ ۾ خرچ ڪيا درس ۽ تدريس
سندس مزاج جو اهڙو حصو بڻجي چڪو هو، جو سخت ڪمزوري جي باوجود هو درس ۽ تدريس جي ڪم
۾ ناغو ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ذيابيطس (شگر) جي ڪري سندس هڪ پير به وڍيو ويو پر ويل
چيئر تي به هلي اچي شاگرد کي سبق پڙهائيندا هئا، وڏي ڳالهه ته پنهنجي هٿان خرچ ڪري
بنا ڪنهن پگهار جي محض هڪ ديني خدمت سمجهي هن قديمي علمي اداري سان وابستا رهيا
پاڻ جڏهن بلاغت جا ڪتاب مختصر ۽ مطلول پڙهائيندا هيا، ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪتابن جو مصنف علامه تفتا زاني ڳالهائي رهيو
آهي، منطق ۽ فلسفي پڙهائڻ وقت ڄڻ ته شيخ رئيس بو علي سينا اڳيان ويٺو آهي، اهڙي
ريت هر علم ۾ محسوس ٿيندو هو، هي ڪو لٻاڙ يا مبالغو ڪونه هو جن سائين جن وٽ علم
پڙهيو آهي، ڄاڻن ٿا انهي ڳالهه جي تصديق
انهن ڪري سگهون ٿا. سائين لاءِ ڄڻ اهي ڪتاب عام درجي جا هجن، علمي حيثيت ڪنهن کان
لڪيل نه هئي، شيخ الحديث ته هئا ان سان گڏ شيخ القرآن ۽ ٻين لفظن ۾ جامع المعقول
والمنقول به هئا، علم عقليه ۽ علم نقليه جا به امام هئا، جنهن سان مقابلو ڪرڻ ڪنهن
جي وس جي ڳالهه نه هئي، مولانا سائين قاسمي رحه معقولات جي تعليم مولانا سيد فيض
شاهه ۽ مولانا عبدالخالق رحه ڪبير والا کان حاصل ڪئي هئي.
سائين قاسمي تقرير ڪرڻ جو بادشاهه هو شهباز خطابت هو، مون
کي سائين رحه جي ڪافي جلسن ۽ مجلس ۾ شريڪ
ٿيڻ جو موقعو مليو آهي، جيڪي چند ڪلاڪ جون مجلسون ۽ جلسا هئا، انهن ۾ هر مجلس قرآن
مجيد ۽ حديث رسول مان نصيحت سان گڏ دلچسپ مثالن ۽ نقلن سان مزين هوندي آهي، باقي
اهل علم جي جلسن ۾ تقرير علمي ۽ تحقيقي هوندي آهي، مولانا صاحب صرف هڪ رواجي مولوي
نه هو، بلڪ مدبر سياست دان به هو، سندس سياسي تعلق جميعت علماءِ اسلام (ف) سان هو،
پاڻ جن جميعت جو صوبائي ناظم اعليٰ به رهيو. ٻه ڀيرا قومي اسيمبلي ۽ هڪ ڀيرو
صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن به وڙهيو، سندس تقرير ۾ بصيرت ۽ بصارت جا اهڙا ته
قيمتي موتي ۽ نڪتا بيان ڪيل آهن، جو دل چاهيو ته مولانا جا اهي ملفوظ قلمبند ڪيا
وڃن، جنهن سان سنڌ جي بزرگ جي ملفوظن جو بهترين ڪتاب مرتب ٿي سگهي، تنهن لاءِ سن
2004ع ۾ سائين سيد محمد حسين شاهه جي وڏي
محبت ۽ جفا ڪشائي توجه ۽ نظر داري سان “خطبات قاسميه” جلد اول تيار ٿيو، افسوس سان
چوڻو ٿو پوي ته 40 ــ 35 سالن کان وٺي مجلسن ۾ سائين جي ڪيل فڪر انگيز ملفوظن نڪتن
کي ڳالهين کي محفوظ نه ڪيو ويو، سائين جي ملفوظن نڪتن کي محفوظ ڪرڻ اهو سندس حلقي
سان وابسته باصلاحيت فردن مٿان اهل سنڌ جي پاران هڪ قرض آهي، جيئن ته انهن ملفوظن
۾ قيمتي ڳالهيون ۽ اعليٰ معلومات موجود آهي. سائين قاسمي رحه جا شاگرد پوري
پاڪستان ۾ سج جي ڪرڻن وانگر پکڙيل آهن، جنهن جا نالا ربيع الاول واري پرچي الفاروق
۾ لکيل آهن، جيڪي سائين جي ڏنل علم جي فيض کي پکيڙي رهيا آهن، بهرحال حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته موت هڪ پل آهي، جيڪا ٻانهي کي
پنهنجي رب سان ملائي ٿي اسان کي به يقين آهي ته هي چوڏهين صدي جو عالم شيخ الحديث
ضرور پنهنجي وڇڙيل لشڪر ۾ شامل ٿيو هوندو، جن الله رب العزت جي بارگاهه ۾ سندس
سفارش ڪئي هوندي، حياتي جا آخري ڏينهن بيماري ۾ گذاريا، آخر ۾ وات جو ڪينسر ٿيو،
جنهن سبب آپريشن به ڪيو ويو، پر 20 محرم الحرام 1435هه بمطابق 25 نومبر 2013ع بروز
سومر تي هن فاني دنيا مان رخصت فرمائي ويا، هزارين اکيون غمگين لاتعداد دليون الم
۽ فراق کان پريشان ۽ ڪيترائي چهرا افسردگي جو نمونو بڻيل هئا، پر تصور جي نظر دل
کي سڪون ڏئي رهي هئي، نگاهه مومن ڏسي رهي هئي ته الله جا پاڪ فرشتا شيخ الحديث
سائين قاسمي رحه جي پاڪيزه روح کي مخمل جي پردن ۾ وڏي لطف ۽ عنايت سان ويڙهي عالم
بالا طرف محو پرواز هئا، بهشت ۾ موجود پهرين کان پاڪ نفوس ان جي استقبال لاءِ بي
قرار هئا.
سائين قاسمي رحه جي جسد خاڪي کي ڪراچي کان سجاول آندو ويو،
جتي آخري ديدار لاءِ مڙهه کي جامعه قاسميه
۾ رکيو ويو، مغرب کان پوءِ جنازي جي نماز مولوي محمد صالح الحداد سجاولي جن
پڙهائي، اهو سنڌ خصوصن سجاول جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جنازو هو، سائين جي شاگردن،
مائٽن ۽ هزارن جي تعداد ۾ عالمن، قارين، مفتين حافظن ۽ شهر واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت
ڪئي، ڪراچي، پنجاب، خيبر ۽ بلوچستان جي عالمن جو وفد به شريڪ ٿيو، سندس وصيت مطابق
مصري شاهه قبرستان ۾ پنهنجي استاد مولانا نور محمد رحه جي پهلو ۾ هن دين ۽ ملت جي
عظيم سپاهي کي ڏک صدمي ۽ سڏڪن ۾ قبر ۾ لاٿو ويو.
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺيءَ، ساريندي کي سڄڻين.
هن وقت پوري پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا مان تعزيتي خطوط پيغامات
۽ دعا لاءِ ايندڙ ماڻهن جو سلسلو جاري آهي، عوام جي وڏي تعداد ۾ آمد ۽ سائين قاسمي
رحه سان محبت ۽ عقيدت جي اظهار کي ڏسي خلق خدا ۾ سائين جي محبوبيت جو ثبوت ملي ٿو،
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته انهن عالمن، حافظن ماڻهن جي شاهدي کي سائين قاسمي جي
حق ۾ قبول فرمائي ۽ ان کي پنهنجي خصوصي رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي سندس درجات بلند
ڪري “آمين” سائين قاسمي رحه ديني اصلاحي تقريرن جي مجموعو جلد اول جون چند ڪاپيون موجود
آهن.
سائين قاسمي رحه جون حياتي ۾ ڪيل يادگار تقريرون
· رب جي رحمت
· خالق جي ڳولا
· معلم انسانيت
· مقام ختم نبوت
· جزا ۽ سزا
· سيرت المصطفيٰ ﷺ
· شان صحابه
· قانون الاهي
· ختم بخاري شريف
· مال ۽ جان جي تجارت
· شان قرآن ڪريم
· نظام فطرت
· شان فاروق اعظم
· عالمگير نبوت
· جذبو جهاد
· نار جي جنگ
· سيرت النبي ﷺ
|
· افتتاح ختم بخاري
· ميدان محشر
· الله جو احسان
· مدرسي ۽ ڪاليج ۾ فرق
· امن ريلي
· حقيقت
· معراج شريف
· بريلويت جو آپريشن
· نڪاح ۽ شادي
· عورتن جي عظمت
· محسن انسانيت
· اليڪشن 88ع
· حڪومت ۽ نبوت
· ديني علوم
· عقل مندي
· سچو سرور
|
ايڊريس:
هيڊ ماستر صادق فقير خاصخيلي
هائوس نمبر 170 محلا رحيم نگر نزد غوثيه مسجد ميرپور خاص
03332953009
فهرست Index
Comments
Post a Comment