شاهه لطيف جي ڏهاڙي جي اهميت

 شاهه لطيف جي ڏهاڙي جي اهميت
گورنمينٽ سر سيد گرلس ڪاليج ناظم آباد ڪراچي سنڌ

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
23  آڪٽوبر 2019

·      سر سيد گرلس ڪاليج ناظم آباد ڪراچي ۾ ملهايل شاهه لطيف جو ڏهاڙو نه رڳو شاندار هو پر سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي ويجهڙائيءَ جو اعليٰ مثال پڻ هو.
·      سر سيد گرلس ڪاليج ناظم آباد ڪراچي ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو يا ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملهايو ويو يا وڏي عرصي کانپوءِ ملهايو ويو .
·      شاهه لطيف جو ڏهاڙو توڙي جو سنڌ حڪومت جي حڪم موجب ملهايو ويو.
·      مون کي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو اُها هئي لطيف سائين بابت شاگردياڻين جي معلومات ۽ جذبو. توڙي جو هنن کي سنڌي ڳالهائڻ نه پئي اچي پر هنن اردو ۽ انگريزيءَ ۾ شاهه صاحب بابت تقريرون ڪري ۽ ٽيبلو پيش ڪري اسان کي حيران ڪري ڇڏيو.
·      مختلف شعبن جي شاگردياڻين ۽ استادياڻين ننڍيون ننڍيون پريزنٽيشنس سلائيڊ وسيلي پيش ڪيون، جن ۾ شاهه لطيف جي سرن بابت ڄاڻ، سورمين بابت سمجهاڻي، ”ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور“ تي ٽيبلو به ڏاڍو وڻندڙ هو.
·      مارئيءَ جي ڪردار تي ننڍو ڊرامو به لاجواب هو، جيڪو سنڌي شعبي جي پروفيسر عابده مهر تيار ڪيو هو، ڇوڪرين مارئي، عمر ۽ ٻين جا ڪردار ڏاڍا سهڻا ادا ڪيا ، مارئيءَ جي ڪردار ته ڪن کي روئڻهارڪو به ڪري ڇڏيو.
·      لطيف ڪوئيز ۾ ڇوڪرين سئو سيڪڙو سوالن جا جواب ڏئي مقابلي کي نبيرڻ ئي نه ڏنو.
·      آڊيٽوريم جي ڪرسين ڀرجي وڃڻ ڪري ڏاڪڻين تي به شاگردياڻيون ڪي ويٺل ته ڪي بيٺل هيون. آڊيٽوريم ۾ پنج سئو ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ آهي.
·      آڊيٽوريم  هال ۾ شاهه سائين جا بيت انگريزي اردو ترجمي سان پوسٽرن تي لکي لڳايا ويا هئا. ان کان سواءِ سلائيڊن وسيلي اسڪرين تي به پروگرام دوران بيت هلندا رهيا .
  
سنڌ جي ثقافت ۾ هڪ اهڙي ڇڪ ۽ سڪ سمايل آهي، جيڪا هر ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي . هن ڌرتيءَ جي خوشحالي ۽ پيار لکين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهيو آهي، ڪي اچڻ سان ئي هن ڌرتيءَ جا ٿي ويا ته ڪن جي هوريان هوريان سنڌ سان جند جڙي، تاريخ جا وهڪرا پنهنجيءَ رفتار سان وهندا رهن ٿا . ڌرتيءَ ڌڻين جون خواهشون ڪيئن پوريون ٿين ٿيون؟ ڪيئن ماحول تبديل ٿئي ٿو؟ انهن سوالن جا جواب ڏاڍو دير سان ملندا آهن پر ملندا ضرور آهن .
ڪڏهن ڪڏهن بهتر تبديليءَ کي ڏسي نه رڳو حيرت ٿيندي آهي، پر خوشيءَ مان ڳوڙها به ڳڙي پوندا آهن ڪراچيءَ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين جا ميڙاڪا، مالڪي، سجاڳي ۽ لطيفي ڏهاڙا ڏسي روشن آئيندي جي آس ساڀيان ۾ تبديل ٿيندي محسوس ٿيندي آهي، لطيف سرڪار اسان سڀني جو رهبر، محبت ۽ ٻڌيءَ جو مرڪز ۽ ٻوليءَ جو رکوالو ته آهي ئي پر سنڌ ۾ رهندڙ سمورن طبقن کي ڳنڍيندڙ به آهي مون پنهنجي لکڻين ۾ ڪيترائي دفعا لکيو آهي ته شاهه لطيف کي هر مذهب، فرقي، ذات، رنگ ۽ نسل وارو ماڻهو پنهنجو شاعر سمجهي ٿو، سموريون سياسي، سماجي، ادبي ثقافتي ۽ علمي تنظيمون به لطيف سائين جي پيغام  ۽ ڪلام تي نه رڳو اتفاق ڪن ٿيون پر سندس پيغام تي هلڻ جي ڪوشش به ڪن ٿيون، مطلب لطيف سڄي انسان ذات جو شاعر آهي.
سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ به لطيف سائينءَ سان وڏي عقيدت رکن ٿا توڙي جو هو سنڌي ٻولي مڪمل نه ٿا سمجهي  سگهن پر ترجمن، وسيلي لطيف سائينءَ کي پڙهن ٿا .
ان جا ٻيا مثال به آهن پر تازو مثال گورنمينٽ سر سيد گرلس ڪاليج ناظم آباد ڪراچي ۾ ملهايل شاهه لطيف جو ڏهاڙو نه رڳو شاندار هو پر سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي ويجهڙائيءَ جو اعليٰ مثال پڻ هو، سر سيد احمد خان گرلس ڪاليج ڪراچيءَ جي سينٽرل ضلعي ۾ قائم آهي، جنهن کي اردو ڳالهائيندڙن جو مرڪز به مڃيو وڃي ٿو.
هيءُ ڪراچي جي وڏن ڪاليجن منجهان هڪ آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکي ٿو، هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون به ان ئي علائقي جون آهن، جن ۾ سنڌي شاگردياڻيون نه هئڻ برابر آهن جنهن جو سبب داخلا پاليسي نه پر سنڌي آبادين کان ڪاليج جو پري هجڻ آهي، ان ڪاليج ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو يا ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملهايو ويو يا وڏي عرصي کانپوءِ ملهايو ويو .
شاهه لطيف جو ڏهاڙو توڙي جو سنڌ حڪومت جي حڪم موجب ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ ڪاليجز ايجوڪيشن جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حافظ عبدالباري انڍڙ صاحب ڪراچيءَ جي سمورن ڪاليجن جي پرنسپالن کي 2019-10-10  تي هڪ حڪم به جاري ڪيو، جنهن کي ساراهڻ به ضروري آهي.
سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن رفيق احمد ٻرڙو صاحب، انڍڙ صاحب ۽ ٻيا عملدار جس لهڻن پر هن ڪاليج ۾ سرڪاري حڪم کان وڌيڪ پنهنجيءَ دل سان اهو ڏينهن ملهايو ويو. هتان جي انتظاميه ڄڻ اهڙي موقعي جي ڳولها ۾ هئي، خاص ڪري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر خالده پروين، پروفيسر صوفيه خالد، پروفيسر عروج سعادت ، پروفيسر عابده مهر، پروفيسر قمرالنساءِ گھانگھرو، پروفيسر فوزيه، پروفيسر شازيه ريحان، تبسم حسن ۽ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جون شاگردياڻيون. ڪاليج جون پروفيسرياڻيون ۽ ڪجهه شاگردياڻيون اجرڪن جي پوشاڪ ۽ پوتيون پهري آيون هيون . تقريب جي خاص مهمانن ۾ پروفسر ڊاڪٽر سڪينه سمون (ڊاڪٽر صاحبه هن وقت ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي آهي)  مان ۽ ڊاڪٽر عابده گھانگھرو شامل هئاسين. اسان کي به اجرڪ اوڍايا ويا. اسان ٽنهي کي لطيف سرڪار جي شخصيت ۽ پيغام بابت ڳالهائڻو هو ۽ ڳالهايوسين پر مون کي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو اُها هئي لطيف سائين بابت شاگردياڻين جي معلومات ۽ جذبو. توڙي جو هنن کي سنڌي ڳالهائڻ نه پئي اچي پر هنن اردو ۽ انگريزيءَ ۾ شاهه صاحب بابت تقريرون ڪري ۽ ٽيبلو پيش ڪري اسان کي حيران ڪري ڇڏيو.
ان سان گڏ مختلف شعبن جي شاگردياڻين ۽ استادياڻين ننڍيون ننڍيون پريزنٽيشنس سلائيڊ وسيلي پيش ڪيون، جن ۾ شاهه لطيف جي سرن بابت ڄاڻ، سورمين بابت سمجهاڻي، ”ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور“ تي ٽيبلو به ڏاڍو وڻندڙ هو.
مارئيءَ جي ڪردار تي ننڍو ڊرامو به لاجواب هو، جيڪو سنڌي شعبي جي پروفيسر عابده مهر تيار ڪيو هو، ڇوڪرين مارئي، عمر ۽ ٻين جا ڪردار ڏاڍا سهڻا ادا ڪيا ، مارئيءَ جي ڪردار ته ڪن کي روئڻهارڪو به ڪري ڇڏيو.
لطيف ڪوئيز ۾ ڇوڪرين سئو سيڪڙو سوالن جا جواب ڏئي مقابلي کي نبيرڻ ئي نه ڏنو. ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر خالده پروين به لطيف سائينءَ تي بهترين تقرير ڪئي .
پنجاهه کان وڌيڪ شاگردياڻين لطيف ڏهاڙي جي سرگرمين ۾ حصو  وٺي نه رڳو ذهانت ڏيکاري پر لطيف سائينءَ سان عقيدت جو اظهار پڻ ڪيو.
آڊيٽوريم جي ڪرسين ڀرجي وڃڻ ڪري ڏاڪڻين تي به شاگردياڻيون ڪي ويٺل ته ڪي بيٺل هيون. آڊيٽوريم ۾ پنج سئو ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ آهي.
آڊيٽوريم  هال ۾ شاهه سائين جا بيت انگريزي اردو ترجمي سان پوسٽرن تي لکي لڳايا ويا هئا. ان کان سواءِ سلائيڊن وسيلي اسڪرين تي به پروگرام دوران بيت هلندا رهيا .
اسان جون تقريرون ۽ لکڻيون پنهنجيءَ جاءِ تي پر لطيف جي پيغام کي نئين نسل ۾ منتقل ڪرڻ جو بهترين طريقو شاگردن کي اهڙن پروگرامن ۾ حصو وٺرائڻ آهي. جڏهن استاد شاگردن کي قائل ڪري پنهنجن هيرن بابت تقرير ڪرڻ، ڳالهائڻ ۽ حصي وٺڻ جي ذميواري ڏين ٿا ته هو ايترا ذهين آهن جو انٽرنيٽ ۽ ڪتابن وغيره مان ڄاڻ هٿ ڪري پاڻ کي تيار ڪري سرخرو ٿين ٿا. ان سان سندن ذهن سازي ۽ ڪردار سازي پڻ ٿئي ٿي . اهوئي سبب آهي ته نصابي سرگرمين سان گڏ غير يا هم نصابي سرگرمين کي به تعليم جو حصو بڻايو ويو آهي پر اسان وٽ ان تي عمل گھٽ ٿئي ٿو .
مان سر سيد گرلس ڪاليج جي استادياڻين ۽ شاگردياڻين  کي به جس ڏيان ٿو. ان سان گڏ سنڌ حڪومت جي ڪاليجي تعليم کاتي کي سفارش به ڪيان ٿو ته بهترين پروگرام ڪرڻ تي ڪاليج کي ايوارڊ ڏنو وڃي، جيڪڏهن ڪو ايوارڊ نه ٿا ڏيو ته ڪو تعريفي سرٽيفڪيٽ ضرور ڏيو .

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت