Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ڪي گورائيدو K. Guraidhoo ٻيٽ جي رات

  

ڪي گورائيدو K. Guraidhoo ٻيٽ جي رات

 

اسان سڀني دوستن جو خيال هو ته ٻاهر هوٽل تي هلي ماني کائجي. سو جڏهن هوٽل کان هيٺ لٿاسين ته هوٽل جو انچارج جيڪو سٺ پنجهٺ سالن جو چاچو هيو، ان کي به ماني جي صلاح ڪندي چيوسين ته، “اسان ٻاهر ڪنهن سٺي هوٽل ۾ ماني کائينداسين، توهان به اسان گڏ هلو“.

 سو اٿينس هوٽل جي انچارج چاچي اعظم کي ساڻ ڪري هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين. رات هئڻ جي ڪري جتان گذرون پيا، اهو کليل ميدان هيو. اتي ڪافي ڊگها ۽ قديمي وڻ هيا.خاص ڪري بڙ وغيره. اونداهي جو راڄ هيو. ڪٿي ڪٿي ڪا ايڪٽر ٻيڪڙ اسٽريٽ لائيٽ ٻري رهي هئي نه ته خير. چاچو اسان سان گڏ هيو، ڇو ته هي لوڪل ماڻهو هو. ان ڪري اسان کي ڪنهن به قسم جو ڪو به ڊپ يا خوف نه هيو. نه ڦر جو ڊپ نه وري ڪنهن حرامپائي جو خوف. سو ائين ئي ڪچهري ڪندا هلندا رهياسين. هو اسان سان انگريزي ۾ ڳالهائي رهيو هو. چاچي چيو ته،”مان توهان کي جنهن هوٽل تي وٺي ٿو هلان، ان جي ماني تازي ۽ سوداي آهي ۽ هن ٻيٽ ۾ ان جي ماني مشهور آهي“.

پنجن منٽن جي واڪ کان پوءِ هو اسان کي هڪڙي کليل هوٽل تي وٺي آيو. هوٽل جي ڪائونٽر تي نوجوان ڇوڪريون ويٺيون هيون. ڪجهه ڇوڪريون ته بيرياڻيون به هيون. چاچو اسان کي هوٽل تي ڇڏي، پاڻ موڪلائڻ لڳو. چيائين ته،”هوٽل تي ڪير ڪونهي، توهان ماني کائي اچو“.

دوستن هن کي صلاح ڪندي زور ڀريو ته،“چاچا! توهان به اسان سان ماني کائو”. پر هن صفا انڪار ڪندي چيو ته،”نه نه مون ماني کاڌي آهي، توهان کائي وٺو، پوءِ هوٽل تي ملون ٿا“.

جيئن ته ڪائونٽر کان علاوه هن هوٽل ۾ ليڊيز بيرياڻيون هيون. ٿوري دير کان پوءِ انهن مان هڪڙيءَ مينو کڻي اچي اسان جي ميز تي رکيو. هن ۾ ٻه مينو هيا، هڪڙي مينو جا ريٽ ڊالرن ۾ هيا ته ٻي جا اگهه مالديوين روفين ۾ هيا. هن هوٽل جو نالو ”جاوا جيز ڪيفي ۽ ريسٽورنٽ“ هيو. اسان دوستن گڏسڏجي، ڪجهه ايٽم پسند ڪري، ماني جو آرڊر ان ڇوڪري کي ڏيئي ڇڏيو هيو. هاڻي اسان ڪچهري ڪري رهيا هياسين. سامهون کان ڪو پروجيڪٽ فليٽ نما عمارت ٺهي رهي هئي. ان جي چوڌاري ان کي سائو ڪپڙو چاڙهيو ويو هو. پريان کان هڪڙي ٻي هوٽل جا بلب به ٻري رهيا هيا.

ماني ۾ ڏاڍي دير ڪئي وئي. اڌ منو ڪلاڪ کن لڳي ويو هو. انهي دوران ٻه ٽي دفعا پڇيو ويو ته،” ڇا ٿيو اسان جي ماني جو“.

”ٺهي پئي، گهر جون عورتون تازي ماني پچائن ٿيون. اٽو ڳوهيل هوندو آهي. توهان ٿورو انتظار ڪيو”. ليڊي ٻڌايو. جڏهن ماني آئي ته واقعي گرم گرم چپاتيون ۽ نان هيا. ماني ڏاڍي ذائقي واري هئي. پر جڏهن بل آيو ته کاڌل ماني پئي پيٽ کان ٻاهر نڪري. مالديپ ۾ ماني کائڻ ڄڻ ته توهان سڄي ڳوٺ کي ٿا ماني کارايو. ڏاڍي مهانگي ماني آهي. هاڻي مان توهان کي انهن شين جا اگهه ٿو ٻڌايان، جيڪي آئٽم اسان گهرايا هيا. انهن ۾ دال فرائي 6 ڊالر يعني پاڪستاني 1680 روپين جي دال، اڇا چانور/ڀت ٻه پليٽون 4 ڊالر يعني پاڪستاني ٿيا 1120 روپيا، حيدرآبادي چڪن برياني 9 ڊالر يعني 2520 روپيا پاڪستاني، پنير ڀاڄي 7 ڊالر يعني 1960 روپيا، پاڻيءَ جي ننڍي بوتل 500 ملي لٽر واري هڪ ڊالر يعني 280 روپيا، وڏي بوتل ڏيڍ لٽر واري پاڻي جي 2 ڊالر يعني 560 روپين جي ۽ ٽي چپاتيون 5 ڊالرن جون ۽ اسان کاڌيون 9 چپاتيون ته انهن جي قيمت 15 ڊالر ٿي يعني 4200 جون خالي چپاتيون . ٽوٽل بل 44 ڊالر آيو يعني 12320 جي رات جي ماني ڇهن ڄڻن کاڌي. ماني ڏاڍي مهانگي هئي،جيڪا ڪافي دير گذرڻ کان پوءِ به هضم نه پئي ٿي.

ان کان علاوه مون، مظفر ۽ يوسف عجب پنهنجي لاءِ چانهه گهرائي. چانهه ڏاڍي لذيذ هئي. کير واري چانهه نه هئي، بلڪ پائوڊر ۽ ٽي بيگ پتي واري هئي. پر ان ۾ ذائقو هيو. جڏهن ته پرتاب پنهنجي لاءِ ڪولڊ ڊرنڪ جو آڊر ڏنو هيو. مختيار صاحب رات جي ماني کان پوءِ چانهه ٺپ نه پئي. هن جو چوڻ آهي ته ماني کان پوءِ ننڊ ڦٽي ٿي وڃي. مون وٽ سگريٽ هيا. ماني کان پوءِ هڪڙو گولڊ ليف سنڌي هڻي. سنڌي ان ڪري جو هي پاڪيٽ سنڌ مان کڻي ويو هيس. هوٽل تي تمام وڏي اسڪرين لڳل هئي. مان سمجهان ٿو اٺ بائي چار جي نه هجي. مٿان ڇپرو، تين جي ڇت. هوٽل سڄي کليل. منهه ٽائيپ وارو ڪائونٽر. چئني پاسي ناريلن جا ۽ ٻين ڪيترن ميون جا وڻ هيا. هوٽل ۾ گهڻي روشني نه هئي. يا ته هاسيڪار جهيڻي روشني ڪري سياحن لاءِ رومانٽڪ ماحول ٺاهيو ويو هو، يا وري لائيٽ بچائڻ جي لاءِ سولر جو سسٽم هوندو. پر جڏهن ايڏي وڏي اسڪرين هلي رهي هئي ته پوءِ بجلي جي بچت جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ماني کائي پاڻ واڪ ڪندا، ڪچهري ڪندا، کل ڀوڳ ڪندا، هڪٻئي سان چرچا ڪندا، ساڳي ئي هوٽل تي اچي نڪتاسين. گهٽين ۾ ڪا به رونق نه آهي، گهٽيون اداس آهن. لڳي ٿو ته هتي ماڻهو جلدي سمهي ٿا پون.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more