مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادو جي ياد
تيار ٿيڻ مهل، هوٽل جي ڪمري ۾ ئي مختيار صاحب
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته،” اڄ واٽر ايڪٽوٽي آهي. ان لاءِ شارٽس ۽ ٽي شرٽ
پائجي ته بهتر“.
”جي سائين توهان سهي ٿا چئو، مان به توهان جي خيال سان متفق
آهيان“.
”ان کان علاوه ٻي به ڳالهه آهي ته اسان کي پاسپورٽ ۽ پئسا پاڻ سان
نه کڻي هلڻ گهرجن“.
”جي بلڪل ائين ئي ٿيڻ گهرجي، اهي قيمتي شيون هتي روم ۾ ئي رکي
هلون“. پرتاب به مختيار سمون صاحب جي راءِ کي سيڪنڊ ڪندي چيو.
”پاسپورٽ ۽ پئسا بيگ ۾ رکي ٿا هلون، ڇو ته پاسپورٽ تمام اهم ڪاغذآهي،ڪٿي
ڪري پوي يا وري ڪٿي پُسي پوي“. مختيار صاحب ٻيهر تاڪيد ڪندي چيو. وڏڙن جو سفر ۾ ساڻ
هجڻ به هڪڙي نعمت آهي. انهن جي تجربن مان مان گهڻو ڪجهه سکجي ٿو. هون به مختيار
صاحب ڪيترائي ملڪ گهميو آهي. هن جو اسان سان سفر ڪرڻ اسان جي لاءِ باعث فخر جي ڳالهه
آهي.
پرتاب پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته،”پر سائين! ڳالهه ٻڌو،
اسان کي هڪڙو ايڪسٽرا بيگ کڻڻ گهرجي، جنهن ۾ سڀ شيون موبائيل، بٽون، چڍا، شرٽون،
رکون ڇو ته جيڪي شرٽون پاتل آهن اهي ته پاڻي ۾ ئي ڀڄي وينديون ۽ پوءِ اهي لاهي مٽائجن
ته بهتر“.
هن جي بلڪل معقول راءِ هئي، هن سهي چيو هو ته واٽر
ايڪٽوٽي ۾ پاڻ سان گڏ الڳ ٿيلهي ۾ هڪڙو ٽوال، هڪڙو ڪڇو/چڍو، هڪڙي شرٽ، يا ڪو
پاجامو به کڻجي، جيڪو اڳتي سمونڊ ۾ ترڻ واريون حرڪتون ڪندي ڪم اينديون. خاص ڪري
سنوڪلنگ مهل توهان جا سڀ ڪپڙا ڀڄي ويندا. ڇوته توهان کي انهن ڪپڙن سان ئي پاڻي ۾
لهڻو پوندو. سو توهان وٽ هڪڙو سيٽ ڪپڙن جو الڳ هجي ته بهتر“.
هتي مالديپ ۾ اسُ ايتري تکي هئي ۽ هوائون ايڏيون
تيز هيون، جو مان سمجهان ٿو ته پنجن ڏهن منٽن ۾ ئي توهان جا آلا ڪپڙا سڪي ويندا.
پر پوءِ به احتياط بهتر آهي. ڪالهه 9 وڳي ئي ايتري گرمي ٿي ويئي هئي جو ماڻهو اس ۾
پنڌ به نه پيو ڪري سگهي. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ سڄو بدن گرميءَ سان پسي ويو هو. شرٽ
گرمي جي ڪري آلي ٿي ويئي هئي. ڇو ته ڪالهه واڪ ڪندا اهڙي پارڪ ۾ اچي ويٺاسين، جتي
ته نه هوا هئي ۽ نه ئي وري هوا جو ڪو جهونڪو محسوس ٿيو. اُٻ، گرمي، گهٽ ٻوسٽ وارو
ماحول هيو. جنيد ته خبر چار وٺڻ جي بهاني سان اٿي وڃي سامهون واري اي سي واري هوٽل
۾ ويهي واءِ فاءِ جو پاس ورڊ وٺي گم ٿي ويو هو. اسان پارڪ جي پاسن سان ۽ روڊ جي ڪناري
تي سيٽن تي ويهي ويهي گرمي ۾ شل ٿي وياسين ته پوءِ سڀني دوستن اٿڻ جي ڪئي.
اصل ۾ مالديپ جي باري ۾
اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته مالديپ ۾ گهڻي گرمي هوندي آهي. ان ڪري اُس کان پاڻ کي جيترو
ٿي سگهي بچايو ته بهتر. هي جزيرو خط استوا جي ويجهو هئڻ جي ڪري تقريبن 90 ڊگري
تائين سج جي روشني حاصل ڪندو آهي. ان ڪري هتي اچڻ وارن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي
پنهنجي چمڙي کي اس جي تپش کان بچائين. ان لاءِ بهتر ٿيندو ته اهي پاڻ سان سن بلاڪ
وغيره ضرور رکن.
هينئر مون الڳ بيگ تيار ڪري ڇڏيو آهي. مون گهران هڪڙو
ايڪسٽرا ٿيلهو آندو هيو. ان ۾ پنهنجا، پرتاب جا ۽ سائين مختيار جا اضافي ڪپڙا رکي ڇڏيا.
هاڻي اسان سڀ تيار هياسين. سو سڀئي دوست هيٺ ناشتي ڪرڻ لاءِ لهي آياسين.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment