شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عِمْرَانَ بْنِ حُصَيْنٍ  رضہ  عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم‏ أَنَّهُ سَأَلَهُ  أَوْ سَأَلَ رَجُلاً وَعِمْرَانُ يَسْمَعُ  فَقَالَ  يَا أَبَا فُلاَنٍ أَمَا صُمْتَ  مِنۡ سُرَرِ شَعۡبَانَ قَالَ لاَ قَالَ فَاِذَا اَفۡطَرۡتَ فَصُمۡ یَوۡمَیۡنِ۔
(مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم سرر شعبان ج 1 ص 368)
”حضَرت عمران بن حصين ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن عمران بن حصين کان يا ڪنهن ٻئي شخص کان پڇيو ۽ عمران ٻڌي رهيو هيو ته اي فلاڻي شخص جا پئي ڇا تون شعبان جي آخري ڏينهن جا روزا نه رکيا آهن، ان جواب ۾ چيو ته نه پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته تون رمضان المبارڪ جي روزن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٻن ڏينهن جا روزا رکجانءِ.


هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت عمران يا ٻئي ڪنهن شخص کان پڇيو ته تون شعبان جا آخري روزا رکيا هئا يا نه. جڏهن ان شخص انڪار ۾ جواب ڏنو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کي حڪم فرمايو ته رمضان شريف کان پوءِ ٻيا روزا رکجو، ڇو جو ان شخص پنهنجو پاڻ تي نذر ۽ باس جا روزا لازم ڪيا هئا ته هو هر مهيني جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا ضرور رکندو. چنانچه هڪ ڀيري شعبان جا روزا انهيءَ شخص نه رکيا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کي فرمايو ته جڏهن رمضان المبارڪ جو مهينو ختم ٿي وڃي ته شعبان جي آخري ڏينهن جي بدلي ۾ ٻه روزا رکجانءِ.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت