Posts

Showing posts with the label Shah Abdul Latif Bhittai

قومي غيرت

Image
قومي غيرت هر مرد ۽ هر عورت کي هڪ جيتري هوندي آهي، انهيءَ ۾ جنس جي ڪا تخصيص نه ٿيندي آهي. شاهـ صاحب هڪ سنڌي عورت جا غيرتمندانه خيال هن طرح ٿو چٽي : ” ڀڳو“آءُ نه چوان،”ماريو“ته وسهان ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان ته پڻ لڄ مران، جيڪر هو ونس پٺ ۾ . هن بيت ۾ هڪ سنڌي عورت ساهيڙين کي ٿي چوي، ته: آءُ اهو ته ڪڏهن به نه مڃينديس ته ڪو منهنجو ڪانڌ جنگ جي ميدان مان ڀڄي آيو آهي. باقي جيڪڏهن ڪو چوي ته جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو آهي ته انهيءَ ڳالهه تي مان اعتبار ڪنديس. منهنجي ڪانڌ کي جيڪڏهن مُنهن ۾ ڌڪ لڳل آهن ته انهن کي فخر منجهان گرم ڪپڙي سان پيئي سيڪينديس، پر جي جنگ جي ميدان مان پٺي ڏيئي ڀڳو آهي ۽ کيس پٺ ۾ ڌڪ لڳل آهن ته لڄ وچان مري وينديس. شاهـ عبداللطيف ڀٽائي فهرست    Index Back to Index  Sindh Digital Readers

ڀٽائيءَ جي دؤر جو آئينو

Image
ڀٽائيءَ جي پارکن کي گهرجي ته ڀٽائيءَ جي مذهبي فلسفي کي ملان جي مذهب ۽ هڪ صوفيءَ جي مذهب واري فرق سان ڏسن . هندوءَ کي مخاطب ٿيندي ڀٽائيءَ چيو : ڪوڙو ٿون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ هندوءَ هڏ مَ آهين، جڻيو تون نه جڳاءِ تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين . ۽ مسلمانن کي مخاطب ٿيندي چيائين :

سنڌ جا دائمي درد

Image
·       سنڌ ۾ سوڪهڙو ·       سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ·       ڌارين جا حملا، باهين جا واقعا، موتمار ٻوڏون، خونخوار وچڙندڙ بيماريون ·       غربت، مظلوميت، معاشي بدحالي، اگهاڙا انگ ۽ بُکيا پيٽ ! سنڌ ۾ سوڪهڙو ڀٽائي سنڌين جي دائمي دردن جو شاعر آهي. سنڌ سنڌو درياءَ جي پڇڙيءَ تي آهي ۽ چوندا آهن ته ”پڇڙي يا سڪي يا ٻڏي“ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ، سو ڪهڙي ۽ ڏڪار تي ڀٽائيءَ سر ڏهر ۾ جيڪي بيت چيا آهن سي صدين تائين سنڌين جي ايندڙ نسلن کي به متاثر ڪندا. ڇاڪاڻ ته انهن بيتن ۾ بيان ڪيل مامرا دائمي آهن. ساڳي صورتحال جڏهن به پئدا ٿيندي ته اهي بيت ساڳيا ڪيل مامرا دائمي آهن. ساڳي صورتحال جڏهن به پئدا ٿيندي ته اهي بيت ساڳيا جذبا جاڳائي وهندا .

ٿر ۾ وسڪارا ٿي وڃن ته ٿر ڪشمير ٿي پوندو

Image
ڀٽائي سنڌ جي دائمي دردن جو شاعر آهي. سنڌ جا دائمي درد ڪنهن خاص صدي تائين محدود ناهن. دائمي جو آهن. انهن جو دائم ۽ قائم رهڻ سنڌ جي جاگرافي، تاريخ ۽ معاشي حالتن جي ڪري آهي. ان ڪري ڀٽائيءَ جي شاعري به دائمي آهي. ٿر، ڪاچي ۽ ڪوهستان ۾ جيڪو ڏڪار ايندو رهيو آهي، اهو به سنڌ جي تاريخ جو صديون پراڻو درد آهي. 

سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ – جائزو

Image
  سنڌي ٻولي – جائزو ·       ايڪويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورت وڃي ڪهڙي بيهندي؟ ·       اصلي سنڌي ٻوليءَ جو مزو، چس ۽ مزاج ماڻڻو آهي ته ڀٽائيءَ ڏانهن موٽڻو پوي ٿو. ·       اڄ اسان جو شهري نوجوان ڀٽائيءَ کي مس 20 سيڪڙو سمجهي ٿو. نئين ٽهيءَ جو اديب ڇڪي تاڻي 50 سيڪڙو ۽ پراڻي ٽهي سميت باقي ماڻهو وڌ ۾ وڌ 70 سيڪڙو. ·       ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ٻين ڪيترين ٻولين جا لفظ استعمال ڪيل آهن پر هن جي ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو ٺيٽ سنڌي آهي. ايتري تائين جو هن پاڻ سنڌيءَ تي فارسيءَ جي بالا دستي برداشت نه ڪئي. ·       اڳتي هلي شاهه جو رسالو اسان لاءِ شايد سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنتري ٿي پوي. ·       اسلام آيو ته اسان جي سنڌي عالمن سنڌي ۽ عربيءَ جي کچڻي رڌي کائڻ شروع ڪئي. ·       ايران جي حاڪميت جون حدون سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪناري تائين پهتيون ته سنڌي ٻولي کي فارسي زده ڪيو ويو. ·       جڏهن ڊچن، پورچوگيزن ۽ انگريزن سالن تائين سنڌ تي راڄ ڪيو ته وري سنڌيءَ ۾ انگريزي گاڏڙ ٿي وئي ۽ اڃا تائين صاف نه ٿي سگهي آهي.

ڀٽائي - سنڌ جي دائمي دردن جو شاعر - يورپي محقق ڊاڪٽر سورلي

Image
  يورپي محقق ڊاڪٽر سورلي کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻن احڃاڻن سڀ کان گهڻو جهنجهوڙي وڌو هو. هڪ ته هن انگريز مصنف کي اهو معلوم ڪري عجب لڳو هو ته جنهن دؤر ۾ ايشيا جي شاعريءَ لاءِ ٽي وڏيون ٻوليون، يعني فارسي، عربي ۽ هندي موجود هيون ۽ ڀٽائي اهي ٽيئي ٻوليون ڄاڻندو به هو، پر پوءِ به هن پنهنجي عظيم شاعريءَ لاءِ هڪ اهڙي غير معروف مقامي ٻولي جو انتخاب ڪيئن ڪيو، جنهن جي ان وقت هڪ “لساني لهجي” کان وڌيڪ حيثيت ڪانه هئي. البت جڏهن ڀٽائيءَ ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي ته ان کان پوءِ ئي دنيا کي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت جو اندازو ٿيو. ظاهر آهي ته جيڪا ٻولي ڀٽائيءَ جهڙي شاعر کي پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي، اها دنيا جو عظيم ۽ سڌريل ٻولين مان ئي ٿي سگهي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه جيڪا انگريز ماهر کي سمجهه ۾ نه آئي هئي، سا اها هئي ته ڀٽائيءَ پنهنجي اعليٰ شاعريءَ لاءِ جيڪي موضوع چونڊيا هئا، سي سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسوي دوران دنيا جي عظيم شاعري جا ڪڏهن به موضوع نه رهيا هئا.

ليڪچر ــ ڀٽائي جو نظريو - سهيڙيندڙ: انور ابڙو

Image
سنڌ، ترقي پسند ادبي تحريڪ ۽ ڀٽائيءَ جي حقيقي فڪر ۽ نظرئي جو شارح، جيڪو پاڻ چوي ٿو ته کيس ڀٽائيءَ جو شانسٽ ڪوٺيندا آهن ۽ هڪ وڏي ادبي ۽ صحافتي نالي واري مانائتي انور پيرزادو کان “ڀٽائيءَ جو نظريو” واري موضوع تي 26 آگسٽ 1988ع تي سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ليڪچر ڪرايو ويو. هن پروقار تقريب ۾ نئين ٽهيءَ جي ترقي پسند شاعرن، اديبن ۽ عام سياسي شخصيتن جهجهي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائيءَ جي ابتدا انور ابڙي ڀٽائيءَ جي بيت سان ڪندي سنگت ڏوڪريءَ جي سيڪريٽري ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار نثار کوکر کي مانائتي مهمان انور پيرزادي جي مانَ ۾ آجياڻي وارا لفظ چوڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي هلائڻ لاءِ سڏ ڪيو .

ڀٽائي ــ سنڌ جو ماضي، حال ۽ مستقبل

Image
  سنڌي ادب جي تاريخ ۾، اسان جو ڀٽائي، هڪ ٻيو موهن جو دڙو آهي، جنهن جي شاعري ۽ انقلابي فڪر تي هند سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي سو اڻ پورو به آهي ۽ ڀٽائيءَ جي آدرشن سان اڻ ٺهڪندڙ پڻ. تازو هند جي سنڌي رسالي ”ڪونج“ جي ايڊيٽر هري موٽواڻيءَ هڪ ادبي ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته هندستان جي سنڌي ادبي حلقن ۾ اڃا تائين ڀٽائيءَ کي سرڳواسي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ڇڏيل صوفي ازم واري منزل تي رکي پرکيو وڃي ٿو ۽ اهڙي ڪا نئين تحقيق نه ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جو پنهنجي دؤر جي مادي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ماحول سان اٽوٽ رشتو ثابت ڪيل هجي. اهڙي طرح هنڌ سنڌ ۾ ڀٽائيءَ تي عام طرح جو ڪجهه لکيو ويو آهي، ان ۾ ڀٽائي جيڪو شاعر آهي، سو موجود ڪونهي ۽ ڀٽائي جيڪو سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي فلسفي جو باني آهي، سو نظر نه ٿو اچي .

شاهه جي نظر ۾ زندگي جو تصور - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

Image
زندگي ۽ موت، جزا ۽ سزا جا مسئلا انساني سوچ ۾ ابتدا کان وٺي وڏي اهميت رکن ٿا. انسان انهن معاملن ۽ مسئلن بابت هزارين سالن کان سوچيندو ۽ مختلف نظريا قائم ڪندو آيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به ان بابت سوچيو ويچاريو. ان کي پنهنجي شعر ۾ سلجهائي سمجهايو آهي. شاهه صاحب جي نظر ۾ زندگي تحرڪ جو نالو آهي، ۽ تحرڪ ئي روحاني توڙي مادي ترقيءَ جو ذريعو آهي. هو ٻڌائي ٿو، ته زندگيءَ جو سفر، سامونڊي سفر جيان اجهاڳ آهي. انهيءَ ڪري زندگيءَ جي اعليٰ مقصد ۾ اهي ئي ڪامياب ٿين ٿا، جيڪي سدائين سفر ۾ رهن ٿا. سر سامونڊيءَ ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي، اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جيون، اٺئي پهر ا ٿن، سعيو ڪنهن   سفر جو . قرآن حڪيم ۾ آيو آهي: لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ ﴿ الانشِقاقِ ــ١٩﴾ (توکي درجي بدرجي چڙهڻو آهي)

سنڌي سماج ۽ لطيف سائين - ڊاڪٽر سليمان شيخ

Image
انساني حياتيءَ جي لکها سالن واري سفر جي نتيجي ۾ اڄ جو سماج وجود ۾ آيو آهي. گهڻو گهڻو اڳ جڏهين ماڻهو غارن ۾ رهندو هو، تڏهن به گڏجي رهڻ جو اهڃاڻ ملي ٿو. بيجنگ شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر باهر پنج لک سال پراڻي ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ جا نشان مليا آهن . انهن نشانن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته اولاد سان محبت جو عنصر ۽ ان کي پنهنجو وارث سمجهڻ جو احساس ان وقت به موجود هو. اهو ئي نڪتو، گڏجي رهڻ، هڪ ٻئي سان لاڳاپي رکڻ ۽ پاڙا ٺاهڻ جو سبب بڻيو .

شاهه عبداللطيف جو سماجي شعور (سر مارئيءَ جي حوالي سان) ڊاڪٽر فهميده حسين

Image
ڪنهن به ملڪ ۾ ڪا به تبديلي آڻڻ کان اڳ، ذهني تبديلي آڻڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. سماجي ارتقا لاءِ تبديلي زنده قومن لاءِ تمام ضروري هوندي آهي ۽ ان عمل لاءِ قوم جا ڏاها، مفڪر، شاعر هميشه سندن سونهان ۽ رهبر بنجي، کين سنئين دڳ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو سنڌي سما ج ، طبقاتي ننڍ وڏائي وارو سماج هو، ان ۾ صدين جي غلاميءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪئين خرابيون هيون، جيڪي ريتن رسمن ۽ روايتن جي نالي ۾، وڻ ويڙهيءَ وانگر هن کي کوکلو ۽ پورو ڪري چڪيون هيون، ۽ انهن کي ختم ڪرڻ يا بدلائڻ يا انهن جي خلاف آواز اٿارڻ جو ساهه ڪنهن ۾ به ڪونه هو.

لطيف سنڌ آ، سنڌ لطيف آ - علي نواز وفائي

Image
انسان ڇو ٿو جُهڪي، ڇا لاءِ ٿو جُهڪي، ڪڏهن ٿو جُهڪي، ڪنهن لاءِ ٿو جُهڪي، ڪيئن ٿو جُهڪي ۽ ڪنهن جي اڳيان ٿو جهڪي. اهي نهايت ئي نازڪ ۽ نفيس مسئلا ۽ معاملا هوندا آهن. جڏهن انسان صرف پنهنجي دل ۾ جهڪڻ، جهڪائڻ، جهڪجڻ ۽ جهڪجي وڃڻ جو خيال ڪري ٿو تڏهن ائين سمجهڻ گهرجي ته همراهه سمورين انسانيت جي اوچين ۽ اعليٰ خوبين ۽ خاصيتن کان خالي ۽ کوکلو ٿي رهيو آهي.

شاهه لطيف جو پيغام - اي ڪي ــ بروهي

Image
شاهه لطيف جي شاعري ۽ سندس پيغام متعلق ڳالهائيندي آئون اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته آئون ڪنهن ناقد ۽ محقق جو ڪردار ادا نه ڪندس. منهنجو يقين آهي ته منهنجي حيثيت تمام معمولي آهي ۽ آئون انهيءَ حيثيت سان شاهه صاحب جي شاعري ۽ مقصد جي هڪ مداح جي حيثيت ۾ ڪجهه عرض ڪندس. اهو به منهنجي لاءِ ناممڪن آهي ته هن شاعر جي تاريخي متن کي تماشبينن وانگر پري کان ڏسندو رهان جنهن کي اوهين سندس شاعريءَ جو هڪ مقصدي جائزو چئي سگهو ٿا . شاهه صاحب جو فڪر ۽ تاثير هر سنڌيءَ جي زندگي تي اهڙو گهرو ڇانيل آهي، جو هو انهيءَ کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ۽ جيتري قدر منهنجو تعلق آهي، آئون سمجهان ٿو ته شاهه جي شاعري مون کي ماءُ جي ٿڃ ۾ ملي آهي. جڏهن به آئون شاهه صاحب جي صرف ڪافي ڳائيندي! ٻڌان ٿو ته مون کي ايتري لطيف خيالي محسوس ٿئي ٿي، جيتري ”بيٿووين“ جي نائين نغمي مان به نٿي ٿئي. شاهه لطيف جيڪي شاعريءَ ۾ چيو آهي، اهو منهنجي زندگيءَ جو حصو بنجي چڪو آهي، تنهن ڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته آئون سندس پيغام کي صرف مقصدي نڪته نگاهه سان ڏسان . انهيءَ کان اڳ، جو آئون ڪجهه چوان، اهو خيال ذهن ۾ رکجو ته منهنجو نڪته

شاهه جو پيغام هر دؤر لاءِ - مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

Image
ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ”سنڌ“ هڪ پاسي هتي جي شاندار علمي، ادبي ۽ فڪري روايتن سان ڀرپور هئي ته ٻئي پاسي برصغير جي مسلم حڪومتن جي باهمي جهڳڙن ڪري، انقلاب جي لهرين ۽ لوڏن کان به پاڻ کي پري نه ٿي رکي سگهي. حڪومتن جي هڪ ٻئي سان رقابت ۽ ملڪ گيريءَ جي هوس ته هڪ پراڻي روايت هئي، پر ملڪ جا مذهبي ادارا به فروعي اختلافن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيا هئا. اهڙي وقت سنڌي سٻاجهڙن تي قدرت جو اهو احسان ٿيو جو هتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عارف ۽ آفاقي شاعر پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي عارفانه ۽ اديبانه ڪلام سان ماضيءَ جي قديم علمي ۽ ادبي روايتن کي نئين سر جياري انهن کي وڌڻ، ويجهڻ جو موقعو ڏنو ويو، ۽ هتي جي رهواسين کي دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ جو پيغام، ”سنڌي شعر “ ۾ پيش ڪري، کين دڳ لاتو. شاهه صاحب جو اهو پيغام آفاقي ۽ عالمي هو، جو هر دؤرسان ٺهڪندڙ ۽ موافقت رکندڙ آهي .

شاهه جون آيتون - مولوي محمد ابراهيم”انيس“ مهيري

Image
  شاهه جون آيتون مولوي محمد ابراهيم ”انيس“ مهيري سنڌ جو زنده جاويد مفڪر شاعر، شاعرن جو سرتاج سيد عبداللطيف شاهه رحمته الله عليه، جنهن کي هن دنيا مان رحلت ڪندي ٻن سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. سو اڄ به هر خاص و عام، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي زبان ۽ ذهن تي حاوي آهي . جهڙيءَ طرح حياتيءَ ۾ شاهه صاحب وٽ مريدن، معتقدن ۽ محبن جو ميلو لڳو پيو هوندو هو، ساڳيءَ طرح هاڻي به سندس مزار تي ”حواليه من ڪل فجّ عميق“ جا هر روز، ماه بماه ۽ سال بسال ميلا لڳا پيا آهن. معلوم ٿو ٿئي ته جيستائين هي دنياوي گنذ قائم آهي، تيستائين سندس نالو ساهه وارن جي ڪنن ۾ وڄندو رهندو. حقيقت هي آهي ته جيڪي انسان الله جي عشق و محبت ۾ مري ويا آهن ۽ پنهنجو نفس ماري پوءِ مري ويا آهن، سي سدا حيات ۽ زنده آهن . ھر گز نمیرد آنکھ دلش زندھ شد بعشق، ثبت است بر جریدۂ عالم دوام ما۔ شاهه صاحب عام شاعرن وارنگر محض فنڪار نه هو، بلڪه باعمل متشرع، مُصِلح، باهمي اتحاد واتفاق جو حامي هو . پوءِ يا للعجب! نهايت ارمان سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي همعصر اهل قلم حضرات کي ڇا ٿي ويو آهي، جو نوآموز شعراءَ طفلان مڪتب کي مٿي کڻي،