مولانا عبدالغفور قاسمي - محمد حسين شاهه سجاولي


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)


-----------------------
محمد حسين شاهه سجاولي
استاد قاسميءَ جي خادمن مان هڪ ادنيٰ خادم


-----------------------
عرض حال
الحمدللہ رب العالمعین والصلوٰۃ والسلام  بدرالمرسلین محمد وآلہ واصحابہ اجمعین۔  اما بعد فاعوذ باللھ من الشیطان الرحیم بسم اللھ الرحمٰن الرحیم کل نفس ذائقۃ الموت
گذارش ته حضرت استاد مڪرم قبله مولانا علامه عبدالغفور قاسمي نور الله مرقده تي هي چند مضمون استاد صاحب جي متعلقين ۽ دوستن لاءِ پيش ڪجن ٿا. وقت ٿورو ڪم گهڻو هو. تنهن ڪري ڪن دوستن جا مضمون رهجي ويا آهن انهن سان معذرت ڪريان ٿو.
هن ڪتاب ۾ حضرت مولانا محمد صالح صاهب، مولانا نذير احمد عمراڻي، مولانا محمد قاسم سومرو صاحب، مولانا محمد ابراهيم صديقي، مولانا حافظ محمد سليم عاطف، مولوي محمد يعقوب خاصخيلي، حافظ محمد شريف پتي، مولانا عبدالقيوم ، جوهر بروهي جا مضمون شامل آهن.
آئون ڪتاب پيش ڪندي محترم عبدالقيوم قاسماڻي صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن انتهائي مختصر وقت ۾ وڏو ڪم ڪيو. محترم مولانا عبدالباسط نظاماڻي شريڪ دوره حديث جامعه فاروقيه جو به ٿورائتو آهيان جنهن ڪتاب جي پروف پڙهڻ ۾ مدد ڪئي.
اميد ته اسان جي هي محنت قبول پوندي. رب پاڪ کان دعا آهي ته اسان سڀني کي صراط مستقيم عطا ڪري ۽ حضرت استاد قاسميءَ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري. آمين.

محمد حسين شاهه سجاولي
استاد قاسميءَ جي خادمن مان هڪ ادنيٰ خادم




فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت