زعشق دوست ھر ساعت درون نارمي رقصم، - گھی در خاک می غلطم گھی برخارمی رقصم.- عبدالغفار تبسم



عبدالغفار تبسم

زعشق دوست ھر ساعت درون نارمي رقصم،
گھی در خاک می غلطم گھی برخارمی رقصم.

سُدم بدنام در عشقش بیا ای پارسا اکتون،
نمی ترسم ز رسوائی بھ ھر بازار می رقصم.

تنهنجي صحن ۾ ٻارهوئي پهچن دف دهل دمام ڌمالن جا،
گهن گهن گهن ڀيرين سان آواز نعتن ۽ نفيلن جا.

هن سنڌ جي چيڪيءَ مٽيءَ کي متبرڪ ڪيو تنهنجي مسڪن،
تنهنجي خاڪ نشينيءَ ۾ پنهان اسرار ڪيئن ابدالن جا.

رقصن ۾ حيات جون هڙ سرخيون ايوان و شال قلندر جو.
وجدن ۾ امير فقير نچن منظر ته ڏسو متوالن جا.

پنهنجن پيڙائن جا هجوم کنيون تنهنجي چوئنري ۾ پهچي چيخن ٿا،
اُڀ ڏاريندڙ اوسارن ۾ ڪڏهن روڄ ٻڌ رودالن جا.

مستئون مست الست رهن نانگا سر ساهه جا سانگا لاهيون وتن،
پتنگن جان ڊڪن پنهنجي مرڪز ڏي مشتاق ازل جي وصالن جا.

پر تنهنجي عَلَمَ ۽ آڳر جون جن رت سان جلائي رکيون جوتون،
تن ملنگن جون هڙئي وسيتون ڀيليون ويا ڀرم ڏئي ڀالن جا.

تنهنجو گنبذ سرس سڄائڻ ۽ ڪافيون چؤنرا چمڪائڻ لئه،
جي رقمون سنڌ راڻيءَ سوپيون ڳڙڪيون ويا پيٽ دلالن جا.

جنهن پاڪ مٽيءَ ڏينهن رات تنهنجي ڏيئن کي جلايو عقيدت سان،
تنهن سنڌ جي ڪائي خبر ته لهه ٿي ڀوڳي ڏينهن عذابن جا.

جڏهن واه نه ٿي بي واهن کي پڻ پهچ نه ٿي بي پهچن کي،
تڏهن توکي آڌار سمجهن ٿا ڀانئن ٿا مسيحا مسئلن جا.

مروندي مير جي تون چاهين ڪنهن جي جرئت جو شاهه جي ڌرتي،
ايڏي ڀيل ڪري ايڏا ويل ڪري ههڙا کيل ڪري پنهنجي کيلن جا.

پاپن جا درياهه ٻيا ڇاڀربا انياءَ جيڏا ها سي ٿي به چڪا،
تنهنجي ڌرتيءَ تي باقي ڪهڙا بچيا گس جيئڻ لئه اشرافن جا.

۽ تون صدين کان هيڏا ستم پسين، هيڏا ڪيس ڏسين ڪجهه ڀي نه ڪڇين،
لڄ پال او لال ڪي ڀال ڪري ڪڏهن حال ته پڇ بدحالن جا.

ڪو جو شاعر تنهنجيءَ نگريءَ ۾ روئي ٿو رڙي ٿو دانهين ٿو،
تنهن جي ڪوڪن جو ڪلياڻ ته ڪر ٽار سنڌ تان ستم تون سالن جا.

هيءَ ميلي گري آ ۽ ميلي ۾ هر گفتي جو سڪو هلندو آ،
او صاحبو دل ۾ ڪين ڪجو تک تبسم وارن جملن جا.

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت