سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
هن ڏاڍي سٺي ڳالهه ٻڌائي ته سعودي هاڻي دبئي کي ڪٽڻ
لاءِ نئين شهر جو بنياد وڌو آهي. ڇو ته سعودي ۾ تيل جا ذخيرا ايندڙ سالن ۾ ختم ٿي
ويندا. پوءِ هن جي معيشيت ويهي ويندي. ان ڪري عربن هڪڙي نئين شهر Neom نيوم جو قيام وڌو آهي. جنهن جو اصل نالو The
Line City آهي. هي شهر هڪڙي ئي سڌي پٽي ۾ هوندو. جنهن کي ڪنهن به ٻي پاسي نه
وڌايو ويندو. هي شهر طبوق صوبي ۾ ٺاهيو پيو وڃي. هي شهر ٽن ليولن ۾ ٺهندو. پهرئين
ليول ۾ نه ڪو روڊ هوندو، نه ئي وري ڪا ڪار. ان کان علاوه ان حصي ۾ ڪا به ٽرانسپورٽ
وغيره به نه هوندي. هتي فقط پنڌ هلڻ وارا ماڻهو ئي هوندا. هتي هرقسم جا ٻوٽا، وڻ ٽڻ،
گل، گاهه مطلب ته هن حصي کي هر لحاظ سان فطري طرح، سرسبز ڪري، قدرتي سونهن سان ڀريو
ويندو. هي خاص ڪري رهائشي علائقو هوندو.
جڏهن ته هن جو ٻيو حصو مڪمل طور تي ڪاروباري هوندو.
جتي شاپنگ مال، آفيسون، دڪان، مارڪيٽون، هر قسم جا ڪاروباري مرڪز هوندا. هن حصي ۾
توهان کي روڊ به ملندا ته رستا، پيچرا، گهٽيون به ملنديون. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏي
وڃڻ لاءِ توهان هر سواري استعمال ڪري سگهو ٿا. ان کان سواءِ هن شهر جو ٽيون مرحلو
اسپائين ليول آهي. جيڪو ڪرنگهي جي حيثيت جيتري اهميت رکي ٿو. هتي تيز رفتار ريل گاڏيون
هلايون وينديون.
هي ريل گاڏيون ايتريون تيز
رفتار هلنديون جو اهي 172 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو فقط 20 منٽن ۾ طئي ڪري ڇڏينديون. هن
شهر جو سڄو نظام سولر تي هوندو. هتي ڪو به تيل استعمال نه ڪيو ويندو. هن شهر جو هڪ
حصو گلف آف عقابا کي لڳندو جڏهن ته ٻيو پاسو ريڊ سي کي لڳندو. نيوم سٽي جو ساحلي
علائقو مصر جي مشهور شهر شرمل شيخ کي لڳندو جيڪو هتان کان پنج ڪلو ميٽر جي مفاصلي
تي هوندو. جيڪو دنيا جي وڏي ٽوئرازم ڊيسٽينيش مان هڪ آهي. انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾
هڪڙي پل تيار ڪرڻ تي به غور ڪيو وڃي پيو. هي شهر 172 ڪلو ميٽر ريل جي پٽڙي جيان سڌو
آهي، سو هي شهر 2030 کان اڳ ۾ تيار ٿي ويندو. جنهن ۾ ڪو به روڊ نه هوندو، ڪا به گاڏي
نھ هلندي.
هي خيال بادشاهه عبدالله ۽
محمد بن سليمان جو آهي. اهو سچ آهي ته سعودي عرب جي شاهي خاندان وٽ جيتري دولت آهي
ايتري ڪنهن وٽ به نه آهي. هنن وٽ جيڪا دولت آهي، اها نه ملين ۾ آهي ۽ نه ئي وري
بلين ۾ آهي، بلڪ انهن وٽ جيڪا دولت آهي اها ٽرلين ۾ آهي. جيڪڏهن دنيا جي 17 امير
ترين ماڻهن جي دولت هڪڙي جاءِ تي گڏ ڪئي وڃي ته به اها هن شاهي خاندان جي دولت جي
اڳيان ڪجهه به نه آهي.
هنن وٽ جيڪا دولت آئي آهي
ان جو ڪارڻ بس تيل ئي آهي. تيل جي ڪري ئي هي ايڏا امير ٿي ويا آهن. 1938ع ۾ سعودي
عرب ۾ تيل جي دريافت ٿي هئي. ان کان پوءِ عربن جي حالت راتو رات مٽجي ويئي هئي. نه
ڪو بدو رهيو هو ۽ نه ئي وري ڪو ڄٽ. تيل کان اڳ ۾ هنن وٽ پئسو فقط مذهبي سياحت جي ڪري
ايندو هيو.
حج، عمرا، زيارتون وغيره ڪرڻ
لاءِ دنيا جا مسلمان خرچ ڪري هتي ايندا هيا ۽ ايندا آهن. مستقبل جي ڪا به خبر نه
آهي ته ڇا ٿئي. جيئن ڪووڊ ۾ حج عمرا بند ٿي ويا هيا. هتان جو سڄو ڪاروبار ٺپ ٿي
ويو هو. پر پوءِ ان تي تيل حاوي ٿي ويو. ڇو ته سعودي دنيا جو ٻيون نمبر تيل پيدا ڪندڙ
ملڪ آهي. هررزو هي ملڪ هڪ ڪروڙ بيرل تيل ڪڍندو آهي ۽ اهو تيل هو دنيا جي 85 ملڪن
کي کپائيندو آهي. پر عربن تي اها خبر وڄ جيان ڪري ته سال 2092ع تائين هنن جا اهي
تيلي ذخيرا ختم ٿي ويندا. يعني مرغي سونا آنا ڏيڻ ڇڏي ڏيندي ۽ ڪمائي بند ٿي ويندي.
پئسو اچڻ رڪجي ويندو. پوءِ ڇا ٿيندو. ان ڪري شهزادو محمد بن سليمان ويسٽرن ٽوئرازم
جو ڌيان هيڏي ڇڪرائڻ لاءِ هن نيوم شهر جو تعمير ڪري رهيو آهي. جنهن جي لاڳت 500
بلين يو ايس ڊالر ايندي.
هي شهر ماڊرن ٽيڪنالاجي، جديد سهولتن ۽ ٻين ڪيترن
ئي معيارن جي آڌار تي دبئي کي به پوئتي ڇڏي ويندو. هي شهر سعودي جي معيشيت کي ڪنهن
نئين رخ ڏانهن وٺي ويندو. هن شهر جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ دنيا جي سياحن جو رخ دبئي ڏي
نه پر هن ملڪ ڏي هوندو.
مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر نظير جي ان گفتگو مان ڪي
دوست بوريت محسوس ڪري رهيا هيا، پر ڪن دوستن جو سڄو ڌيان هن ڏانهن هيو. اسان جي پٺيان
وڏي اسڪرين تي انڊين فلم هلي رهي هئي. گهڻن دوستن جو خيال ان انڊين فلم ڏانهن هيو.
ان کان پوءِ ڪافي دير تائين ڪچهري ڪري، واپسي ۾ پنڌ
ڪندا هوٽل تي آياسين. اسان جي هوٽل جي سامهون جنرل اسٽور تي اچي بيهي رهياسين.
نظير ٻڌايو ته،”هي ڏاڍو سٺو اسٽور آهي. هن وٽ معياري شيون آهن. پر هي اسٽور رات جو
نائين وڳي بند ٿي ويندو آهي. مون کي هتان ئي گهر وارن لاءِ پاڻي وٺڻو آهي، مون
اجازت ڏيو ته مان پاڻي جي بوتل وٺي اچان“.
”جي جي ضرور توهان وڃو وٺي اچو“. مختيار صاحب هن کي چيو.
سو اتي ئي اسٽور جي سامهون بيهي رهياسين. اتي ئي ڪجهه
يادگار تصويرون ڪڍرايونسين. اسٽور کليل هو. نظير اندران پاڻي وٺي آيو. اسٽور تي ڪم
ڪندڙ ڇوڪرو انڊيا جي ڪرڪيٽ ٽيم کان گهڻو متاثر هيو. هن کي جڏهن ٻڌايوسين ته اسان
پاڪستان جا آهيون. هو اسان جي روين مان ڏاڍو متاثر ٿيو. اسان چيوسين ته اسان ڪرڪيٽ
جي دنيا جا ماڻهو ته نه آهيون، جو اسان ان بنياد تي ماڻهن سان نفرت ڪيون. اسان کي
دنيا جي سڀني انسانن سان انسانيت جي حد تائين پيار آهي. سو نظير پاڻي جي بوتل
اندران وٺي آيو هو ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيو. نظير جي سڀاڻي فلائيٽ هئي. هن جي سعودي
واپسي هئي. هن کي هوٽل تي مان، سائين مختيار ۽ جنيد ڇڏي آياسين. هو اسان سڀني کان
متاثر ٿيو هو. اسان جي مثبت روين هن جي دل ۾ پاڪستانين خاص ڪري سنڌين جي لاءِ جاءِ
ٺاهي ڇڏي هئي. هن ڀاڪر پائي موڪلايو. هن پنهنجو واٽس اپ نمبر ڏيئي ڇڏيو هو. جنهن
جي ذريعي هڪ ٻئي سان رابطو ڪري سگهجي پيو. هو ڪڏهن ڪڏهن رابطو ڪري وٺندو آهي.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment