رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابۡنِ عَباس قَالَ کَانَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اِذَا دَخَلَ شَھۡرُ رَمَضَانَ اَطۡلَقَ کُلَّ اَسِیۡرٍ وَاَعۡطَیٰ کُلَّ سَاءِلٍ۔ رواھ البیھقی فی شعب الایمان۔ (مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم الفصل الثالث ج 1 ص 174)

”حضرت ابن عباس رضھ کان روايت آهي ته 


جڏهن رمضان شريف جو مقدس مهينو شروع ٿيندو هيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هر قيديءَ کي رهائي بخشيندا هئا ۽ هر سائل جي مراد پوري ڪندا هئا.

هن حديث شريف ۾ قيديءَ جي آزاديءَ جو ذڪر آهي. ممڪن آهي ته قيديءَ مان مراد اهي ماڻهون هجن جيڪي حقوق الله جي لاءِ قيد ٿيندا هئا ۽ اهي ماڻهون به مراد وٺجي سگهن ٿا جيڪي حقوق العباد (يعني ٻانهن جي مطالبن ۽ حقن) جي خاطر قيد ڪيا ويندا هئا، جيڪي ماڻهون حقوق العباد جي خاطر قيد ٿيندا هئا انهن جي رهائي مان مراد هي هوندي ته پاڻ ڪريم ﷺ اهڙن قيدين کي صاحبِ حق کي چئي ڪري آزاد ڪرائيندا هئا. هڪ احتمال هي به آهي پاڻ ڪريم ﷺ صرف انهن قيدين کي آزاد ڪندا هئا جيڪي پاڻ ڪريم ﷺ جن جي حقوق جي خاطر قيد هوندا هئا. ايئن ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت هر وقت جاري رهندي هئي مگر رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندي هئي. پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي عادت ۽ معمول کان به وڌيڪ عطا ۽ سخاوت فرمائيندا هئا.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت