جمعي جو ڏينهن جو روزو



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
جمعي جو ڏينهن جو روزو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم لاَتَخۡتَصُّوۡا لَیۡلَۃَ الۡجُمۡعَۃِ بِقِیَامٍ مِنۡ بَیۡنَ اللَّیَالِیۡ وَلاَ تَخۡتَصُّوۡا یَوۡمَ الۡجُمۡعَۃِ بِصِیَامٍ مِنۡ بَیۡنَ الۡاَیَّامِ اِلاَّ اَنۡ یَکۡوۡنَ فِیۡ صَوۡمٍ یَصُوۡمُ اَحَدُکُمۡ۔ 
(مسلم شریف کتاب الصوم باب کرامۃ افراد یوم الجمعۃ بصوم لایوافق عادتہ ج 1 ص 361)
حضرت ابو هريرة ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته توهان ماڻهون (صرف) راتين مان جمعي جي رات کي نماز ۽ عبادت جي لاءِ مخصوص نه ڪريو ۽ اهڙيءَ طرح ڏينهن مان جمعي جي ڏينهن کي روزي رکڻ جي لاءِ مخصوص نه ڪريو، مگر هي ته جمعي جو ڏينهن ڪنهن اهڙي تاريخ تي اچي وڃي جنهن تي توهان ڪوئي (پهريان کان ان تاريخ جو) روزو رکندا هجو (ته انهيءَ صورت ۾ جمعي جي نفلي روزي رکڻ ۾ ڪوئي حرج نه آهي.


يهودي ڇنڇر جي ڏينهن کي عبادت جي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو ۽ اهي صرف انهيءَ ڏينهن جي تعظيم ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح عيسائين آچر جي ڏينهن جي عبادت کي مخصوص ڪري ڇڏيو ۽ اهي صرف انهيءَ ڏينهن جي بي انتها تعظيم ڪندا آهن ۽ انهيءَ عبادت ۾ مشغول رهندا آهن.

چنانچه پاڻ ڪريم ﷺ جن مسلمانن کي انهيءَ غلط طريقي کان روڪيو ۽ منع ڪري ڇڏيو ته توهان به انهن ٻنهن فرقن وانگر صرف جمعي جي رات ۽ جمعي جي ڏينهن کي تعظيم ۽ تڪريم ۽ عبادت جي لاءِ مخصوص نه ڪريو ته جيئن انهيءَ معاملي ۾ انهن ٻنهن سان مشابهت پيدا نه ٿئي. البته شريعت جمعي جي ڏينهن جي جيڪا اهميت ۽ عظمت ۽ فضيلت بيان فرمائي آهي اها ته برحق آهي ۽ ان ڏينهن جي ايتري ئي اهميت و عظمت پيش نظر رهڻ گهرجي ان ۾ ڪنهن فرقي جي مشابهت ئي ڇونه هجي مگر پنهنجي طرف کان ان جي تعظيم ۽ تخصيص ۾ اضافو نه ڪرڻ گهرجي، يا وري پاڻ ڪريم ﷺ جن ان ڪري منع فرمايو ته انسان کي گهرجي ته اهو سمورن وقتن ۾ عبادت ۽ اطاعت ۾ مشغول رهي ۽ هر وقت الله پاڪ جي رحمت جو اميداور رهي ۽ ڪنهن خاص وقت کي عبادت جي لاءِ مخصوص ڪرڻ ۽ باقي وقتن ۾ معطل و بيڪار رهڻ ڪڏهن به فائديمند نه آهي. ورنه ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جمعي جي ڏينهن جو روزو رکندا هئا جهڙيءَ طرح ترمذي شريف ۽ سنن نسائي شريف ۾ حضرت عبدالله بن مسعود ؓ  جي روايت ۾ صراحت موجود آهي.

۽ فقهاءِ ڪرام جن جمعي جي ڏينهن روزي کي مستحب لکيو آهي. ۽ ڪجهه فقهاءِ ڪرام انهيءَ خيال سان ته روزي جي ڪري ڪمزوري جي باعث فرض نماز ۾ ڪجهه خلل واقع نه ٿئي تنهن ڪري روزي کان منع فرمايو آهي، ورنه انهيءَ ڏينهن جي روزي جي استحباب ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ۽ فقهاءِ ڪرام فرمائن ٿا ته احتياطن هڪ روزو ان کان پهريان يا پوءِ رکڻ گهرجي. اگر صرف اڪيلو جمعي جي ڏينهن جو روزو رکيو ويو ته تڏهن به ڪوئي حرج نه آهي. 
(الدر المختار والرد المحتار ڪتاب الصوم ج 2 ص 414. فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 201)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت