Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ

 

مالديپ ۾ مانڊاڻ

سفرنامو

 

To move to a new level in your life, you must break through your comfort zone and face the things that are not comfortable.

 

مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ

 

بحيره هندIndian ocean ۾ گهيريل هڪڙي ننڍڙي ملڪ مالديپ جي سونهن سڄي دنيا جي ملڪن ۾ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿي. مالديپ جي تاريخ جي مطالعي کان پوءِ خبر پئي ته مالديپ ۾ سڀني کان اڳ ۾ سنهالي زبان جي ماڻهن 500 ق م جو راڄ رهيو. هي اهي ماڻهو هيا جيڪي اڄ به سري لنڪا ۾ تمام وڏي انگ ۾ موجود آهن. سنهالي ماڻهن جو مذهبي لاڙو ٻڌازم ڏانهن هيو. ان ڪري انهن 14سو سالن تائين مالديپ تي حڪومت ڪئي. ايڏي وڏي عرصي تائين هتي ٻڌازم کان علاوه ٻيو ڪو به مذهبي رنگ هنن ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ داخل نه ٿي سگهيو. مالديپ هڪ هزار هڪ ٻيانوي 1192 ننڍن ننڍن جزيرن تي مشتمل ملڪ آهي. انهن ايترن جزيرن مان فقط 200 جزيرا اهڙا آهن جتي انساني آبادي ٿي سگهي آهي. ماهر آثارقديمه حسن احمد چيو آهي ته هن هيل تائين اهڙن 59 جزيرن جي کوجنا ڪري چڪو آهي، جتي صدين تائين ٻڌازم جي پيروي ڪئي ويندي هئي.

11 صدي عيسوي ۾ عرب ملڪ کان تجارت جي غرض سان ايندڙ عربن جي ذريعي اسلام هن خطي ۾ داخل ٿيو. هن ملڪ جي ٻڌ بادشاهه مسلمانن جي ايمانداري، سچائي ۽ روين کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو نالو ”دوهيمي“ کان مٽائي ”سلطان محمد العادل“ رکي ڇڏيو. جنوبي ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مالديپ ۾ اسلام تمام گهڻو پوءِ آيو هو. بادشاهه جي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ رعايا به آهستي آهستي اسلام قبول ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن جي ڪري تمام ٿوري وقت ۾ مسلمانن جي انگ ۾ تمام وڏو اضافو ٿيو. 1558ع ۾ مالديپ تي پرتگالي يلغار ڪري قبضو ڪري ويهي رهيا.

 1654ع ۾ Dutch هن ملڪ کي Portuguese  کان قبضو وٺي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ اهو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ ٻن صدين تائين جاري رهيو. انهي عرصي دوران ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي برطانيا راڄ جو سڪو هلڻ لڳو. انگريزن جي نظر جڏهن مالديپ جي جزيرن تي پئي ته هنن مالديپ تي قبضو ڪري، هن کي برطانوي ڪالوني ڪري ڇڏيو.مالديپ اصل ۾ ٻڌ ڌرم جي قوم هئي، پر 1153 ۾ اسلام قبول ڪيو.پورچوگالين 1558ع ۾ مالديپ تي قبضو ڪيو. 1654ع ۾ ڊچن مالديپ تي قبضو ڪيو.مالديپ 1887ع ۾ انگريزن جو محافظ بڻجي ويو.مالديپ 1965ع ۾ برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي.مالديپ 1968ع ۾ هڪ جمهوريه بڻجي ويو.

 26 جولاءِ 1965ع ۾ مالديپ برطانوي حڪومت کان آزادي حاصل ڪئي. 1968ع ۾ مالديپ جهموريا ٿي چڪو هو ۽ مالديپ جو نئون نالو جهموريا مالديپ بڻجي چڪو هو. 300 چورس ميل سان گڏ مالديپ جي ملڪ جو شمار 188 نمبر تي ٿئي ٿو. مالديپ جو شمار دنيا جي ڏهن ننڍڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 2024 ع رپورٽ مطابق ته پنج لک، ستاويهه هزار ست سو نوانوي ماڻهن جي آبادي وارو هي ملڪ مالديپ جو شمار 173 نمبر تي ٿئي ٿو. مالديپ جي باري ۾ جيڪڏهن دلچسپ حيقيقتون بيان ڪيون وڃن ته مالديپ آبادي جي لحاظ کان براعظم جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي. مالديپ ۾ 98.5 سيڪڙو مسلمان، 1.5 ماڻهو ٻڌمت جا پوئلڳ ۽ ان کان علاوه ٻين مذهبن کي مڃڻ وارا ماڻهو آهن. ان ڪري مسلمان ملڪن ۾ هي سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي. ڊيويهيDhivehi يا مالديوي مالديپ جي ماڻهن جي قومي ٻولي آهي. هي ٻولي سري لنڪا ۾ ڳالهائي ويندڙ سنهالي ٻوليءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي. بلڪل ائين جيئن اردو ۽ هندي پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ آهن. مالديوي کان علاوه سنهالي يا انگريزي هن ملڪ جون ڳالهايون ويندڙ ٻوليون آهن.

مالي Male شهر هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. 1968ع کان اڄ ڏينهن تائين هن شهر مالي کي ئي گادي جي شهر هئڻ جو اعزازحاصل آهي. هي شهر آبادي جي لحاظ کان مالديپ جو سڀني شهرن کان وڏو شهر آهي. 2024ع سال مطابق ٻه لک 9 سو پنجويهه ويهه هزار ماڻهن جي هن شهر ۾ آبادي آهي. مالي کان علاوه ”ادو“ Adduشهر مالديپ جو ٻيون نمبر شهر آهي. ادو اٽول 29 ٻيٽن تي ٺهيل آهي. هن جي lagoon ايريا 130 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ زميني ايريا 15 ڪلو ميٽر آهي. هر شهر ۾ تقريبن چاليهه هزار ماڻهو رهن ٿا. مالي شهر ۾ موجوده ويلاناvelana يا مالي يا ابراهيم ناصر انٽرنيشنل ايئرپورٽ، مالديپ جو سڀني کان وڏو هوائي اڏو آهي. هن ملڪ ۾ ڪُل 12 ايئرپورٽ آهن. جنهن ۾ چار ايئرپورٽ بين الاقوامي ملڪن لاءِ رکيا ويا آهن. باقي اٺ ايئرپورٽ لوڪل مسافرن ۽ فوج لاءِ آهن. انهن ۾ Ifuru Airport، Dharavandhoo Airport، Maamigili Airport ۽ Kadhdhoo Airport اچي وڃن ٿا، جيڪي هڪ جزيري کان ٻي جزيري ڏانهن وڃڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن.

 جڏهن پرتگالين هتي قبضو ڪيو هو ته انهن هتان جي مذهب اسلام کي ختم ڪري  هتي عيسائيت نافذ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. پر ماڻهن جي شديد احتجاج ۽ وڏي خونريزي کان پوءِ انهن کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. ڇو ته مالديپ هڪڙو اسلامي ملڪ آهي. اڄ مالديپ جي قانون ۾ ڪو به غيرمسلم هتان جي ڪابينا جو حصو نه ٿو ٿي سگهي ۽ مسلمانن ۾ هي حق فقط سني فرقي وارن کي ئي حاصل آهي. ڇو ته مالديپ جي مڪمل آبادي سُني فرقي سان تعلق رکي ٿي.

 اڄ ڏينهن تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته مالديپ جي معنيٰ ڇا آهي؟. ڇو ته تامل ٻوليءَ ۾ ملائي جو مطلب ”جبل“ آهي. ڪن ٻولي جي ماهرن جو اهو خيال آهي ته مالديپ سنسڪرت جي لفظ ”مالها ديپوا“ مان نڪتل آهي. جنهن جو مطلب ”جزيرن جو هار“garland of islands آهي. ان کان علاوه تاملTamil ٻوليءَ جو هڪڙو لفظ آهي Malaitivu جنهن جي معنيٰ islands of hills آهي. پر ڪي مفڪر اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته هي لفظ ”مهيلا ديپوا“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ ”عورتن جو جزيرو “ آهي. پر وري ڪي ماهرين هن کي عربي جي لفظ ”محل“ سان جوڙين ٿا. پر منهنجي خيال ۾ مالديپ کي دنيا جي نقشي تي ڏسندي ”جزيرن جو هار“ چئجي ته اهو بهتر ٿيندو.

مالديپ بحيره هند ۾ ڀارت جي جزيري لڪاديپ جي ڏکڻ ۾ ۽ سريلنڪا جي ڏکڻ اولهه ساحل کان 700 ڪلو ميٽرن جي دوري تي واقع آهي. ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم آهي. پارليامينٽ صدر کي منتخب ڪري ٿي، هر چئن سالن کان پوءِ صدر منتخب ٿئي ٿو. پارليامينٽ کي ”مجلس“ چيو وڃي ٿو. جنهن جا ڪُل 54 ميمبر آهن. جن مان 8 ميمبر مالي شهر کان ۽ باقي ملڪ جي ٻين 19 ضلعن مان چونڊيو وڃي ٿو. هڪڙي اسلامي ملڪ هئڻ جي ناتي سان هتي هر جاءِ تي اسلامي قانون نافذ آهي. صرف چند جزيرن تي موجود خاص هوٽلن کي ئي شراب جي اجازت هوندي آهي. رمضان شريف ۾ سياحن کي ڏينهن جو عام عوامي جاين تي کائڻ پيئڻ کان منع ڪئي ويندي آهي. پر هن کي اها اجازت هوندي آهي ته اهي پنهنجن هوٽلن ۾ جيڪو وڻين کائن پيئن. ان تي انهن کي ڪا به روڪ رنڊڪ نه آهي. ان علاوه ٻين ملڪن جي سامونڊي ڪنارن تي جيڪي ڪم اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ ملندا آهن، عرعانيت يا فحاشي وغيره انهن ڪمن جي هتي اجازت بنهه نه آهي. اهي فاحش حرڪتون هتان جي سامونڊي ڪنارن تي نظر نه اينديون.

1968ع ۾ يعني مالديپ جي قيام کان پوءِ، اڄ تائين فقط چند ماڻهو ئي صدارت جي عهدي تي فائز رهيا آهن. 11 نومبر 1978ع جو ٿيڻ واري صدر معموون عبدالغيوم کي ڇهه دفعا لڳاتار صدر ٿيڻ جو شرف حاصل آهي. جيڪو 2008ع جي اليڪشن تائين صدر رهيو آهي. مالديپ جو صدر عبدالله يامين به ٿيو جيڪو 17 نومبر 2013 ع صدر جي عهدي تي فائز رهيو.

ابراهيم نثار 1957 کان 1968 ۽ ان کان پوءِ 1978 تائين صدر جي عهدي تي فائز رهيو. ان کان پوءِ Maumoon Abdul Gayoom 1978ع کان 2008ع تائين صدر رهيو. ان کان پوءِ محمد ناشيد 2008ع کان 2012ع تائين، ان کان پوءِ، محمد وحيد حسن 2012 کان 2013ع تائين، ان کان پوءِ، عبدالله يامين 2013ع کان 2018 ع تائين، ابراهيم محمد صالح 2018ع کان 2023ع تائين ۽ هن مهل محمد معيزوMuhammad Muizzu 2023ع کان صدر آهي. هي اٺون صدر آهي. پيپلز نيشنل ڪانگريس پارٽي جو ماڻهو آهي. 2021ع ۾ مالي جو Mayor به رهيو.

مالديوي ڪرنسيءَ کي مالديوين روفيا Maldivian Rufiyaa چوندا آهن. مالديوين هڪ روفيا پاڪستاني 18.55 روپين جي برابر آهي. وقت جي لحاظ کان پاڪستان ۽ مالديپ ۾ ڪو به فرق ڪونهي.

 ٻنهي ملڪن جي ٽائيم ٽيبل ۾ ڪو به فرق ڪونهي. مالديپ جو ڪالنگ ڪوڊ +960 آهي.  گذريل صديءَ جي دوران سمندر جي سطح ۾ 20 سينٽي ميٽر يعني 8 انچ جو اضافو ٿيو آهي. يعني پاڻي چڙهيو آهي. سمونڊ ۾ پاڻي جي سطح چڙهي وڃڻ جي ڪري مالديپ جي بقا کي ايندڙ دور ۾ خطرو آهي. 2004ع ۾ ايندڙ سونامي جي ڪري مالديپ جا ڪيترائي علائقا پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا هيا ۽ ڪيئي ماڻهو بي گهر ٿي ويا هيا. انهن ۾ ڇهن غير ملڪي ماڻهن سان گڏ، هتان جا 75 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هيا. موسم جي حساب سان مالديپ ڪافي گرم ملڪ آهي. هتي سال ۾ فقط ٻه موسمون ٿينديون آهن. هڪڙي گرمي جي ۽ ٻي برساتين جي. سردي هتي نه هئڻ جي برابر آهي. سياحت جي حوالي سان مالديپ دنيا ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. ملڪي آمدني جو 30 سيڪڙو حصو سياحت مان وصول ٿئي ٿو.

 2014 ع ۾ 14 لک سياحن مالديپ جو سفر ڪيو هو. جيڪڏهن ته 2024ع ۾ ٻه ملين (20 لک) کان وڌيڪ سياح هتي گهمڻ آيا. جيڪڏهن توهان جو تعلق پاڪستان سان آهي ۽ توهان جي پاسپورٽ جي ختم ٿيڻ جو ان ۾ لکيل ختم ٿيڻ واري تاريخ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا اڳ ۾ جو آهي ۽ ان سان گڏ توهان جي پاسپورٽ تي خالي پيج جو هئڻ به لازمي آهي. ان کان پوءِ توهان مالديپ جي هڪ مهيني جي ويزا تي وڃي مالديپ جي جزيرن جو سير ڪري سگهو ٿا. مالديپ پاڪستانين کي هڪ مهيني جي ويزا آن ارائيول (ايئرپورٽ تي پهچڻ ) تي مفت ۾ لڳائي ڏيئي ٿو. يعني جڏهن توهان مالديپ پهچندو ته توهان جي پاسپورٽ تي ويزا اتي ئي ايئرپورٽ تي لڳائي ويندي. توهان اتي رهي ڪري پنهنجي ويزا جي ڏينهن کي وڌرائي به سگهو ٿا.

 سياحت کان علاوه هن ملڪ جي ٻي سڀ کان وڏي آمدني ماهگيري آهي. يعني مڇي مارڻ جو ڌنڌو. ماهيگيري کان علاوه محدود حد تائين صنعتڪاري پڻ آهي. مالديپ ۾ اڳ ۾ تعليم ڏانهن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويندو هو. پر هاڻي مالديپ ۾ تعليم جي شرع 97.86 في صد تي پهچي چڪي آهي. ڇو ته مالديپ جزيرن تي مشتمل آهي. ان ڪري مالديپ جي جزيرن تي سفر ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز، هيليڪاپٽر، ٻيڙيون ۽ بحري جهازن جو استعمال ٿئي ٿو.

 بيچز تي والي بال کيڏڻ مالديپ جي ماڻهن جو وڏو شوق آهي. پر هتان جي قومي راند فوٽ بال آهي. ان کان علاوه هتان جو قومي فروٽ coconut palm cocos آهي. هتان جو قومي گل Nucifera يعني ink rose آهي. هتان جا هون ته ڪيترائي ٽريڊيشنل کاڌا آهن. جن ۾ Gulha, Mashunie هن ۾ مڇيءَ جو ڳر وارو ٿلهو ناسي گهڻي پچائڻ وارو پيسٽ آهي. ان کان پوءِMasbaiy, kuhi Boakibaa, Masroshi, Biskeemiya, Fish Curry, Fried Yams, Maldivian Fish Curry, Boshi Mashuni هي ڪيلي جي گل جو سلاد هوندو آهي.Maldivian live lobster, Mal ان کان علاوه Garudhia (fish soup) آهي، جيڪا هنن جي پراڻي ۽ روايتي رٻ آهي. کوپري، مڇي ۽ نشاستي جي ميلاپ سان ٺهندڙ ڊش هتان جي مقبول ڊش آهي. جنهن کي گروديا ڊش چيو وڃي ٿو.

ان کان علاوه جيٽس ڪنگ، واٽرڪنگ، فٽ بال ۽ ٽينس بال جهڙيون ٻيون رانديون گهڻيون مقبول آهن. دنيا ۾ سڀ کان پهرئين ٿيندڙ پاڻي ۾ هيٺ ميٽنگ به مالديپ ۾ ئي ٿي هئي. مالديپ سمونڊ جي سطح کان فقط 1.5 ميٽر بلند آهي. يعني مالديپ کي سڄي دنيا جي ملڪن کان ٻڏڻ جو خطرو وڌيڪ آهي. مالديپ سياحن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ محفوظ جاءِ تصور ڪيو ويندو آهي. مالديپ ۾ وهيل مڇين جو تمام گهڻو انگ ملي ٿو. انهن مڇين جي ڊيگهه اڪثر 18 کان 32 ڦوٽ آهي. اهو سچ آهي ۽ اسان پاڻ اکين سان ڏسي به آيا آهيون ته مالديپ جي ساحلن جو پاڻي دنيا جي مڙني بيچز کان وڌي صاف ۽ شفاف آهي.

مان سمجهان ٿو ته توهان کي مالديپ ضرور گهمڻ گهرجي.

 








 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more