احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
-------
احاديث مبارڪه ۾ ليلة القدر جي وڏي فضيلت ۽ عظمت بيان ڪئي وئي آهي ۽
اها رات ليلة القدر ان ڪري آهي جو ٻانهن جي رزق ۽ انهن جي زندگي و موت ۽ اهي
واقعات ۽ امور جيڪي پوري سال ۾ واقع ۽ رونما ٿيڻ وارا هوندا آهن اهي سڀئي انهيءَ
رات ۾ لکيا ويندا آهن، تنهن ڪري
ان رات جو نالو ليلة القدر آهي. ۽ اڪثر اهل علم جو اهو خيال آهي ته
اها رمضان المبارڪ جي ستاويهين جي رات آهي.
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَائِشَۃَ رضہ قَالَتۡ
قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم تَحَرُّوۡا لَیۡلَۃَ الۡقَدۡرِ فِی
الوِتِر مِنۡ الۡعَشۡرِ الۡاَوَ اخِرِ مِنۡ رَمَضَانَ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب
تحری لیلۃ القدر فی الوتر من العشر الاواخر۔ ج 1 ص 127۔ مشکواۃ المصابیح کتاب
الصوم ج 1 ص173)
”حضرت عائشه صديقه رضھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو
ته ليلة القدر کي رمضان المبارڪ جي آخري عشري جي اِڪي راتين ۾ تلاش ڪريو.“
جمهور اهل علم حضرات جي نزديڪ رمضان المبارڪ جو آخري عشرو اڪويهين جي
رات کان شروع ٿيندو آهي. مهينو چاهي 29 ڏينهن جو هجي يا 30 ڏينهن جو هجي . انهيءَ
حساب سان حديث شريف جو مطلب هي ٿيندو ته شبِ قدر جي تلاش 21 ــ 23 ــ 25 ــ 27 ــ
29 جي راتين ۾ ڪرڻ گهرجي اگر مهينو اڻٽيهن ڏينهن جو هجي تڏهن به اخري عشرو اهو ئي
ٿيندو.
ليڪن ڪجهه اهلِ علم حضرات جو خيال آهي ته عشري جي معنيٰ آهي ڏهه لهذا
اگر رمضان المبارڪ جو چنڊ ٽيهين جو هجي تڏهن ته اهو درست آهي ليڪن اگر چنڊ اڻٽيهين
جو هجي ته پوءِ انهيءَ صورت ۾ آخري عشرو ويهين جي رات کان شروع ٿيندو ۽ انهيءَ
صورت ۾ اِڪي راتيون هي هونديون 20 ــ 22 ــ 24 ــ 26 ــ 28 ليڪن پاڻ ڪريم ﷺ جن شبِ
قدر جي ئي تلاش ۾ رمضان المبارڪ جو اعتڪاف ڪندا هئا. ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو اعتڪاف
بالاتفاق اڪويهين جي رات کان شروع ٿيندو هو، ته لهذا شبِ قدر جو احتمال به ويهين
تاريخ جي نجاءِ اڪويهين جي رات ۾ قوي آهي
ان سان جمهور اهل علم جي قول کي ترجيح ملي ٿي ۽ جمهور اهلِ علم جو مذهب ئي راجح
آهي.
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عُبَادَۃَ بۡنِ الصَّامِتِ قَالَ خَرَجَ النَّبِیُّ صلی اللہ
علیہ وسلم لِیُخۡبَرَنَا بِلَیۡلَۃِ الۡقَدۡرِ فَتَلاَحَیٰ رَجُلاَنِ مِنَ
الۡمُسلِمیۡنَ فَقَال خَرَجۡتُ لِاُخۡبِرَکُمۡ بِلَیۡلَۃِ الۡقَدۡرِ فَتَلاَحَیٰ
فَلاَنٌ وَفَلاَنٌ فَرۡفِعۡتۡ وَعَسیٰ اَنۡ یَّکُوۡنَ خَیۡرًا لَکُمۡ
فَالۡتَمِسُودھا فِی التَّاسِعَۃِ وَالسَّابِعَۃِ وَ الۡخَامِسَۃِ۔
(بخاری صرعف
باب رفع معرفتۃ لیلۃ القدر لتلاحی الناس ج 1 ص 271)
”حضرت عباده بن صامت ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان ڪري ٻاهر نڪري آيا ته جيئن اسان کي شبِ قدر جي باري
۾ اطلاع فرمائين مگر ٻن مسلمانن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي رهيو هو پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد
فرمايو ته آءُ ان ڪري آيو هيس ته توهان کي شبِ قدر جي خبر ڏيان مگر فلان فلان شخص
جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي رهيو هو جنهن جي ڪري اُن جي تعيين کنئي ويئي، ڇا بعيد آهي ته اهو
ختم ڪرڻ ۽ کڻڻ الله پاڪ جي علم ۾ توهان جي لاءِ بهتر هجي لهذا ان رات کي انٽيهين ۽
ستاويهين ۽ پنجويهين جي راتين ۾ تلاش ڪريو.“
هن حديث شريف ۾ ماڻهن جي جهڳڙي ڪرڻ جو ذڪر آيو آهي انهن جي باري ۾
بعض حضرات جو خيال آهي ته انهن مان هڪ جو نالو عبدالله بن ابي حذ روا ۽ ٻئي شخص جو
نالو ڪعب ابن مالڪ هو. حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته “شب قدر جي تعيين کنئي
ويئي” ان جو مطلب هي آهي ته انهن ٻنهن ماڻهن جي جهڳڙي جي ڪري شبِ قدر جي تعيين جو
علم منهنجي ذهن مان ختم ڪيو ويو ۽ وسرايو ويو ان مان معلوم ٿيو ته پاڻ ۾ وڙهڻ ۽
منافرت ۽ دشمني اختيار ڪرڻ بيحد بري ۽ خراب ڳالهه آهي ان جي ڪري ماڻهون برڪتن ۽
ڀلاين کان محروم ٿي ويندو آهي.
حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ”شايد توهان جي لاءِ اهو ئي
بهتر هوندو.“ ان جو مطلب هي آهي ته شبِ قدر جي باري ۾ جيڪو متعين طور تي مون کي
ٻڌايو ويو هيو ۽ هاڻي مون کان اها وساري ويئي آهي اگر آءُ توهان کي ٻڌايان ها ته
توهان ماڻهون صرف انهيءَ رات تي ڀروسو ڪري ويهي رهو ها. هاڻي ان جي تعيين جو علم
نه هجڻ جي صورت ۾ توهان ماڻهون ان کي حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي ڪوشش ڪندا جيڪا اوهان جي
لاءِ بهتر آهي.
(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَائِشَۃَ قَالَتۡ
کَانَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اِذا دَخَلَ الۡعشۡرُ شَدَّ مِیۡزَرَہٗ
وَاَحۡیٰ لَیۡلَہٗ وَایۡقَظَ اَھۡلَہٗ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب العمل فی العشر
الاواخر من رمضان ج 1 ص 271۔ مسلم شریف کتاب الاعتکاف باب الاجتھاد فی العشر
الاواخر من شھر رمضان ج1 ص 372)
”حضرت عائشه صديقه ؓ کان
روايت آهي ته جڏهن رمضان المبارڪ جو آخري عشرو شروع ٿيندو هيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن
پنهنجي گوڏ کي مضبوط ٻڌندا هئا ۽ رات جو جاڳندا هئا (يعني پوري رات عبادت ۽ ذڪر و
دعا ۾ مشغول رهندا هئا) ۽ پنهنجي گهر جي ماڻهن (يعني ازواج مطهرات ۽ ٻين متعلق
ماڻهن) کي به جاڳائيندا هئا (ته جيئن اهي به انهن راتين جي برڪتن ۽ سعادتن ۾ حصو
وٺن)
(4) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَائِشَۃَ قَالَتۡ
کَانَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم
يَجْتَهِدُ فِي الْعَشْرِ الأَوَاخِرِ مَا لاَ يَجْتَهِدُ فِي غَيْرِهَا ۔
(مسلم شریف کتاب الاعتکاف باب الجتھاد فی فضل العشر الاواخر من شھر رمضان ج 1 ص
372)
”حضرت عائشه صديقه ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۽ ڏهاڪي ۾ عبادت وغيره ۾
اهو مجاهدو ڪندا هئا ۽ اها مشقت برداشت ڪندا هئا جيڪا ٻين ڏينهن ۾ نه ڪندا هئا.“
هن حديث شريف جو مطلب هي آهي ته رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۽ ڏهاڪي
۾ عبادت واطاعت حد کان زياده ڪندا هئا ڇو جو انهيءَ عشري ۾ ليلة القدر جي عظيم
سعادت حاصل ٿيندي آهي.
(5) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ زرِّبۡنِ حُبَیۡشٍ قَالَ ۔ سَأَلْتُ أُبَىَّ بْنَ كَعْبٍ - رضى
الله عنه - فَقُلْتُ إِنَّ أَخَاكَ ابْنَ مَسْعُودٍ يَقُولُ مَنْ يَقُمِ الْحَوْلَ
يُصِبْ لَيْلَةَ الْقَدْرِ . فَقَالَ رَحِمَهُ اللَّهُ أَرَادَ أَنْ لاَ
يَتَّكِلَ النَّاسُ أَمَا إِنَّهُ قَدْ عَلِمَ أَنَّهَا فِي رَمَضَانَ وَأَنَّهَا
فِي الْعَشْرِ الأَوَاخِرِ وَأَنَّهَا لَيْلَةُ سَبْعٍ وَعِشْرِينَ . ثُمَّ
حَلَفَ لاَ يَسْتَثْنِي أَنَّهَا لَيْلَةُ سَبْعٍ وَعِشْرِينَ فَقُلْتُ بِأَىِّ
شَىْءٍ تَقُولُ ذَلِكَ يَا أَبَا الْمُنْذِرِ قَالَ بِالْعَلاَمَةِ أَوْ بِالآيَةِ
الَّتِي أَخْبَرَنَا رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم أَنَّهَا تَطْلُعُ
يَوْمَئِذٍ لاَ شُعَاعَ لَهَا ۔
(مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل لیلۃ القدر الحث
علیٰ طلبھاو بیان محلھا وار جیٰ اوقات طلبھا ج1 ص 370)
”حضرت زرِ ابن حبيش ؓ (جيڪو
اڪابر تابعين مان آهي) بيان ڪري ٿو ته مون حضرت ابي بن ڪعب رضھ کان پڇيو ته توهان
جو ديني ڀاءُ حضرت عبدالله بن مسعود رضھ چوندو آهي ته جيڪو شخص سال جي راتين ۾
قيام ڪندو (يعني رات ۾ عبادت ڪندو) ته ان کي شبِ قدر نصيب ٿيندي (يعني ليلة القدر
سال جي ڪنهن نه ڪنهن رات ۾ هوندي آهي جيڪو شخص ان جي برڪات جو طلبگار هجي ته ان کي
گهرجي ته سال جي هر رات کي عبادت سان سينگاري اهڙيءَ طرح اهو شخص يقيني طور تي شبِ
قدر جون برڪتون حاصل ڪري سگهندو. حضرت زربن حبيش ؓ کان دريافت ڪيو ته توهان جو ان جي باري ۾ ڇا
خيال آهي) انهن فرمايو ته ڀاءُ ابن مسعود ؓ
تي الله پاڪ جي رحمت ٿئي ان جو مقصد هن ڳالهه مان اهو هيو ته ماڻهون (ڪنهن
هڪ رات جي عبادت ڪرڻ تي) قناعت ۽ ڀروسو نه ڪن ورنه انهن کي اها ڳالهه يقينن معلوم
هئي ته شبِ قدر رمضان المبارڪ جي ئي مهيني ۾ هوندي آهي ۽ ان جي به خاص آخري عشري ۽
ڏهاڪي ۾ هوندي آهي (يعني اڪويهين جي رات کان اڻٽيهين جي رات تائين) ۽ اها متعين
ستاويهين جي رات آهي پوءِ انهن پوري قطعيت ۽ يقين سان قسم کڻي فرمايو ته: اها
بلاشبه ستاويهين جي رات آهي (۽ پنهنجي يقين ۽ اطمينان جي اظهار جي لاءِ قسم سان
گڏ) انهن انشاء الله به نه چيو (زربن حبيش رحه فرمائي ٿو ته) مون عرض ڪيو ته اي
ابو المنذر (اها حضرت ابي بن ڪعب جي ڪنيت آهي) اها ڳالهه اوهان ڪهڙي بنياد تي چئي
رهيا آهي؟ انهن فرمايو ته آءُ اها ڳالهه ان نشانيءَ جي بنياد تي چوان ٿو جنهن جي
پاڻ ڪريم ﷺ جن اسان کي خبر ڏني هئي ۽ اها نشاني هيءَ آهي ته شبِ قدر جي صبح جو
جڏهن سج اڀرندو آهي ته ان جون شعاعون نه هونديون آهن.“
ليلة القدر جي تعيين جي باري ۾ روايتون گهڻيون مختلف آهن، تنهن ڪري
اهلِ علم حضرات جا به انهيءَ جي باري ۾ گهڻا اقوال آهن ۽ اهي اقوال تقريبن پنجاهه
جي قريب آهن. اهلِ تحقيق جي نزديڪ اها رات ڪنهن تاريخ سان خاص نه آهي بلڪه مختلف
سالن ۾ مختلف راتين ۾ هوندي آهي تنهن جي ڪري روايتون مختلف آهن جو هر سال پاڻ ڪريم
ﷺ جن ان جي متعلق مختلف راتين ۾تلاش ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ ڪجهه سالن ۾ متعين طور تي
به ارشاد فرمايو. يعني مختلف صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جن مختلف راتين
جي تعيين کي نقل فرمايو آهي جيئن ته مختلف روايتن مان اها ڳالهه واضح ٿي رهي آهي.
اڪثر صحابه ڪرام و تابعين ۽ جمهور اهلِ علم جي راءِ اها آهي ته اها رات ستاويهين
جي هوندي آهي.
هن حديث شريف ۾ شبِ قدر جي هڪ علامت ۽ نشاني بيان ڪئي وئي آهي ۽ اها
هي آهي ته جنهن رات ۾ شبِ قدر هوندي آهي ته ان جي صبح جو جڏهن سج اڀرندو آهي ته
ڪجهه دير تائين ان ۾ شعاعون نه هونديون آهن ۽ ان جي روشني گهٽ هوندي آهي چنانچه
ڪجهه اهلِ علم ۽ اهلِ بصيرت جو چوڻ آهي ته اها علامت ۽ نشاني اهڙي آهي جنهن جي
واقع ٿيڻ ۾ ڪوئي شڪ ۽ شبهو نه آهي ۽ ان جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.
(6) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَنَسٍ رضہ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اِذا کَانَ لَیۡلَۃُ الۡقَدۡرِ
نَزَلَ جِبۡرَءِیۡلُ علیہ السلام فِیۡ کَبۡکَبَۃٍ مِنَ الۡمَلاَءِکَۃٍ یُصۡلُّوۡنَ
عَلیٰ کُلِّ عَبۡدٍ قَاءِمٍ اَوۡ قَاءِدٍ یذۡکُرُ اللہَ عَزَّوَجَلَّ ۔ رواھ
البیھقی فی شعب الایمان۔
(مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب لیلۃ القدر الفصل الثالث
ج 1 ص 182 ۔183)
”حضرت انس ؓ کان روايت آهي
ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جڏهن شبِ قدر هوندي آهي ته حضرت جبرائيل عليھ
السلام فرشتن جي هجوم ۾ نازل ٿيندو آهي ۽ هر انهيءَ ٻانهي جي لاءِ رحمت جي دعا
ڪندو آهي جيڪو بيٺو هوندو آهي (يعني نماز پڙهندو آهي يا بيت الله جو طواب ڪندو
هوندو آهي يا ڪا ٻي عبادت ڪرڻ ۾ مشغول هوندو آهي) يا ويٺي ويٺي الله پاڪ جي ياد ۽
ان جي ذڪر ۾ مشغول هوندو آهي.“
(7) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
”حضرت ابو هريره ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جيڪي ماڻهون رمضان المبارڪ جا روزا ايمان ۽
احتساب سان رکندا ته انهن جا اڳيان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي
ماڻهون ايمان ۽ احتساب سان رمضان المبارڪ جي راتين ۾ تراويحون پڙهندا ته انهن جا
به اڳيان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهون شبِ قدر ۾ ايمان ۽
احتساب سان نفل نماز پڙهندا ته انهن جا به اڳيان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا.“
(8) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ، - رضى الله عنه - قَالَ إِنَّ
رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم اعْتَكَفَ الْعَشْرَ الأَوَّلَ مِنْ رَمَضَانَ
ثُمَّ اعْتَكَفَ الْعَشْرَ الأَوْسَطَ فِي قُبَّةٍ تُرْكِيَّةٍ ثُمَّ أَطْلَعَ رَأْسَهُ ، فَقَالَ إِنِّي اعْتَكَفْتُ الْعَشْرَ
الأَوَّلَ أَلْتَمِسُ هَذِهِ اللَّيْلَةَ ثُمَّ اعْتَكَفْتُ الْعَشْرَ الأَوْسَطَ
ثُمَّ أُتِيتُ فَقِيلَ لِي إِنَّهَا فِي الْعَشْرِ الأَوَاخِرِ فَمَنْ كَانَ
اعْتَكَفَ مَعِي فَلْيَعْتَكِفْ الۡعَشَرِ الۡاوَاخِرَ فَقَدۡاُرِیۡتُ ھٰذِہِ
اللَّیۡلَۃَ ثُمَّ اُنۡسِیۡتُھَا وَقَدۡ رَأَتُنِیۡ اَسۡجُدُ فِیۡ مَاءٍ وَطِیۡنٍ
مِنۡ صَبِیۡحَتِھَا فَالۡتَمِسُوھا فِی اَلۡعَشۡرِ اۡلاَ وَاخِرِ وَاۡلتَمِسُوۡھَا
فِیۡ کُلَّ وِتۡرٍ قَالَ فَمُطِرَتِ السَّمَآءُ تِلۡکَ اللَّیۡلَۃَ وَکَان
الۡمَسۡجِدُ عَلیٰ عَرِیۡشٍ فَوَکَفَ الۡمَسۡجِدُ فَبَصُرَتۡ عَیۡنَایَ رَسُولِ
اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم وَعَلیٰ جَبۡھَتِہٖ اَثۡرُ الۡمَاءِ وَالطِّیۡنِ مِنۡ
صَبِیۡحَۃ اِحۡدَیٰ وَعِشۡرِیۡنَ۔
(بخاری شریف باب الاعتکاف فی العشر الاواخر والا
عتکاف فی المساجد کلھا الخ ج ۱ ص 370)
”حضرت ابو سعيد خدري ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي پهرئين عشري ۾ اعتڪاف فرمايو ۽ پوءِ
وري ٻئي ڏهاڪي ۾ به اعتڪاف فرمايو پوءِ تُرڪي خيمي مان جنهن ۾ اعتڪاف فرمائي رهيا
هئا ٻاهر منهن مبارڪ ڪڍي ڪري ارشاد فرمايائون ته مون پهرئين عشري جو اعتڪاف شبِ
قدر جي تلاش ۽ اهتمام جي ڪري ڪيو هيو، پوءِ انهيءَ جي ڪري ٻي عشري ۾ اعتڪاف ڪيو،
پوءِ مون کي ڪنهن ٻڌائڻ واري (يعني فرشتي) ٻڌايو ته اها رات آخري عشري ۽
ڏهاڪي ۾ آهي لهذا جيڪي ماڻهون مون سان گڏ
اعتڪاف ۾ ويٺل آهن اهي آخري عشري جو به اعتڪاف ڪن مون کي اها رات ڏيکاري وئي هئي
پوءِ مون کان وسرائي ۽ ڀُلائي وئي. (ان جي علامت هي آهي) ته مون پنهنجو پاڻ کي ان
رات کان پوءِ واري صبح ۾ گپ ۾ سجدو ڪندو ڏٺو. لهذا هاڻي ان کي آخري ڏهاڪي جي اِڪي
راتين ۾ تلاش ڪريو . راوي (حديث کي روايت ڪرڻ وارو) چوي ٿو ته انهيءَ رات ۾ بارش ٿئي ۽ مسجد شريف ڇپر جي ٺهيل هئي ۽ اها
ٽِمي هئي ۽ مون پنهنجين اکين سان پاڻ ڪريم ﷺ جن جي پيشاني مبارڪ تي گپ جو اثر ۽
نشان اڪويهين (21) تاريخ جي صبح جو ڏٺو.“
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment