عورتن جي طوھر جي رسم
ايئرپورٽ تي بوهري جماعت جا ڪافي مرد، عورتون ۽ ٻارڙا
پڻ نظر آيا. هتان ئي شايد انهن کي انڊيا وڃڻو هو. ڇو ته انڊيا ۾ بوهرين جو وڏو
اجتماع ٿيڻ وارو هو. بوهرين جي چوڻ آهي ته انهن جي مرشد انهن کي منع ڪئي ته آهي
اهي نوڪريون نه ڪن. بلڪ اهي پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪن. ان ڪري هر ڪاروباري بوهري ڪروڙ
پتي آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته سٽي ڪورٽ جي پاسي ۾ ئي بوهرين جي وڏي عبادت گاهه
آهي، جن مان اڪثريت ماڻهن جي ڪاروباري آهي. ان کان علاوه ڪراچي ۾ صدر ۾ پڻ هنن جي
تمام وڏي عبادت گاهه آهي. بوهرين جي عورتن جي باري ۾ آهي ته اهي پنهنجين عورتن جي
زناني عضوي جو طوهر ڪرائي ڇڏيندا آهن ته جيئن انهن ۾ شهوت جو جراثيم مري وڃي.
سدائين برقعي ۾ نظر ايندڙ بوهري عورت جي پريم ڪهاڻي ڪنهن ورلي ٻڌي هوندي.
Circumcision) عربي
۾ مردن جي طوھر لاءِ خطن (khitan) ۽ عورتن جي طوھر لاءِ خفد (khafd) لفظ استعمال ڪندا آهن.
لفظ طوھر طھارت يا پاڪائي مان نڪتل آهي. مردن جو طوھر ھڪ جراحي يا سرجري وارو عمل
آھي، جنھن ۾ مرد جي جنسي عضووي جي چوٽي ۾ زائد کل کي گولائي ۾ ڪٽي ڌار ڪيو ويندو
آهي.
طوھر جي رسم وڏي پيماني تي آسٽريليا ۽ آفريڪا جي
اصل قديم رھاڪن ۽ مخصوص مذھبي گروھن جھڙوڪ مسلمانن، يھودين ۽ عيسائين ۾ مروج آھي.
موجوده دؤر ۾ طوھر صحت صفائي جي لاءِ ڪرايو وڃي ٿو پر شاھدين مان پتو پئي ٿو ته ان
جي ڪرائڻ جا کوڙ ٻيا سبب آھن. بائيبل جي روايت مطابق طوھر خدا جو ابراھيم، ان جي
اولاد ۽ عبرانين سان ھڪ عھد آھي. اسلام ۾ طوھر سنت آھي ۽ ھر مرد مسلمان لازمي طور
تي جسم جي پاڪائي لاءِ ڪرائيندو آھي. قرآن ۾ طوھر لاءِ خدا جي عھد واري روايت
موجود ڪانه آھي نه وري مسلمان ان روايت کي مڃن ٿا. عالمن مطابق طوھر جي رسم اسلام
کان اڳ عربستان ۾ رائج ھئي ۽ اسلام به ان کي قبول ڪيو. قرآن ۾ طوھر جو ڪوبه ذڪر ڪونھي
پر حديث ۾ ان جو ذڪر ٿيل آهي.
ھڪ حديث ۾ ذڪر ٿيل آهي ته ابراهيم طوھرڪرايو ھيو.
فقيھن مطابق اھو سنت يا واجب ۾ اچي ٿو. طوھر ھاڻي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ڪندا آهن. ڪافي
مسلمان علائقن ۾ حجم به اھو ڪم ڪندا آهن. ڪن مسلمان معاشرن ۾ ڄمڻ کان يا بالغ ٿيڻ
کان ستين ڏينھن تي طوھر ڪرايو ويندو آهي. ترڪي ۾ طوھر اسپتالن م ڊاڪٽر ڪندا آهن ۽
ان لاءِ عمر 6 يا 7 سال ھوندي آھي. ڪن معاشرن ۾ طوھر لاءِ وڏو جشن ڪيو ويندو آهي
جنهن ۾ طعام پڻ کارايا ويندا آهن. ڪٿي وري شادي سان گڏ طوھر جو جشن به ملهايو
ويندوآهي.
عورتن جي طوھر جي رسم
ان رسم کي طب ۾ ڪلٽورڊيڪٽومي (clitoridectomy) چوندا آهن ۽ انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ان کي زناني جنسي عضوي جي بگاڙ (Female Genital Mutilation) ۽ مختصرن FGM چون ٿا ڇوته انھن مطابق ان طوھر سان عورت جي جسماني ۽ جذباتي نقصان ٿيڻ ڪري مريض ٿي ويندي آهي. اھا رسم مسلمانن ۾ ننڍي پيماني تي مروج آهي ۽ مسلمانن جي اڪثريت ان کي قبول نه ڪندي آهي. اصل ۾ اھا اتر آفريڪا ۽ صحارہ ريگستان جي ڪجهه علائقن جي ھڪ قديم رسم آھي ۽ ان کي بعد ۾ ان علائقن جي عيسائين ۽ مسلمانن به اپنايو. ڪجهه اسلامي فقيھن ان رسم کي لازمي قرار ڏنو ۽ انھن مطابق ته عورت جي عضوي ۾ لبن (clitoris) جي چوٽي کي ڪٽرائڻ کپي. ڪن ھنڌن تي ته جنسي عضوي جو پورو ٻاھريون حصو ڪٽيو ويندو آهي. ان طريقي جي طوھر جي فقيھن مخالفت ڪئي آھي ۽ سندن خيال مطابق ان قسم جو طوھر علائقائي رسم مطابق ٿئي پيو. عورتن جو طوھردايون،حجم وغيره ڪندا آهن. ان طوھر ۾ انفيڪشن ٿيڻ جو امڪان تمام گھڻو ھوندو آھي ڪڏھن ڪڏھن ته سنگين خرابيون ٿي وينديون آهن. مردن جي طوھر وانگر عورتن جي طوھر کي به پاڪائي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان کي شادي لاءِ ان جي تياري سڏيندا آهن. عورتن جي طوھر ۾مردن وانگرجشن يا خوشي ڪانه ڪئي ويندي آهي. الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ ۾ آفريڪا جي عورتن جي طهر بابت دلچسپ معلومات ڏيئي ٿو.
هو پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 127 کان صفحي نمبر 132 اهڙي معلومات پڙهندڙ کي ڏيئي
جنهن ۾ پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو ۽ سوچي ٿو ته ڇا ائين به ٿيندو آهي؟.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment