مظفر کوکر جي مهمان نوازي
هن وقت رات جا 9 لڳي چاليهه منٽ ٿيا آهن. مظفر رات
جي مانيءَ جو اڳ ۾ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. انڪار ڪرڻ يا حجاب ڪرڻ دوستن سان
غيرمناسب عمل آهي. سو اسان کي به بک لڳي هئي ان ڪري رات جي ماني مظفر وٽ ئي هئي.
سو ٿوري دير ۾ مظفر جا صدورا ننڍڙا اويس علي کوکر ۽ امان الله کوکر ڊائننگ روم ۾
ماني کڻي آيا. اسان کي ماني کارائڻ لاءِ هي ننڍڙا، اسان جي خدمت ۾ بيٺا رهيا. هنن
جو ايڏو خلوص ڏسي اسان کي مظفر جي دوستي تي ناز ٿيڻ لڳو. انتهائي لذيذ ماني، جنهن
۾ ڪڪُڙ جو ٻوڙ، سنهڙيون تريل ڀينڊيون، چانور ۽ برياني شامل هئي. گهر جي تازي ماني
ايڏي سوادي هئي جو مان ته گنجائش کان به گهڻي کائي ويس.
انتهائي بااخلاق ننڍڙا ڏاڍا فرمانبردار لڳا. اويس
علي ٻڌايو ته هو هتي سنڌ گرامر اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهي ٿو. مظفر پنهنجي اولاد کي
يورنيورسٽين تائين تعليم جي سانگي پهچايو آهي. مظفر جو ٻارڙن کي يونيورسٽيءَ تائين
پهچائڻ پڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. اصل ۾ اهو ئي عمل آهي جيڪو اسان جي قوم کي اڳتي
ترقي جي راهه ۾ گامزن ڪندو. ان کان علاوه ٻي سٺي ڳالهه مون کي اها به لڳي ۽ مون کي
خوشي ان ڳالهه جي به ٿي ته اسان جي ٻهراڙين مان ڪافي خاندان حيدرآباد يا ڪراچي
پنهنجي ٻارن جي تعليم سانگي لڏي ويا آهن، پر پوءِ به انهن جون جڙون اڄ به پنهنجن ڳوٺن
۾ جڪڙيل آهن. انهن پنهنجا اباڻي ڪک نه وساريا آهن. ائين ٿيڻ گهرجي.
هن مضمون لکڻ وقت رات جا ڏهه ٿين پيا. سائين مختيار
سمون بيڊ تي ليٽي پيو آهي ته جيئن هو چيلهه سڌي ڪري وٺي، وري به هن کي سفر ڪرڻو
آهي. ڇو ته هاڻي اسان کي مسلسل سفر ۾ رهڻو آهي. جنيد منهنجي پاسي ۾ پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ
تي ويهي موبائيل سان کيچل ڪري رهيو آهي. اسان کي هتان ايئرپورٽ لاءِ ڏيڍ يا ٻه ڪلاڪ
کن لڳندا. ان ڪري اسان وٽ اڃان گهڻو وقت آهي. اسان جي فلائيٽ 13 جولاءِ جي صبح جو
ساجهر 6 لڳي 55 منٽن تي آهي. ان ڪري اسان هتان ئي اهو طئي ڪيو ته اسان رات جو ٻارنهين
ڌاري فليٽ مان نڪرنداسين. پر اسان بعد ۾ پنهنجي ان شيڊيول کي مٽايوسين. سو اسان
يارنهين ڌاري فليٽ کان هيٺ لهي مظفر کوکر جي ڪار ۾ ڪراچي ايئرپورٽ ڏانهن روانا ٿياسين.
پرتاب مٺي کان ڪراچي اچي پيو. هن سان جڏهن رابطو ٿيو ته هن ٻڌايو ته هو ٿوري دير
لاءِ ڪراچي ڪلفٽن واري فليٽ ۾ ويندو اتان فريش ٿي ايئرپورٽ هليو ايندو. مظفر جو ننڍڙو
امان الله اسان سان گڏ هيو. ڇاڪاڻ ته واپسي ۾ هو ڪراچي واري فليٽ ۾ ئي رهي پوندو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment