ھائڊرا
(Hydra)
ھائڊرا
ھڪ تازي پاڻيءَ جو سيلينٽريٽ آھي. جيڪو خوردبيني سان چٽيءَ طرح ڏسي سگھبو آھي. ھن
جو جسم ھڪ سلينڊر وانگر آھي سندس ھڪ ڇيڙي جي آخر ۾ ھڪ سوراخ آھي جيڪو وات (Mouth)
سڏبو آھي ۽ اھو
ڪيترن ئي ڌاڳي نما بناوتن ٽينٽيڪلس سان ويڙھيل ھوندو آھي. ٽينٽيڪلس ۽ ٻاھرين تَھَ
تي ڪيترائي زھريلا ڏنگيندڙ جيوگھرڙ ا(Stinging
Cells) ٿين ٿا. جن سان ھو
پنھنجي حفاظت ۽ شڪار ڪري ٿو. ھن جو وات ھڪ پوري خال يا سيلينٽران (Coelenteron) ۾ کلي ٿو ۽ اھو جسم جي اندر
ٿئي ٿو جتي شڪار کي ھضم ڪري ٿو. ھائڊرا جي جسم جو آخري حصو عام طرح پاڻيءَ ۾ ڪنھن
جسم سان چنبڙيل ھوندو آھي.
جيلي فش
جيلي
فش سمنڊ ۾ رھي ٿي ھيءَ پاڻيءَ ۾ آزادي سان ترندڙ سيلينٽريٽ آھي. جيلي فش جو وات
ڇٽيءَ واري پاسي جي ھيٺان وچ ۾ ٿئي ٿو ۽ اھو چئن ڊگھين ٻانھن سان وڪوڙيل ھوندو آھي
۽ ھر ھڪ ٻانھن ۾ ڪيترائي ڏنگيندڙ جيوگھرڙا ھوندا اٿس. ھي پنھنجون ڊگھيون ٻانھون
ننڍڙن جانورن کي پڪڙڻ ۾ ڪم آڻي ٿي.
فائيلم پليٽي ھيلمنٿس
(Platy helminthes)
پليٽي
ھيلمنٿس کي عام طور فليٽ ورم
(Flatworm) چئبو آھي. ڇو ته
سندن جسم سڌو سنئون تراکڙو
(Flat) ھوندو آھي. ۽ اھو
گھڻو ڪري جانورن سان گڏو گڏ انسانن ۾ رھڻ وارو تراکڙو يا ويڪرو مفت خور (Parasite) آھي. انھن مان ڪي آزاد رھڻ وارا آھن جھڙڪ
پلينيريا اھي تازي پاڻيءَ ۾ رھندڙ آھن. پليٽي ھيلمنٿس ٽن تهن وارا يا ٽرپلو بلاسٽڪ (Triploblastic) جانور آھن ٻاھريون تَھَ (Ectoderm)،
اندريون تَھَ
(Endoderm) ۽
وچيون تَھَ ميزوڊرم
(Mesoderm) آھي.
Comments
Post a Comment