رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ؓ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم مَنۡ صَامَ یَوما اِبۡتِغَاءَ وَجۡہِ اللہِ بَعُدَہٗ اللہُ مِنَ جَھَنَّمَ کَبُعۡدِ غُرَابٍ طَاءِرٍ وَھُوَ فَرۡخّ حَتّٰی مَاتَ ھَرِماً۔ رواھ احمد (مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب صیام التطوع الفصل الثالث ج 1 ص 180۔ 181)

”حضرت ابو هريره رضھ کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنوديءَ جي حاصل ڪرڻ جي خاطر هڪ ڏينهن روزو رکندو ته الله پاڪ ان کي دوزخ کان هن اڏامندڙ ڪانَو جي مسافت جي بقدر پري رکندو آهي جيڪو (ڪانوَ) ٻچو هجي ۽ پوڙهو ٿي مري.

چيو ويندو آهي ته ڪانوَ جي عمر هزار سال تائين هوندي آهي تنهن ڪري فرمايو ويو ته اگر ڪانو ابتدائي عمر کان پنهنجي عمر جي آخري حصي تائين اڏامندو رهي ته غور ڪريو ته اهو ڪيتري قدر زياده مسافت طئي ڪندو جيتري مسافت اهو طئي ڪندو اوتري قدر ئي الله پاڪ روزيدار کي دوزخ کان پري رکندو. اها هڪ وڏي خوشخبري آهي انهن ايمان وارن جي لاءِ جيڪي روزي جو قدر ڪندا آهن ۽ ان کي اختيار ڪندا آهن.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت