نئين دور جا نوان سبق (سبق ٽيون) - ادل سومرو





سبق ٽيون
ٻ ـــ  ٻارُ

ٻار جو جمع ٻارڙا به آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ٻاراڻي وهي بادشاهي وهي هوندي آهي ۽ اها بادشاهي هڪ ڀيرو وڃائڻ کان پوءِ ٻيهر حاصل ڪري نه سگهبي آهي. ٻار گهر جو سينگار هوندا آهن، تنهن ڪري گهر جي سينگار لاءِ ٻار جو هجڻ ضروري آهي. جن ٻارن جو ڪو گهر نه هوندو آهي، اُهي فوٽ پاٿ جو سينگار هوندا آهن.

ٻارن جي ڪيترائي قسم آهن. هر ڪو ٻار پنهنجي ڌرتيءَ جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. جنهن ٻار جي ڪا ڌرتي نه هوندي آهي اهو انٽرنيشنل ٻار سڏبو آهي.

ٻار اوهان کي جت ڪٿ نظر ايندا. جيڪي ٻار بنگلن ۾ ڄمندا آهن، اُنهن جي سار سنڀال گُلن وانگر ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري اُهي گلن جهڙا ٻارڙا هوندا آهن. ضروري ناهي ته سڀ ٻار گُلن جهڙا هُجن. جيڪي ٻار جهوپڙين ۾ ڄمندا آهن ۽ گندگيءَ جي ڍيرن تي ڦاٽل ڪپڙا پائي رانديون رهندا آهن، اُهي ماءُ پيءُ لئه هرون ڀرون کڻي گُلن جهڙا هجن پر هونئن اُهي ڪنڊن جهڙا ٻارڙا هوندا آهن.

جن ٻارن کي ماءُ پيءُ نه هوندا آهن، اُنهن کي عام طور تي يتيم چيو ويندو آهي، پر ڪي ٻار ماءُ پيءُ هوندي به يتيم هوندا آهن. سڀ يتيم، يتيم خاني ۾ داخل نه ٿيندا آهن. جن ٻارن جو الله کانسواءِ ڪو به نه هوندو آهي، اُهي يتيم خاني جي هوا کائيندا آهن.

ڪي وري سڪيلڌا (لاڏلا) ٻار هوندا آهن. غريب جو عدد واحد ٻارُ به سڪيلڌو ٿي نه سگهندو آهي، پر سرمائيدار جا سڀ ٻار سڪيلڌا هوندا آهن. اڄڪلهه ٻارن کي ڄمڻ کان روڪيو ٿو وڃي ۽ اُنهن جي خلاف هڪڙو نعرو ٿو هنيو وڃي:

ٿـورا ٻار پيار ئي پيارُ
گـهڻا ٻارَ گـهــڻو آزارُ.

جيڪڏهن سڀ ٻار گُلن جهڙا هجن ها ته اهو نعرو هرگز نه هنيو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته گُلن جيترا گهڻا هوندا اوتري خوشبوءِ وڌيڪ ٿيندي. اهو نعرو صرف ڪنڊن جهڙن ٻارن جي ڄمڻ خلاف آهي. ڇاڪاڻ جو هڪ ٻن ڪنڊن جو سُور تي سهي سگهجي ٿو پر گهڻن ڪنڊن جي تڪليف برداشت ڪرڻ ڏکئي آهي. بنگلن ۾ ڄمندڙ گلن جهڙا ٻار ڪيترا به گهڻا ڇونه هجن، تڏهن به آزار نه بڻبا آهن.

گُلن جي سار سنڀال به گهڻي ڪئي ويندي آهي. اٽليءَ جي هڪ مائيءَ، ماريا مانٽيسوريءَ به ٻارن جي تعليمي ترقيءَ لاءِ تعليم جو هڪ نئون نظريو ڏنو. اهو تعليمي سرشتو رڳو گُلن جهڙن ٻارڙن لاءِ آهي نه ڪي کمڻ هاريءَ جي پُٽ پُنهونءَ لاءِ جيڪو صبح جو ساجهري راتوڪا پاروٿا چانور ڏڌ سان کائي پيرين اُگهاڙي ٽي ميل پنڌ ڪري هڪ پراڻي اسڪول ۾ پٽ تي ويهي پڙهندو آهي. انهيءَ ڳالهه کي، پنهنجو پنهنجو ڀاڳ چئي لنوائي سگهجي ٿو، بهرحال:

انــسانيت جو آهي نعرو
دنيا جو هر ٻار آ پيـــارو.

ڇاڪاڻ جو ڪنڊن ۽ ٿوهرن کي به ڪونڊين ۾ سجائي بنگلن جي سُونهن وڌائي سگهجي ٿي.

مشق
سوال نمبر 1:       خانگي ۽ انٽرنيشنل ٻار ۾ فرق ٻڌايو؟
سوال نمبر 2:       يتيم خاني جي هوا ڪهڙن ٻارن کي نصيب ٿيندي آهي؟
سوال نمبر 3:       ٻارن کي ڄمڻ کان ڇو ٿو روڪيو وڃي؟
  
نوان لفظ
يتيم خانو 
:
الله وارن جو آخري اجهو
نعرو 
:
جيڪو صرف هڻي سگهجي (وات سان)
انسانيت 
:
اٽي ۾ لوڻ




فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers






Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت