جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
سري لنڪن هي جهاز
UL-152 جيڪو 6؛55 منٽن تي سري لنڪا لاءِ اڏام ڪري چڪو هو. مون سان گڏ ساڄي پاسي
يوسف عجب هيو ته کاٻي پاسي پرتاب ۽ ان سان گڏ وري مختيار سمون صاحب ويٺل هيو. اسان
چارئي گڏ هياسين. اڳيان واري سيٽ جي پٺين پاسي کان لڳل ڪمپيوٽر اسڪرين کي
کوليوسين. ان تي جهاز جي اڏام واري آپشن کي ڪلڪ ڪري نقشو کوليوسين. جنهن ۾ جهاز جي
رفتار، بلندي، مفاصلو ۽ ٻاهر ٿڌ جي درجا حرارت مطلب ته پل پل جي خبر اسان جي اسڪرين
تي هئي.
اسڪرين ٻڌائي پيو ته هن جهاز کي 873 ڪلوميٽر في ڪلاڪ
جي رفتار سان ماهر پائليٽ اڏائي رهيو آهي. هي جهاز 11583 ميٽرن جي بلندين تي اڏامي
رهيو هيو. ڪڪرن کان ڪوهون ميل ڏور مٿي هليو ويو هو. هوا جي رفتار ٻاهر 43 ڪلوميٽر
في ڪلاڪ هيو ۽ ٻاهر درجه حرارت – 49 سينٽي گريٽ هيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو جو
جهاز ۾ اندر به ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. مسافرن کي سيءُ ٿيڻ لڳو هو. ان ڪري مسافرن
ايئرهوسٽس کان ڪمبل وٺي اوڍي ڇڏيا هيا. ڪافي مسافر ته جهاز ۾ اندر نڇون ڏيئي رهيا
هيا.
ڪراچي کان ڪولمبو جو تقريبن چئن ڪلاڪن جو سفر هيو.
وڏو سفر هيو. اهڙي ريت هي طويل سفر ڪجهه ننڊ ڪندي ته وري ڪجهه پرتاب سان ڪچهري ڪندي
گذري ويا. اسان جي سيٽن جي اڳيان مولانا حضرات ڪافي تعداد ۾ ويٺل هيا. هي ملن جو وڏو
ٽولو هيو. انهن کي سفيد رنگ جا پٽڪا ۽ سفيد رنگ جون ٽوپيون پاتل هيون. سڀني کي اڇي
رنگ جا وڳا يعني شلوار قميص پاتل هئي. جن جا پانچا ٽڻين کان مٿي هيا. مون کي هي
تبليغي جماعت جا مولانا لڳا. جهاز ۾ ئي جنيد هنن سان ڪچهري شروع ڪئي. ڪرڻ لڳو.
جنيد کي چيم ته ،” هي ڏاڍا خطرناڪ ماڻهو آهن. هنن
سان گهڻي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪر“.
پر جنيد منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. ويتر هو
مستيءَ ۾ اچي ويو ۽ منهنجي باري ۾ ملن کي چوڻ ته،“هي اسان جو دوست توهان سان تبليغ
۾ هلندو. توهان هن کي پاڻ سان وٺي وڃو”.
مان ملن کان بيزار ويتر جنيد مون کي ڦاسائي ڇڏيو.
مون ملن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ڄڻ مان به ڪو وڏو تبليغي هجان. ملن جا پيٽ وڏا هيا.
ان مان مون کي لڳو ته هنن دين کي وڏو لٽيو آهي. هنن سان ڪچهري ڪندي اها خبر پئي ته
اهي افغانستان جا ملڙا آهن ۽ اهي ٽن مهينن جي تبليغ لاءِ بنگلاديش وڃن پيا. جنيد
انهن ملن مان هڪڙي ملي کي مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته،”هي اسان جو دوست به ٽي
مهينا هڻي ايندو“.
جنهن تي مون چيو ته،” ٽن مهينن مان ڇا ٿيندو“، مون
لاءِ ته سال به ٿورو آهي“؟.
پرتاب چيو ته،” مان به سال جو چڪر هڻي ايندس“.
مولانا سمجهي ويا ها ته هي اسان سان ٽائيم پاس پيا ڪن. هي مولانا سڀ وڏي عمر جا
هيا. ڪي ڪاري ڏاڙهي سان ته ڪي وري سفيد ريش سان. پر اهي ماڻهو ان مهل حيران ٿي
ويا، جڏهن پرتاب بيئر گهرايو ۽ پنهنجي اڳيان گلاس ۾ لاهي اوتڻ لڳو، مظفر ٻه بيئر
سامهون رکي ڇڏيا. جنيد به بيئر وارو شيشي جو گلاس هنن جي اڳيان ٺاهي ٺاهي پيئڻ لڳو.
مون کي اهو لطيفو ياد اچي ويو جڏهن ڪو مسافر ٽرين ۾ مُلي جي اڳيان پاڻي جو گلاس
پيتو ته ان تي ملي کي وڏو اعتراض ٿيو ۽ چيائين ته،“توهان کي شرم حيا ڪونهي جو توهان
رمضان جو به احترام نه ٿا ڪيو، جنهن تي ان مسافر ملي کي چيو ته ..... جڏهن مان اڳتي
هلي ماني کائيندس”.
خير سري لنڪا جي جهازن جي باري ۾ دوستن جو خيال هو
ته ٿڪل جهاز آهن. جهازن جي حالت سٺي ناهي. پر ائين نه هيو. تمام بهترين، آرامده ايڏي
زبردست ڪولنگ جو ماڻهوءَ کي سيءَ وڪوڙي وڃي. هر سهولت سان آرائستا هي جهاز واقعي
ئي بهترين لڳا. پر پوءِ به سفر ته سفر آهي، ڪيڏو به آرامده ڇو نه هجي. هون به سفر
۾ ماڻهو ٿڪجي پوي ٿو. پر آخر سفر به زندگي جيان نيٺ ڪٽجي ويندو. بشرطيڪ ماڻهوءَ جا
حوصلا بلند ۽ بالا هجن.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment