شاهه جو پيغام هر دؤر لاءِ - مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي



ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ”سنڌ“ هڪ پاسي هتي جي شاندار علمي، ادبي ۽ فڪري روايتن سان ڀرپور هئي ته ٻئي پاسي برصغير جي مسلم حڪومتن جي باهمي جهڳڙن ڪري، انقلاب جي لهرين ۽ لوڏن کان به پاڻ کي پري نه ٿي رکي سگهي. حڪومتن جي هڪ ٻئي سان رقابت ۽ ملڪ گيريءَ جي هوس ته هڪ پراڻي روايت هئي، پر ملڪ جا مذهبي ادارا به فروعي اختلافن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيا هئا. اهڙي وقت سنڌي سٻاجهڙن تي قدرت جو اهو احسان ٿيو جو هتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عارف ۽ آفاقي شاعر پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي عارفانه ۽ اديبانه ڪلام سان ماضيءَ جي قديم علمي ۽ ادبي روايتن کي نئين سر جياري انهن کي وڌڻ، ويجهڻ جو موقعو ڏنو ويو، ۽ هتي جي رهواسين کي دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ جو پيغام، ”سنڌي شعر ۾ پيش ڪري، کين دڳ لاتو. شاهه صاحب جو اهو پيغام آفاقي ۽ عالمي هو، جو هر دؤرسان ٺهڪندڙ ۽ موافقت رکندڙ آهي.


ڀٽائي صاحب رحه پنهنجن بيتن کي آيتون سڏي ٿو، ان ڪري سندن پيغام قرآن مجيد جي انقلابي فڪر هيٺ آ ۽ اها به مڃيل ڳالهه آهي ته جيڪڏهن مڙني آسماني ڪتابن کي غور سان پڙهبو ته اهي سڀ انساني وحدت جا ترجمان نطر ايندا، حڪمت ۽ فلسفو به انهيءَ فڪر کي مڃي ٿو. قرآن رڪيم انهيءَ وحدت جو خيال رکي قيصر ۽ ڪسريٰ جهڙن شهنشاهن جي شهنشاهتن کي ختم ڪرڻ جي دعوت ڏني، ڇو ته اهي طاقتون پنهنجي دؤر۾ استحصالي قوتون هيون، جن سان انساني وحدت، انصاف ۽ اخوت جهڙن جذبن کي ختم ڪيو ويو هو.

حڪمت ۽ فلسفي جو اهو بها صول آهي ته جيستائين انسان جي آڏو اعليٰ ۽ بلند نصب العين نه هوندو. ايستائين ان کان عمل صالح پڌرا نه ٿي سگهندا. ان ڪري اسلام ۾ ايمان بالله (الله تي ايمان آڻڻ) کي هڪ بلند نصب العين جي حيثيت حاصل آهي. ڀٽائي صاحب رحه سُر “ڪلياڻ” ۾ گهڻي ڀاڱي انهيءَ نصب العين جي تلقين ڪئي آهي:

نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

صوفين سڳورن وٽ انهيءَ عقيدي ۽ نصب العين جي سڀ کان بلند منزل هيءَ آيه ته انسان اهو ويساهه رکي ته زمين ۽ آسمان ۾ جيڪڏهن ڪا حقيقي هستي آهي ته اها رڳو الله جي آهي، ۽ هتي جو ڪجهه آهي اهو سندس فيضان آهي ۽ جيڪي اڳتي هلي ٿيندو. ان جو اصلي ڪارڻ اهو آهي، ڀٽائي صاحب انهيءَ حقيقت کي هن طرح سمجاهئي رهيو آهي:

سو هيءُ، سو هُو، سو اَجل، سو الله،
سو پرين سو پساههُ، سو ويري سو واهرو.

پڙاڏو سو سڏ، ورُ وائي جو جي لهين،
هئا   اَڳهِمُ    گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿئا.

هن نصب العين کي خدا پرستي به سڏي سگهجي ٿو، جنهن جون ڪيتريون ئي منزلون آهن، انهن مان خدا پرستيءَ جي منزل، انسان دوستي به آهي، جنهن کي هن طرح سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو شخص اهو ويساهه رکي ٿو ته سڀ انسان ڌڻيءَ جا پيدا ڪيل آهن، ان کي انسانن جي انهيءَ خلقڻهار سان محبت به آهي ته ان لاءِ اهو به ضروري ٿيندو ته اهو سندس مخلوق ساب به محبت رکي. جي ان ماڻهو کي خدا جي مخلوق سان محبت ۽ پيار نه وندو ته هن وسهڻ ۾ ويرم نه ٿيندي ته اهو خدا سان محبت واري دعويٰ ۾ سچو نه آهي.

سچن صوفين جي تعليم کي ڏسبو ته انهن خدا پرستيءَ جي انهيءَ عملي شڪل انسان دوستيءَ کي اصل دين سڏيو آهي. اسان جو سدا حيات شاعر ۽ سهڻو شاهه انهيءَ آفاقي پيغام کي پهچائڻ ۾ ٻين صوفين سڳورن کان گهڻو اڳڀرو نظ ايندو. سندس ڪلام تي سرسري نگاهه وجهڻ سان هر هڪ سرود ۾ انسان دوستي يعني انسان ذات سان پيار ۽ محبت ڪرڻ جو سبق سمايل نظر ايندو. شاهه ڀٽائي صاحب رحه ته هن ڪثرت کي، جيڪا وحدت کان نڪتل آهي، وحدت ۾ محو ڄاڻي ٿو. جڏهن مخلوق ۽ خالق جو پاڻ ۾ ايڏو سٻنڌ هوندو ته پوءِ هڪ سان محبت ۽ پيار کي ٻئي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي، بلڪه صوفين ته الله جي خلق کي ان جو عيال سڏيو آهي. ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو:

وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُل،
هو هلاچو هُل،  بالله سندو سڄڻين.
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
پاڻِهه پسي پاڻ کي، پاڻِهه ئي محبوب،
پاڻِهه  خلقي  خوب، پاڻِهه طالب تن جو.

ڏمر، خود غرضي ۽ بي صبري واريون بُريون وصفون انسان دوستيءَ کان ڏور رکن ٿيون ۽ انسانن جي باهمي عداوت، دشمني ۽ جهيڙي جهٽي جو ڪارڻ بنبيون آهن. شاهه ڀٽائي صاحب رحه خدا جي مخلوق کي پياري رکڻ ۽ ان سان محبت پيدا ڪرڻ لاءِ مٿين وڳڻن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪهڙن نه سادن اکرن ۾ هيءُ آفاقي پيغام ڏيئي رهيو آهي:

ڏَمَر پاسو ڏک سين، کانڌ کٿوري هوءِ،
”والله مع الصابرين“، آگو ايهم  چوءِ.
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
کَمُ کمندن کٽئو، هارايو هوڙن،
چيو نه چُوندن، هو جو ساء صبر جو.

هو چوني تون مَ چئو، واتان ورائي ويڻ،
سڀني سين ”سيد“ چئي، من ماري ڪر ميڻ،
کانڌ   وڏيائي کيڻ،   ڪيني منجهان ڪين ٿي.

هن کان سواءِ اسان جي لاکيڻو لطيف سنڌ جي سورمي مائي مارئي جي زباني انسان دوستي جو ڪهڙو نه عمدو منظر پيش ڪري رهيو آهي:

تَنِ وَهِيَن ويڙيچن ۾، سدائين سُڪار،
چُنڊيو آڻيو چاڙهيو، سندو ڏؤنرن ڏار،
جَنِ جو ويڙن سين واپار، سي ڏوٿي هُون نه ڏٻرا.

مولانا رومي جي مثنوي، حضرت شاهه ڀٽائي صاحب سان سفر، حضر ۾ ساڻ هوندي هئي، ان ۾ انسان ذات سان پيار ۽ محبت جي سمجهائڻ لاءِ هڪ قصو آندو ويو آهي، ان کي هتي ذڪر ڪرڻ نامناسب نه ٿيندو: ڳالهه هن طرح آهي ته حضرت ابراهيم عه جي اها عادت هوندي هئي، جو جيستائين دسترخوان تي ڪو مهمان نه هوندو هو ته ايستائين کاڌو نه کائيندا هئا. هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو ٻه ــ ٽي ڏينهن وٽس ڪو مهمان نه آيو. منجهند جو وقت هو، جو حضرت ابراهيم عه گهر کان نڪري ڪنهن مهمان جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪڍي رهيو هو، سخت گرمي هئي ۽ ڏاڍي گرم لُڪ لڳي رهي هئي، گرميءَ کان ره ساهه واري شيءِ جي حالت ڏاڍي خراب هئي، ايتري ۾ ڇا ٿيو جو پري کان هڪ پوڙهو ماڻهو ٿاٻا ٿوٻا کائيندو اچي رهيو هو. ان جا ڪپڙا ريڙون ريڙون ۽ ڦاٽل هئا، سندن بدن گرد و غبار ۾ رئي سان ڀريل هو، حضرت ابراهيم عه وڏي سڪ سان، مهمان کي آجيان ڪئي ۽ کيس گهر وٺي شروع ڪيو، پر پوڙهو مهمان ائين ئي کائڻ ۾ شروع ٿي. حضرت ابراهيم عه کي مٺيان لڳي، پڇڻ ته مهمان وراڻيو ته آئون الله کي سڃاڻان ئي ڪونه. حضرت ابراهيم عه اهو جواب ٻڌي تپي ويو ۽ پوڙهي کي گهر مان لوڌي ڪڍيائين.

مولانا روم لکي ٿو ته ان کان ستت ئي پوءِ حضرت ابراهيم عه وٽ الله وٽان وحي جي ذريعي پيغام آيو ته مون پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي سٺ سال برابر کاڌو پيتو ڏنو ۽ سندس هر هڪ ضرورت ۽ گهرج پوري ڪئي، پر تو کان اهو به نه ٿيو جو تون ان کي رڳو هڪ وقت جو کاڌو به کارائي نه سگهئين!

وحدت الوجود
ڀٽائي صاحب، ايمان بالله واري نصب العين کي خدا جي ذات ۽ ان جي مخلوق جي سمورين حقيقتن کي انساني ذهن جي ويجهو آڻڻ لاءِ وحدت الوجد واري عالمي فڪر ڏانهن به اشارا ڪيا آهن. اهو فڪر جنيد بغدادي جي دؤرکان شروع ٿيو. هن جو موجد ابو علي سنڌي نالي صوفي کي چيو وڃي ٿو، جنهن بغداد جي عظيم صوفين کي اهو فڪر سمجهايو. شيخ محي الدين ابن عربي ان کي زور وٺايو ۽ فني حيثيت ڏئي آفاقي پيغام بڻايو، شيخ عبدالڪريم جيلي شيخ اڪبر جي پوئلڳي ڪئي، شيخ عراقي لمعات ۾ شيخ اڪبر جي فصوص الحڪم ڪتاب جي وحدت وجودي تعليم کي فارسي نظم جو لباس پهرايو. ايران سان سنڌ جي قديمي لاڳاپن ڪري، سنڌي ادب تي انهيءَ فڪر جو تمام اونهون اثر پيو. ڀٽائي صاحب رحه به انهيءَ فڪر جي تلقين ڪئي آهي، ڀٽائي صاحب جو معتقد ۽ گهاٽو دوست مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺارو قوم دل، پڻ انهيءَ فڪر جو حامي هو. انهيءَ دؤرجو هڪ ٻيو وڏو حڪيم ۽ عالم شاهه ولي الله پڻ وحدت وجودي هو. هن سلسلي ۾ ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو:
نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتايون،
پاڻهين جَلَ جلاله، پاڻهين جان جملا،
پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن ڪمال،
پاڻهين پير مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال،
سڀ    سڀوئي   حال،    منجهان   ئي معلوم  ٿئي.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ڪيو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.

هن فڪر جي اها خوبي آهي. جو ان سان خدا جي مخلوق سان بغض، عداوت ۽ وير ختم ٿيو وڃي. بيشڪ چڱي کي چڱو چئبو ۽ بڇڙي کي بڇڙو. پر خدا وارن کي بڇڙن ماڻهن جو وڌيڪ فڪر رهندو آهي. شيخ ابن عربي فرمائي ٿو:
لقد کنت قبل الیوم انکر صاحع اذا لم یکن دینی الی دینہ دانی
وقد صار قلبی قابلا کل صورہ فمرعی لِغِزلان ودیر لرھبان
و بیت لنیران و کعبتہ قاصد والواح تورات و مصحف قرآن
ادین و بدین  الحب   اَنی   توجھت  رکاءبہ  فالحب دینی و ایمانی۔

مطلب ته اڄ کان اڳ منهنجي اها حالت هئي جو جنهن رفيق جو دين ۽ ڌرم منهنجي دين سان ميلاپ نه کائيندو هو ته آئون اهڙي ساٿي جو انڪار ڪندو هوس ۽ کيس ڌاريو ڄاڻي، ان کان پري رهندو هوس، پر هاڻي منهنجي دل هر صورت کي قبول ڪري ٿي، اها هرڻن لاءِ چراگاهه ۽ وڻي آهي، راهبن لاءِ ڪليسا، باهه کي پوڄيندڙن لاءِ آتشڪدو، حاجين لاءِ ڪعبو، تورات جون تختيون ۽ قرآن جو صحيفو آهي. هاڻي منهنجو دين عشق ۽ محبت اهي، عشق جو قافلو جيڏانهن به مون کي وٺي ويندو ته آئون وڃڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو دين عشق آهي ۽ منهنجو ايمان به عشق آهي. مولانا روم جي نظر ۾ عشق عدم ۽ نيستي جو درياء آهي ۽ سندس نظر ۾ عاشق حقيقي اهو آهي، جيڪو هستي ۽ رنگارنگي قيد مان نڪري وڃي وحدت سان ملي، فرمائي ٿو:

پس چہ باشد عشق دریائی عدم،
در شکستہ عشق را آنجا و دم،
عاشقان را کار نبود باوجود،
عاشقان را ھست  بی سرمایہ سود۔

اسان جو سدا حيات شاعر به انهيءَ فڪر کي ڪهڙن نه عمدن ۽ سادن لفظن ۾ پيش ڪري الاهي عاشقن کي هيءُ پيغام ڏئي رهيو آهي:

اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم،
سو سسنئان اڳرو، سندو دوسان دم،
هي هڏو ۽ چَم،  پڪ پريان جي  نه  پِڙي.

ٻئي هنڌ فرمايائين ٿا
سوري سڏ ڪري، اڀي عاشقن کي،
جي اٿيئي سَڌ سڪڻ ۾ ته ڪؤ مَ پير پري،
سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ  پريتڻو.

عارف ڀٽائي عاشقن جي اسير سسئي کي اها وصيت ڪري رهيو آهي ته دوست کي پيرن سان پنڌ ڪري نه ڳولبو آهي، پر ان کي هنئين سان تلاش ڪجي، ان ۾ پنهنجي هستي کان به هٿ ڌوئي ڇڏجي، پاڻ  ڀانئڻ واريون ڪڏهن به منزل ۽ مقصد کي نه لهنديون، فرمائي ٿو:

هل هنئين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
قاصداڻي ڪار، ڪين رسائي ڪيچ کي.

هُل هنئين سين هوت ڏي، سسي کڻ مَ ساڻ،
جنين ڀانيو پاڻ، سي آراڻيان اوري ٿيو.

آخر ۾ وري کيس پوئتي موٽڻ  لاءِ چئي رهيو آهي، ڇو ته دوست ته سندس اندر ۾ ئي آهي، هاڻ هوءَ تن کي تسيا ڏيئي انهيءَ منزل تي وڃي پهتي آهي جو انهيءَ جو وفي انفسڪم جي حقيقت کي پروڙي سگهي:

درا منجهه دوست ٿيو، موتي پڇ پاهين،
عبث آڳاهين، وڃيو ڪوڪين، ڪانڌ کي.
نه سي روڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آهي ساڻ تو،
لالن لئه، “لطيف” چئي، منجهي ٿي معذور!
منجهان پئن پروڙ، تو منجهه آهيس تڪيو.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت