امام جعفر صادق

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي






امام جعفر صادق

امام جعفر صادق، امام باقر جو فرزند ۽ حضرت زين العابدين جو پوٽو 83 ھجري مطابق 702 عيسوي جو مديني ۾ ڄائو. 65 سالن جي ڄمار ۾ 767 عيسوي ۾ مديني ۾ وفات ڪئي. ھو ھميشه ساک ڀريون (مصدقه) ۽ مڃيل (مسلمه) حديثون بيان ڪندو ھو سندس ان احتياط ۽ تحقيق جي ڪري کسي (صادق) جو لقب مليو.

سندس تعليم ۽ تربيت والد صاحب ۽ ڏاڏي سائين جي سرپرستي ۾ ٿي. ھو ديني ۽ دنيوي علمن و ماھر بڻيو. حديث، ڪيميا ۽ ٻين  سائنسي علمن منجھھ پنھنجي وقت جو ماھر مڃيو ويو. ان ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ منجھان ماڻھو وٽس علم حاصل ڪرڻ ايندا ھئا. پنھنجن شاگردن کي ديني علمن سان گڏ سائنسي علمن جي تعليم ٻه ڏيندو ھو. اسلامي تاريخ منجھ چئن ھزارن کان وڌيڪ ماڻھن جا نالا اچن ٿا. جن امام جعفر صادق جي درسگاھ منجھان تعليم حاصل ڪئي ھئي.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت