مخدوم قلندر لعل شهباز - ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
مخدوم قلندر لعل شهباز
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
سنڌ ۾ گهڻيئي درگاهون هاڪاريون آهن. مگر مخدوم قلندر لعل شهباز جي
درگاهه سڀني ۾ برکه آهي ۽ سيوهڻ جي شهر جو سچو پچو سينگار آهي. انهي سهڻي ۽ مقدس
درگاهه جي سائينءَ جو نالو سيد عثمان رحمة الله عليه آهي. هو سنه 538 هجري ۾ ايران
جي ملڪ ۾ تبراز طرف مروند جي شهر ۾ ڄائو هو ۽ نپنو به اتي هو، تنهن ڪري “مروندي” سڏبو
آهي. هن جو والد مخدوم سيد ڪبير شاهه صاحب هو جو تبريز جي بادشاهه جو وزير هو.
سندس مقبرو اڄ تائين مروند ۾ آهي، جتي گهڻا ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. هي حسيني
سيد آهن. سندن شجرو تيرهين پيڙهيءَ حضرت امام جعفر صادق علي السلام تائين پهچي ٿو.
قلندر
صاحب بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄمڻ وقت ئي سندس پاڪ پيشاني چنڊ وانگر چمڪي ٿي ۽
سندس بدن مبارڪ نوراني هو ۽ اهو تجلو توڙ تائين هليو آيو. هن ننڍڙي عمر ۾ عربي علم
جو تحصيل ڪيو ۽ ستن ورهين جي ڄمار ۾ ئي قرآن شريف جو حافظ ٿيو. هن کي پارسي علم جو
به چڱو محاورو هو ۽ شهر جوڙڻ جي ڏات به هيس. سندس پارسي ڪلام موجود آهي.
قلندر لعل ننڍي هوندي تي ڪرامت جو صاحب ٿي ساماڻو،
هو اڃا يارهن ورهين جي ڄمار جو مس هو ته انڌن کي سڄو ڪيائين، گونگن جي زبان
کوليائين ۽ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي طاقت بخشيائين. ايتري روحاني طاقت هوندي به هن پنهنجي
مولا کي ملڻ لاءِ مرشد ورتو. سندس مرشد حضرت بابا ابراهيم رحمت الله علي دهليءَ
وارو هو جو حضرت شاهه جمال مجرد جو خليفو هو ۽ قلندر لعل شهباز پاڻ به ننڍي هوندي
شاهه جمال وٽ پڙهيو هو.
مرشد جي مهربانيءَ سان قلندر لعل سگهيو ئي چڱي
پد کي پهتو ۽ پوءِ عام خلق کي فيض رسائڻ سانگي هو اباڻو گهر ڇڏي جدا جدا ملڪن جو
سير ڪرڻ لڳو. هو اول بغداد ۾ ويو جتي بادشاهه سيد علي هن جي نهايت گهڻي مرحبا ڪئي
۽ هن کي عرض ڪيائين ته دائمي منهنجي درٻار ۾ رهي پئو. قلندر لعل اها ڳالهه قبول نه
ڪئي ۽ جلد ئي بادشاهه کان موڪلائي ايراني نار ڏي ويو ۽ پوءِ گهمندو ڦرندو هندستان
۾ آيو.
سنه 711ع ۾ جڏهن محمد قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن
کان وٺي ڪيترن مسلماني ملڪن جا عالم سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌ کي رڱيدا پوءِ پنجاب ۽ ٻين
پاسي رمندا ويا جنهن ڪري سنڌ پيرن جو گهر ٿي پيئي. قلندر لعل شهباز جي وقت ۾ به ٿورا
ٿورا جنگه اولياءَ دهلي، ملتان ۽ ٻين پاسي هئا. قلندر لعل پنجاب پاسي ويو ته اتي ٽي
ڄڻا سندس ڳوڙها يار ٿيا. ڪي چون ٿا هندستان ۾ اچڻ کان اڳه هنن جي ياراڻي هئي. ڪئن به هجي پر اها چوياري اڄ تائين
مشهور آهي. قلندر لعل جو هڪڙو يار مخدوم جلال جهانيا هو جنهن کي عام طرح بخاري پير
ڪري سڏيندا آهن. سندس ٻيو يار شيخ فريد شڪر گنج هو جنهن جي اولاد مان ٻيو شيخ فريد
ٿيو جو گرونانڪ صاحب جي ڏينهن ۾ هو.”
فريدا جو تيڏي کڏ کڻي اُسدي تون راهه سنڀار
او آپي پئسي کڏ وچ تون لنگهي پئسين پار”
هي ۽ ٻيا ڪيترا سلوڪ جنهن شيخ فريد جا چيل آهن
تنهن جو ڏاڏو شيخ فريد شهباز قلندر صاحب جو ٽيون يار شيخ بهاوالدين ذڪريا ملتاني
هو. سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه مسلمان مشڪل لڀندو جو هنن چئن يارن کي عزت جي نظر سان نه ڏسندو
هوندو. سنڌ جا سڀيئي صوفي به هنن چئن يارن کي وڏي تعظيم ڏيندا آهن جو اُهي چار ئي
صوفي مذهب جا هئا. صوفي طريقو هڪ اهڙو وسيع ميدان پيدا ٿو ڪري جنهن ۾ هندو، مسلامن
۽ ٻيا مختلف مذهبن جا ماڻهو سولائيءَ سان هڪ ٻئي کي ملي سگهن ٿا. هي چار ئي يار
هندو مسلم الحاد جا گويا اوتار هئا ۽ جتي جتي پير ئي پاتائون نتي محبت ۽ ميلاپ
پيدا ٿي ڪرايائون ۽ گمراهن کي راهه حق جي ئي بتايائون.
قلندر شهباز جي ڏينهن ۾ ملتان جو حاڪم خان شهيد
هو جنهن کي محمد به ڪري ڪوٺيندا آهن. هي بادشاهه غيات الدين بلبلن جو پٽ هو ۽
درويشن جي صحبت جو ڪوڏيو هو. هن کي درويش سان اهڙي دل هوندي هئي جو هنن جي ديدار
حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ جو ڪو خيال ڪونه ڪندو هو. اها ڳالهه هن مان ثابت آهي جو شيخ
سعدي شيرازيءَ جي هڪ هاڪ ٻڌي هن کي شاهي خرچ تي هندستان ۾ اچڻ جي دعوت ڏنائين، مگر
شيخ صاحب پيري ۽ ضعف سبب دعوت قبول ڪري ڪين سگهيو. هي جيڪو پاڻ ڪهي شيراز ۾ وڃي
شيخ سعدي جي زيارت ڪري ها مگر ملتان ۾ قلندر لعل شهباز جا يار موجود هئا تن کي ڇڏڻ
تي دل نه ٿيس.
جڏهن قلندر لعل ملتان ۾ آيو ۽ هن جي قدم بوسي نصيب ٿيس تڏهن هي مڙس
قلندر شهباز کي چنبڙي پيو چي. نوازش جي نظر فرمائي مون وٽ هميشه لاءِ رهي پئو.
حضرت شهباز اها ڳالهه قبول نه ڪئي. قلندر لعل پوءِ پنهنجن يارن سان گڏ گهڻن هنڌن
جو گشت ڪيو. هو پوءِ شاهه شمس بو علي قلندر وٽ ويو. جنهن چيس ته هتي پنجاب ۾ ٽي سو
کن قلندر اڳيئي موجود آهن تنهن ڪري تون سنڌ ۾ وڃي پنهنجو ماڳ ٺاهه جو اتي قلندرن
جي گهرج آهي. حضرت لعل صاحب اها صلاح مڃي سنه 649ع هجري ۾ ملتان مان ٿيندو سنڌ ۾
آيو ۽ ان وقت سندس عمر هڪ سو يارهن ورهيه هئي.
قلندر لعل سنڌ ۾ اچي ڪيترن شهرن جو گشت ڪيو. هو
پنهنجن يارن سان گڏجي ڪراچيءَ ويو. ان وقت ڪراچيءَ ۾ منگهو پير رهندو هو. ڪراچيءَ
۾ منگهي پير جو اصلوڪو آسٿان ڪراچيءَ جي اولڊ ٽائون ڪوراٽر ۾ ڀوڄواڻي سيٺين جي
جاين جي نزديڪ آهي ۽ اهو اڄ تائين “منگهو آسٿان” سڏجي ٿو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ رڳو
ٿورا مهاڻن جا گهر هئا پر قلندر لعل اڳيئي ڄاتو ئي نه هي شهر وسندو ۽ منگهي پير جو
آسٿان شهر جي وچ تي ڪين ٺهندو. شهباز قلندر ۽ سندس يارن پوءِ منگهي پير کي شهر مان
اٿاري پنج ڪوهه پري ٽڪرن ڏي نيون. منگهي پير تي جيڪي هاڻ ڪوسي پاڻيءَ جا چشما آهن
سي چوڻ ۾ اچن ٿا ته قلندر لعل ۽ سندس يارن جي ڪرامت سان پيدا ٿيل آهن.
منگهي پير
تي کجيءَ جا وڻ تمام گهڻا آهن سي به هن چؤياري جي ڪرامت سان پاڻمرادو پيدا ٿيل چوڻ
۾ اچن ٿا. مطلب ته منگهي پير لاءِ پاڻيءَ توڙي کارڪن جو پوريءَ طرح بندوبست رکي
پوءِ شهباز قلندر ڪراچيءَ جي هاڻوڪي سولجر بازار جي پريان جيڪو سيوهڻ ناڪي وٽان شاهي رستو آهي سو وٺي سيوهڻ ۾ آيو.
سيوهڻ جي شهر جو اصل نالو “شو آسٿان” آهي. اُتي
اصل شو ڀڳوان جو هاڪارو مندر هو تنهن تان اهو نالو پيس. “شو آسٿان” نالي جو اچار
پوءِ ماڻهن ڦيرائي “سيوستان” ۽ پوءِ “سيوهاڻ” ڪيو ۽ هاڻ عام طرح شهر کي “سيوهڻ” ڪوٺبو
آهي. سنڌ ۾ هن وقت جيڪي آڳاٽا شهر جهڙوڪ ٺٽو ۽ روهڙي وغيره آهن، تن سڀني ۾ سيوهڻ
جو شهر وڌيڪ آڳاٽو آهي. اهو شهر ڪنهن سمي ڏاڍو برکه هو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شهر
هاڻي وسيا مگر هي شهر آڳاٽي زماني ۾ اهڙو وسيل ۽ آباد هو جو راجا ڀرتريءَ جو احوال
جن پڙهيو هوندو تن کي خبر هوندي ته هن کي ڪئين ويراڳه آيو هو. هي راجا ويراڳه ورتي
ڌاري گرو گورکناٿ جو وڃي چيلو ٿيو هو ۽ پوءِ فقيراڻي ويس ۾ گهمندو ڦرندو سنڌ ۾ آيو
هو ۽ سيوهڻ ۾ اچي رهيو هو. انهيءَ قديم شهر شهباز قلندر کي به ڇڪي پاڻ وٽ آندو.
سيوهڻ انهن ايندي شهباز قلندر اول شهر جي ٻاهران
هڪ باغ ۾ اچي ترسيو. اهو باغ وارو هنڌ سيوهڻ کان منو ڪوهه کن پري ڀڳي ٽوڙي پاسي
آهي ۽ اڄ تائين ان کي “لعل جو باغ” ڪري چوندا آهن. سيوهڻ سٽيشن کان پنڌ پري ٽڪر تي
هو. مڪان چئن ٿنڀن سان بريائين ڏسڻ ۾ پيو اچي ان کي “چؤ ٿنڀي” چوندا آهن. شهباز
قلندر پنهنجن يارن سوڌو اتي به اچي دونهين
دکائي هئي. مطلب ته شهباز قلندر پهريائين شهر ۾ اندر ڪين گهڙيو مگر شهر کان باهر ڪجهه
وقت گذاريائين. سيوهڻ ۾ سيد ۽ پير اڳيئي گهڻا هئا ۽ عام طرح چوندا آهن ته سيوهڻ ۾
سوا لک پير ٿي گذريا آهن.
سيوهڻ وارن پيرن کي اها ڳالهه نه وڻي ته ڪو ڌاريو درويش
اچي سندن حد ۾ ديرو ڄمائي رهي. هنن کي زبان سان ڪجهه چوڻ نه ٿيو تنهن ڪري هڪ ڳجهارت
کيس موڪليائون. چون ٿا ته سيوهڻ جي سيدن ۽ پيرن هڪ ڪٽورو کير سان ڪناڪن ڀري اهو
قلندر لعل ڏي موڪليو ۽ چيائون ته جي قلندر سڄاڻ هوندو ته اها ڳجهارت سمجهي امالڪ
پويان پير ڪري هليو ويندو. قلندر شهباز اها ڳجهارت سمجهي هڪ ڪنول جو گل انهيءَ ڪٽوري
۾ وجهي اهو ڪٽورو کير سوڌو کين واپس موڪليو تنهنجو مطلب اهو هو ته سڄو شهر درويشن
سان ائين ڀريل آهي جئن هي ڪٽورو کير سان ٽمٽار ٿيل آهي ۽ شهر ۾ اوهان جي رهڻ لاءِ
ايتري جاءِ آهي جيتري هن ڪٽوري ۾ آهي يعني جئن ڪٽوري ۾ کير لاءِ وڌيڪ جاءِ ڪونهي
تئن شهر ۾ وڌيڪ درويشن لاءِ جاءِ ڪانهي. قلندر لعل جو کير جي ڪٽوڙي ۾ گل وجهي موڪليو
تنهنجو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن شهر اڳيئي پيرن فقيرن سان ڀريل آهي جئن هي ڪٽورو کير
سان ڀريل آهي ته اسين شهر ۾ ائين رهنداسون جئن هي ڪنول جو گل کير مٿان پيو تري.
آخر ٿيو به ائين.
اڄ ڏسو ته قلندر لعل جو جهنڊو وچ شهر ۾ ڦر ڦر ڪيو پيو ورڪي ۽
جيتري شهباز جي مڃتا آهي اوتري ٻئي ڪنهن به پير فقير جي ڪانهي. قلندر شهباز سيوهڻ
۾ فقط هڪ سال رهيو. انهي ٿوري عرصي ۾ جو هي ٻين پيرن کان زور ٿي ويو تنهن ڳالهه
منجهان ئي ظاهر آهي ته هن اهڙيون ڪرامتون ڏيکاريون جو سڀني جو منجهس اعتقاد ٻجهي ويو. سندس ڪرامتن جو
ماڻهو گهڻيون ڳالهيون ڪندا آهن جن مان هڪ هيءَ آهي.
شهباز قلندر جڏهن سيوهڻ ۾ رهڻ جو پڪو ارادو ڪيو
تڏهن اتي جا سيد ۽ پير وٽس آيا ۽ چيائونس ته جيڪڏهن تون خدا جو ولي آهين ته اسان
کي ڪو معجزو ڏيکار. قلندر لعل چين ته آءُ اوهان کي ٻي ڪرامت ڪهڙي ڏيکاريان، توهين
مون سان گڏجي درياهه تي هلي نماز پڙهو. هو پوءِ سڀني کي ساڻ وٺي درياهه تي ويو ۽
پاڻيءَ جي مٿان چادر وڇائي انتي ويهي نماز پڙهڻ لڳو ته به چادر تري پي. ٻئي ڪنهن
به سيد يا پير ايئن ڪرڻ جي هام نه هنئين تنهنڪري سڀ ماٺ ڪري ويهي رهيا.
قلندر لعل
جي ڪرامتن ۽ هن جي نوراني شڪل ۽ سهڻي صورت ۽ سيرت ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏيو ۽
هندو توڙي مسلمان هنکي نمڻ ۽ مڃڻ لڳا. سيوهڻ جي هندن کي اڳي راجا ڀرٽريءَ جو نالو
گهڻو ياد هو جو اهو راجا ڪجهه وقت سيوهڻ ۾ رهيو هو جئن مٿس ڄاڻايو ويو آهي. هاڻي
شهباز قلندر کي ڏسي هندو ائين سمجهڻ لڳا ته هي راجا ڀرتريءَ جو اوتار آهي ۽ اهڙو
عقيدو اڄ تائين گهڻن جو آهي.
قلندر جيڪو وقت سيوهڻ ۾ رهيو سو سڀ وقت هڪ هندو
مڃر نالي کيس گيهه ٻڏندو مٺو ڍوڍو ڏيندو هو ۽ اهو ڍوڍو هو اٺين اٺين پهر کائيندو
هو. مڇر هندوءَ جي پيءُ جو نالو “ميرو” هو جنهن جو اولاد “ميراني” سڏجن ٿا. ميروءَ
جي ڀاءُ جو نالو “نائون” هو ۽ هن جو اولاد “ناواڻي” آهن. ميرو ۽ نائون ٻئي قلندر
لعل جا مريد هئا.
قلندر لعل کي “مخدوم” سڏيندا آهن. سنڌ ۾ مخدوم
اوائل، انهن بزرگن کي چوندا هئا جن کي پوءِ “پير” چوڻ لڳا يا جن کي ايران ۽
عربستان ۾ “شيخ سڏيندا آهن. لفظي معني موجب “مخدوم” ان کي چئبو آهي جنهن کي خادم
يا مريد هجن. قلندر لعل جا مريد ۽ معتقد نه رڳو سنڌ ۽ ڪشمير طرف پر ترڪستان، ايران
۽ ٻين پاسي به گهڻا آهن جو هن انهن سڀي ملڪن جو سير ڪيو هو ۽ سڀني هنڌ پنهنجو نانو
اهڙو ڪڍيائين جو اڄ تائين کيس اتي جا ماڻهڪو پيا مڃين. تحفته الڪرام نالي پارسيءَ
۾ هڪ ڪتاب مير علي شير قائع ٺٽي واري جو ٺاهيل آهي. اُهو ڪتاب سنڌ جي تواريخ آهي ۽
اهو معتبر تواريخن مان هڪڙو ليکبو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ مخدومن جا گهڻا خاندان ڏيکاريل
آهن. “مخدوم” لفظ جي جيڪا انهي ڪتاب ۾ معنيٰ ڏنل آهي تنهن موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائي
۽ ٻين ڪاملن کي “مخدوم” چئي سگهجي ٿو مگر جن جي بنسبت ۾ قديم کان اهو لفظ لاڳو ٿيندو
آيو آهي تن سان خاص طرح لڳايو ٿو وڃي.
حضرت شهباز کي “قلندر” چئبو آهي جنهن جي معنيٰ
آهي “درويش”. بنيادي معنيٰ موجب “قلندر” ۽ درويش جي وچ ۾ وڏو تفاوت آهي. “درويش” لفظ اصل ۾ آهي “در
آ ويخته” يعني جو دروازي تي اچي (بيکه پنڻ لاءِ). اهري طرح “درويش” معنيٰ فقير ۽
جيڪو فقير پهتل هوندو آهي تنهن کي ڪامل درويش يا پورن سنت چئبو آهي. “قلندر” لفظ
اصل ڪٿان آيو تنهن بابت هاڪاري پارسي شيخ فريد الدين عار هڪ نهايت مزي جهڙي ڳالهه ڏني
آهي. هو صاحب چوي ٿو ته هڪ لعا ڪو ماڻهو ڪن فقيرن جي دڪان وٽان اچي لانگهائو ٿيو.
فقيرن مان هڪڙي انهي واٽهڙوءَ کي سڏ ڪري چيو ته “اندر آءُ”. هو اندر ويو ۽ موٽي جڏهن
ٻاهر آيو تڏهن ننگو ئي ننگو هو. ڪن پڇيس ته هئن اگهاڙو ڪئن ٿئين؟ هن وراڻي ڏني ته
“درويش قال اندر آءُ” يعني درويش چيو ته اندر آءُ.
هن ماڻهوءَ جي انهيءَ جواب وارن
لفظن “قال اندر آ” مان ڦيري ڪيو اٿن “قالندرا” ۽ هاڻ عام طرح چئون “قلندر.” هن واٽهڙوءَ کي درويش سڏ ڪري چيو ته “اندر آءُ”
۽ هو اندر ويو ته پوءِ ٻاهر اُگهاڙو ٿي آيو. ساڳي طرح سچو قلندر اهو آهي جو دايا
اندر اچي پوءِ اُگهاڙو ٿي نڪري يعني
نفساني خواهشون جي انسان جي من کي ويڙهي ٿيون وڃن تن سڀني کي پاسي ڪري من کي ننگن ڪري
سچو پچو تارڪ هو تنهن ڪري هن کي “قلندر” ڪوٺجي ٿو. هن ڪيتري قدر دنيا کي ترڪ ڪيو
هو تنهن ڳالهه جي پروڙ هيٺين مثال مان پئجي سگهندي.
هڪ لڱا قلندر لعل پنهنجن يارن سميت سير سياحت ڪندو
ايران جي نار ڏي ويو. هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل هئا ۽ سندس ٻيڙي سير مان سڻائي لنگهي هڪ ٻيٽ
جي ويجهو آئي. انهي ٻيٽ تي شيخ جلال نالي هڪ وڏي طاقت وارو فقير رهيو ٿي. انهيءَ
فقير جو پريان ڏٺو ته ڌار ٿي ملڪ جا درويش منهنجي حد اندر ٿا اچن تنهن اهڙو ڪو
طلسم پکيڙيو جو هن جي ٻيڙي اچي لڏڻ لڳي ۽
ذري گهٽ ٻڏڻ تي هئي.
قلندر لعل جهٽ سهي ڪيو ته هي شيخ جلال جي جادوءَ جو اثر آهي
پر عجب لڳس ته هنجي جادوءَ جو اثر اسان تي ٿيو ڪيئن؟ آخر پنهنجن يارن کي چيائين ته
سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي پر ڪڏهن نه ٻڏي، مگر اڄ جو اسان جي ٻيڙيءَ ٻڏڻ جا ارڪان پيا ڏسجن
سو ضرور اسان مان ڪنهن سچ سان ناتو ٽوڙي ڪوڙ ۽ ڪچ سان پيار رکيو آهي. اتي شيخ بهاو
الدين چيو ته هڪ سوني سر جو ٽڪر اويل سويل لاءِ مون پاڻ سان کنيون آهي، باقي ٻيو ڪجهه
ڪوڙ ۽ ڪچ مون وٽ ڪونهي. قلندر لعل چيس ته اسين جڏهن دنيا ۾ دولت سان ڪو مطلب ڪونه ٿا
رکون تڏهن سون ساڻ کڻڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟
اها دنيوي دولت هڪ وڏي ذلت آهي تنهن ڪري
ان کي امالڪ ترڪ ڪرڻ گهرجي. هن پوءِ شيخ صاحب کان اهو سوني سر و ٽڪر وٺي کڻي پاڻيءَ
۾ اڇليو. سون ٻڏو ته ٻيڙي لس ئي لس ترندي
سلامتيءَ سان وڃي ڪناري تي پهتي. ڪوبه رواجي ماڻهو جيڪر ائين سون ڦٽو ڪين ڪري ۽ نڪي
ٻئي ڪنهن کي جيڪر اهڙي صلاح ڏئي پر هو سچو تارڪ هو تنهن ڪري سون ترڪ ڪرڻ جي صلاح ڏنائين.
پر اچو ڳالهه تي، هي سڀ وقت شيخ جلال پنهنجي جاءِ جي دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي سمورو رنگ
ويٺي ڏٺو. هن جو پنهنجي جادوءَ جي زور تي هنن ڪامل درويشن جي ٻيڙيءَ کي ٿي ٻوڙيو
تنهن کي انهيءَ دم اها سيکت ملي جو جنهن دريءَ مان ڪنڌ ڪڍيو بيٺو هو سا پاڻمرادو ايتري قدر سوڙهي ٿي
پيئي جو شيخ جلال جو ڪنڌ دريءَ ۾ ڦاسي پيو جنهن ڪري هو ڏاڍو ششدر ٿيو. هو پوءِ
دانهون ڪرڻ لڳو ۽ آخر سچيءَ دل سان پڇتاءُ ڪري قلندر لعل ۽ سندس يارن کان معافي
ورتائين تڏهن مس مس سندس بند خلاص ٿيا ۽ هو پوءِ قلندر لعل جو خادم ٿيو. قلندر
صاحب کي “لعل” چئبو آهي سو به هن جو نالو نه آهي پر لقب آهي. اهو لقب هن کي جنهن ڳالهه
تان مليو سان ڳالهه هن طرح آهي. ڪنهن فقير کي پنهنجي ڪمائيءَ جو بانور جهجهو هو ۽
ائين سمجهندو هو ته مون جيتري طاقت ٻئي ڪنهن کي ڪانهي.
هڪ لڱا انهي فقير شهباز
قلندر جي يارن کي چيو ته مون توهان جي ۽ توهان جي يار قلندر جي هاڪ گهڻي ٻڌي آهي
پر اوهان کي مڙس تڏهن سمجهان جڏهن تتل تيل جي ڪڙاهيءَ ۾ تڙڳي ڏيکاريو. هنن سڀاويڪ
طرح اهڙي شرط نه پڄائي جو هنن کي پنهنجي طاقت جو هوڪرو وجهڻو نه هو. هنن جو شرط نه
پڄائي تنهن تي هو فقير کين ڪانئر ۽ ڪوڙو سڏڻ لڳو. تنهين پنهنجن يارن جو منهن مٿي ڪرڻ
۽ فقير جي ايمان ٽوڙڻ لاءِ فقير جو شرط قبول ڪري تتل تيل جي ڪڙاهيءَ ۾ ٽپو ڏنو ته
هن کي ڪجهه به ڪين ٿيو باقي سندس ڪڙتو تيل جي گرميءَ سبب رنگه مٽائي لعل ٿي پيو.
اتي هو فقير پشيمان ٿيو ۽ قلندر کي چيائين ته “تون لعلن جو لعل آهين” انهي وقت کان
وٺي حضرت صاحب “لعل” سڏجڻ لڳو.
قلندر لعل کي “شهباز” جو لقب جنهن ڳالهه تان
مليو سان ڳالهه هن طرح آهي: قلندر لعل جڏهن پنجاب ۾ هو تڏهن هو پنهنجن يارن سان گڏجي
حج ڪرڻ ويو هو. حج تان موٽندي واٽ تي ڪنهن شهر ۾ منزل ڪيائون ۽ شيخ فريد شڪر گنج
کي چيائون ته تون ڪو روٽلو بورچيءَ جي دڪان تان وٺي اچ ته ٽڪر کائي پاڻي جهلو ڪريون.
شيخ فريد ڪنهن دڪان تي بورچياڻي ويٺل ڏسي هن کان روٽلو خريد ڪرڻ ويو. شيخ فريد سهڻو
جوان هو. هن جي شڪل ڏسي بورچياڻي مٿس موهجي پيئي ۽ هن کي ڦسلائڻ لڳي پر هو سندس
چنبي ۾ اچڻ وارو نه هو.
“ڪاڪ نه جهليا ڪا پڙي موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.”
شيخ فريد ته خيال ۾ به ڪين آندس مگر هوءَ ڇوري
به ڪا ڇنيلي هئي، تنهن شيخ صاحب کي چيو ته جي منهنجي مرضي پٺيان نه هلندين ته خوار
خراب ڪندي سانءِ. هن صفا انڪار ڪيس. تنهن تي هن بورچياڻيءَ کيس جهلي واڪو واڪاڻ
لائي ته هي ههڙو تهڙو منهنجي عصمت ۾ ٿو هٿ وجهي. بورچياڻيءَ جي دانهن تي ڪيترا ماڻهو
اچي مڙيا ۽ هن درويش کي گهلي اتي جي حاڪم وٽ وٺي ويا. شيخ فريد جو نڪو هو شاهد نڪو
گواهه ۽ سندس زبان تي ڪنهن به اعتبار ڪونه ٿي آندو تنهن ڪري فريادڻ جو فرياد سچو
سمجهي بادشاهه حڪم ڪيو ته ههڙو رهزن جو گهر ويٺل زالن جي وڃي شرم ۾ هٿ وجهي تنهن
کي امالڪ ڦاسيءَ تي چاڙهڻ گهرجي. بادشاهه جي اهڙي حڪم ملڻ شرط يڪدم ڦاسيءَ جي
تياري ٿي ۽ شيخ فريد کي لٽڪائڻ جون تياريون ڪيائون. هوڏانهن قلندر لعل کي خبر پيئي
ته اسان جي يار سان ڊوهه ٿيو آهي ۽ اجهو ئي ٿو سوريءَ تي سوار ٿئي تنهن ڇا ڪيو جو
پنهنجن باقي رهيل ٻن يارن مان هڪ کي ڦيري هرڻ ڪيائين ۽ ٻئي کي سينهن ڪيائين. سندس
يار هرڻ جي صورت ۾ ڦاسيءَ واري جاءِ ڏي ڊوڙيو ته سڀني حاضر ماڻهن جو ڌيان هن ڏي ڇڪجي
ويو. سگهو ئي ان هرڻ جي پٺيان شينهن آيو ته ماڻهو ڊپ وچان اُٿي ڀڳا. انهيءَ ڀڄ ڀاڄڙ
مهل قلندر لعل شهباز جي صورت ڌاري پنهنجي يار کي ڦاسيءَ واري جاءِ تان اُڏائي کڻي
ويو ۽ ان وقت کان وٺي هو “شهباز” سڏجڻ لڳو.
قلندر لعل کي اهي سڀيئي لقب سنڌ ۾ اچڻ کان اڳه
مليا هئا ۽ گهڻا ڪرامت جا ڪم به هن سنڌ کان ٻاهر ڪيا هئا. سنڌ ۾ جڏهن هو آيو هو تڏهن
بلڪل پيرن هو ۽ سدنس عمر هڪ سؤ ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾ شعبان مهيني جي 21 تاريخ سنه 650 هجري ۾ سيوهڻ
جي شهر ۾ وصال ڪيائن.
قلندر لعل ڪڏهن به شادي ڪانه ڪئي ۽ سڄي عمر جتي
پرش ٿي گذاريائين. سندس هٿن جون ٻه نشانيون آهن، هڪ عصا (لٺ) جا غلاف (پرش) سان ڍڪيل
آهي ۽ ٻيو مڻڪو جنهن کي عام طرح گلوبند چوندا آهن. اهي ٻئي شيون کيس پنهنجي مرشد
کان مليون هيون. گلو بند هڪ لسو پٿر آهي. قلندر لعل صاحب ان کي نهايت متبرڪ (سڳورو)
سمجهي گلي ۾ پائي گهمندو هو تنهن ڪري اهو گلو بند سڏجي ٿو. ڳچ سال ٿيا ته اُهو گلو
بند اتفاق سان ٽٽي پيو پر پوءِ نور محمد نالي هڪ صعقلگر ساڳي هنڌ اهڙو پڪو ڳنڍي ڇڏيس
جو وري اصلوڪي جهڙو سڄو ٿي پيو. درگاهه جا فقير چوندا آهن ته انهي گلوبند ۾ عجب
تاثير آهي، سڀ ڪنهن مرض لاءِ چٽيئڏاڻ آهي. ڪنهن دوپشتي زال کي جلد ڇوٽڪو نه ٿيندو
آهي ته اهو مڻڪو ڌوئي پياريندا اٿس ته هنجا بند جليد خلاص ٿيندا آهن. قلندر لعل جي
نالي چون ٿا ته هو هميشه هڪ نيلي گهوڙيءَ تي سواري ڪندو هو. اهو اشارو هڪ ڪافيءَ ۾
به آهي جا شهباز قلندر تي ٺهيل آهي:
“نيلي گهوڙيءَ تي هسوار شهباز قلندر
قلندر آپ خزانيدار شاهوڪار قلندر.”
قلندر شهباز جو مقبرو سندس وصال کان گهڻو پوءِ
سلطان فيروز شاهه تغلق جي حڪم پٽاندڙ سيوهڻ جي حاڪم اختيار الدين سنه 1356ع ۾ جوڙايو
هو. سلطان فيروز شاهه هتي زيارت لاءِ آيو هو ۽ مجاورن کي ڪجهه ٻنڌياڻ ٻڌي ڏنو
هوائين. انهيءَ کان پوءِ جنهن کي جنهن کي
دل ۾ پئي آيو آهي تنهن درگاهه تي محنت پئي ڪرائي آهي. قلندر لعل جي درگاهه سيوهڻ
شهر جي دن ۾ آهي ۽ جنهن گهٽيءَ ۾ اها عمدي عمارت بيٺل آهي تنهن کي “لعل جي گهٽي”
چوندا آهن. درگاهه جو ٻاهريون دروازو وڏو آهي ۽ اڱڻ نهايت ڪشادو اٿس. اڱڻ ۾ نقارا
۽ ڀيريون رکيل آهن ۽ هڪ پاسي پاڻيءَ جا مٽ رکيل آهن. اتي ٽي مزارون آهن، هڪ سيد
علي بغدادي جي آهي جو قلندر لعل جو وزير هو، ٻي قبر جنهن کي عام طرح “رازو” ڪري سڏيندا
آهن سا محبت شاهه حسينيءَ جي آهي ۽ ٽين ميان شيخ مڱڻ جتي ولد شيخ نوح جي. درگاهه
جي جنهن صفحي ۾ قلندر شهباز جو مقبرو آهي تنهن جي دروازي کي چانديءَ جا پٽ لڳل آهن
انهيءَ دروازي اندر گهڙڻ سان انهي محبوب جو مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو جنهن جتي پرش سڄي
عمر عبادت ۽ پرهيزگاريءَ ۾ گذاري، هندو مسلم اتحاد وڌائڻ ۽ منجهيلن کي حق جي راهه
بتائڻ ۾ پنهنجي سموري حياتي صرف ڪئي هئي. اولياءَ جي مقبري جي چوڌاري هڪ سهڻو ڪٽهڙو
چانديءَ جي پٽن سان آهي ۽ ٿنڀا چندن جي ڪاٺيءَ جا اٿس. درگاهه جي لنگهه وارو
دروازو جو چانديءَ جي پٽن سان آهي تنهن جي مٿان هڪ پيچرو آهي جو استي نور محمد
تيوري سيوهاڻيءَ هجري سنه 1313 ۾ تيار ڪيو هو. درگاهه جي مٿان
....................... بازار آهي جا اڪثر ميلي جي وقت ماڻهن کي ڏيکاريندا آهن.
قلندر شهباز جو ميلو سندس وصال جي تاريخ يعني 21
شعبان تي هر سال لڳندو آهي ۽ ٽي ڏينهن سانده هلندو آهي. سيوهڻ پاسي عام طرح چون ته
“شهباز جي ميلي تي ماڻهو اچن لکه شهباز هڪڙو وٺي بکه”. سرڪاري تخميني روءِ انهيءَ
ميلي تي ٽيهه چاليهه هزار آدم اچي ڪٺو ٿيندو آهي ميلي ۾ نه رڳو سنڌ جا ماڻهو پر ڪشمير،
بخارا، سمرقند ۽ ٻين ڪيترن پاسن جي خلق اچي ٿي تنهن ڪري انهي وقت ڪيتريون عجيب
رسمون ۽ طرح طرح جون پوشاڪون اتي ڏسبيون آهن. ميلي ۾ سڀ رکي رکي نعرا پيا هڻن
ته: “شهباز قلندر!” ڪي چون ته “مستو مست”
يا “مست قلندر”.
سيوهڻ ۾ شهباز جو ميلو جنهن منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ
تائين ڏٺو هوندو تنهن کي خبر هوندي ته صبح
جو ڇهين بجي کان وٺي ڏهين بجي تائين شهباز جي پڙ ۾ ميلي جو زور هوندو آهي. اهو سڄو
وقت ڌمال خوب لڳندي آهي.
“تنهنجون وڄن ڌمالون ڌُوم مان
تون ته شهباز قلندر سائين”
ميلي جي وقت ڏسو ته قلندري فقير ڪئن پنهنجي مرشد
جي سڪ ۾ ٿا ڳرن. ڪي ته مرشد جو نالو ڳنهي وجديا مستيءَ جي حال ۾ ايندا آهن. ڌمال
بند ٿيڻ کان پوءِ سڀڪو ٽڙي پکڙي ويندو آهي.
اڙل ڍنڍ جا دور ڪنهن کي ڏسڻا هجن ته ميلي وارن ڏينهن
۾ ڏسي. ماڻهن جا حشام ڍنڍ جي ڪپ تي هوندا آهن. ڪٿي ڏس ته سهڻي لعل لطيف جو ڪلام
پيو ڳائجي، ڪٿي ڏس ته سچل فقير جي من موهيندڙ ڪافين ٻڌڻ لاءِ ماڻهو هڪ ٻئي تي پيا ڳاهٽ
ٿين. ڪٿي ڏس ته نڙ پيو وڄي ته ڪٿي چنگه پيو چلي. ڪٿي وري واڄار جو چلتو ڏسڻ ۾
ايندو. بوبڪن جون دٻڪيون ۽ غاليچا ڏاڍا ٿا کپن. خدآباد جون منڌيون ۽ منڌيئڙا به وڪامندا
آهن. هالن جون لونگيون نصرپور جا بلبل چشم توڙي ٻيا کيس ۽ ڇر جو ڪم ڏاڍو ٿو هڪي. ڪڏهن
ڪڏهن ته گهوڙا ۽ اُٺ به وڪامڻ ايندا آهن. گهوڙن جون شرطون به لڳنديون آهن. ڍنڍ جي
وچ ۾ ڏسندا ته سڄي ٻيڙين سان ڀري پيئي هوندي. ڪي شوقين ٻه ٽي پئسا ڏيئي ٻيڙي ۾ چڙهي
ٿورو سير ڪندا آهن. ڪي ڀاڳيا پرين ڀر جو کير، ڏڌ ۽ مکڻ کڻي وڪڻڻ ايندا آهن. مطلب
ته هڪ عيجب قسم جو چهچٽو لڳي ويندو آهي جو ڏسڻ وٽان آهن.
پاڇولا لڙيا ته ملاکڙي جو دهل وڳو ۽ وچينءَ جي
نماز اوري ٿي ته منيديءَ جي شرنائي ٿي شروع. ميلي تي منيدي سڀ ڪنهن ڏينهن شام جو کڄندي
آهي. شهباز قلندر جي درگاهه جي خذمت لڪيءَ جا سيد ڪندا آهن. اهي لڪياري سيد پهرين ڏينهن
ميندي کڻندا آهن، ٻئي ڏينهن ميراڻي ۽ ناواڻي
۽ ٽئين ڏينهن قانونگا. منيديءَ کڻڻ مهل
سرگس جهڙو نمونو ٿيندو آهي. هڪ وڏي ٿالهه ۾ گڏيل ميندي وجهندا آهن ۽ انهيءَ ٿالهه
جي مٿان اطلس چاڙهيندا آهن، اهو واري سان لڪياري سيدن، ميراڻين، ناواڻين، ۽
قانونگن جو پربو مڙس مٿي تي کڻي هلندو
آهي. ان وقت طائفو ٿيندو آهي ۽ ڪيترا راڳيندڙ ڳائيندا ۽ نچندا هلندا آهن. جنهن
جنهن گهٽيءَ مان سرگس ڪندا آهن تنهن ۾ ايترا ماڻهو اچي مڙندا آهن جو تر ڇٽڻ جي
جاءِ ڪانه هوندي آهي. سيوهڻ جي شهر جون گهٽيون تنگ آهن ۽ بازار به بلڪل سوڙهي آهي
تنهن ڪري مينديءَ جي سرگس مهل گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڏاڍي ڌڪ پيئي پوندي آهي. اوڏي مهل
زالون ۽ ٻار کڏن تي هڪ ٻئي مٿان پيا ڳاهٽ ٿيندا آهن، جڏهن سرگس ڪري درگاهه جي
ويجهو ايندا آهن تڏهن ٽونٽن جو خوب وسڪارو ٿيندو آهي. ٽونٽو اهڙي آتشبازي آهي جو
جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ته گنديون ڪپڙا جلائي وڃي پيرن ۾ وچڙي. انهيءَ ڪري ٽونٽن سڙڻ
مهل ماڻهو ڀڄي پري ٿيندا آهن. رات جو درگاهه ۾ اندر توڙي ٻاهر چڱي روشنائي ڪندا
آهن. ميلي جا ٽيئي ڏينهن اهو ساڳيو نمونو هلندو آهي. مطلب ته قلندر صاحب جي وصال
جو ڏينهن گويا هن جي شاديءَ جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن. هن صاحب ڪڏهن شادي ڪانه ڪئي هئي مگر هن طرح هو ٻارهين ٻارهين
مهيني گهوٽ ٿيندو آهي.
سيوهڻ جا ماڻهو شهباز قلندر جي يادگيري نه رڳو ٻارهين
ٻارهين مهيني ڪندا آهن مگر ڪن جو نيم آهي آهي ته هر روز درگاهه تي وڃي مٿو ٽيڪيندا
آهن ۽ اتان خاڪ وٺي ايندا آهن. سيوهڻ ۾ گهڻو ڪري سڀني هندن جي گهرن ۾ هر ڪنهن چنڊ
تي هڪ هارن واري گلن جو هار پن ۾ ويڙهيل کڻي ايندي آهي آهي؛ ان کي “مور” چوندا
آهن. گهر جا ڀاتي اهو “مور” وٺي صدق سان چمي کين اکين تي رکي پوءِ موٽائي هارن
واريءَ کي ڏيندا آهن جا وڃي درگاهه تي چاڙهيندي آهي. ڪي هر روز درگاهه ۾ اهڙيءَ
طرح گلن جو هار موڪليندا آهن.
سيوهڻ ۾ اتر الهندي طرف هڪ وڏو قلعو آهي جو ڪي
چوندا آهن ته سڪندر اعظم جي ڏينهن جو ٺهيل آهي. سيوهڻ جا ڪي مسلمان ان کي “ڪافر
قلعو” ڪري چوندا آهن. جنهن جي معنيٰ ته جڏهن ڪافرن (هندو راجائن) جي صاحبي سيوهڻ ۾
هئي. تڏهن اهو قلعو جڙيو هو. اها پوئين ڳالهه سچي آهي ڇاڪاڻ ته سيوهڻ ۽ بکر وارا
قلعا راءِ سهاسي ٻئي جي صاحبيءَ ۾ ٺهيل هئا. اهو قلعو هڪ وڏي دڙي تي زمين کان
پنجاسي کن قدم مٿي آهي ۽ سيوهڻ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر اهو پنهنجو بنگلو ڪري ڪتب آڻي ٿو.
گشتي عملدار به انهيءَ قلعي ۾ وڃي رهندا آهن. قلعي ۾ مٿان بهي چو طرف نگاهه ڪبي ته
نهايت نرمل نظارو نظر ايندو. اڙل ڍنڍ ۽ ڀروارن ڳوٺن جي وڻن ۽ پوکه جي ساوڪ سدائين
چڱو چهچٽو لائي بيٺي آهي. ٽلٽيءَ جو شهر ته پريان ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي ڄڻڪ شهباز
قلندر جي اردليءَ ۾ اُڀو آهي. سيوهڻ جي ڀرسان باغ يوسف جو ڳوٺ آهي سو ته وڻن مان لڪيو
پيو ليلڪا پائي ۽ گويا شهباز قلندر جي ديدار لاءِ پيو واجهائي.
مخدوم قلندر لعل شهباز بابت ڪيتريون مداحون ۽ ڪافيون
ٺهيل آهن جن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿي.
اچي حاضر حسيني ٿي قلندر لعل مروندي
1. توکي
چؤ طرف چوڌاري، نمي ئي هند سنڌ ساري
ڪابل، ڪشمير، قنڌاري، بلخ بيحد سمر قندي
2.
تون ئي حسينن جو پيارو، فقر جو سرگروهه سارو،
ڪرين ملعون تي مارو، ٻڌي محڪم ڪمر بندي.
3. نه
گهرجي دير تو هاڻي، مدد ڪر شاهه سيوهاڻي
اچي ٿيءُ سيگهه مون ساڻي، ڪڍي ڇڏ قيد مان بندي
4. مدح
خوش خير محمد چئو، لٿا ڀولا مڙيئي ڀوءُ
هميشه نياز سان پيو نؤ، نه ٿئيئي دلشاد خور
سندي.
شال اسين هن اولياءَ جي سوانح عمري مان سبق سکي
حق جي راهه سنڀاليون جنهن جو پهريون ڏاڪو اهو ئي آهي ته سڀ پاڻ ۾، ڇا هندو ڇا
مسلمان ڀائپي ۽ مٺ محبت ۾ گذاريون ۽ هڪ ٻئي جو خير گهرندا رهون جو ان ۾ اسان جو
خير آهي.
(جون 1937)
----------------------------------------------------
o
حضرت علي
رضي الله عنه جو پٽ امام حسين علي اسلام تنهنجو پٽ امام زين العابدين تنهنجو پٽ
امام ۽ محمد باقر ۽ ان جو پٽ امام جعفر صادق هو. (شاهه لطيف ڀٽائي به حسيني سيد
هو.)
o
“ناڪو”
اصل ۾ هندي لفظ “ناڪا” معنيٰ رستي جي پڇاڙي، ناڪي بندي معنيٰ رستو بند ڪرڻ.
o
سڀ
ننگيون ٿي نڪرو لالچ لوڀ
o
سپريان
سين سوڀ، ننڊن ڪندي نه ٿئي (شاه)
o
ننگن ٿيڻ
جي معنيٰ آهي طمع وغيره کي ترڪ ڪرڻ ۽ انهي معنيٰ سان “ننگن ٿيڻ” لفظ هندن جي
شاسترن ۽ عيسائين جي ڪتابن ۾ به ڪم آيل آهن.
o
سيوهڻ جي
هڪ عامل آڪڪه وارا “قانونگا” سڏجن جا، ڇاڪاڻ ته هنن جا وڏا اصل “قانون گو يعني
قاعدا قانون چوندڙ (عدالتي ڪم ڪندڙ)” هئا.
Comments
Post a Comment