استاد بخاري
استاد بخاريءَ جو پورو نالو احمد شاھ
بخاري ھو. استاد بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ جنم ورتو. ھو غلام نبي چانڊيو ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جو رھاڪو
ھو. دادو شھر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. ھو بنيادي طور استاد ھو ۽ سڄي زندگي
استاد ٿي رھيو. گورنمينٽ ڪاليج دادوءَ مان پروفيسر طور رٽائرڊ ڪيائين. استاد بخاري
سنڌيءَ جو سريلو شاعر ھو. ھن جا چوڏھن مجموعا ڇپيل آھن. ھو 9 آڪٽوبر 1999ع ۾ گذاري ويو.
استاد بخاري چوي ٿو ته:
قطعا
جو ڏئي تنهن
کي ڏجي، ڪھڙو مزو،
جو منگي تنهن
کي ملڻ ۾، آ مزو،
ڪوبه ڪڪرن کي
قسم ڏيئي پڇي،
بحر کان بر
تي وسڻ ۾ آ مزو.
جو پاڻ ئي ڏئي پيو ان کي ڀلا ڏيڻ ۾ ڪھڙو
مزو آھي، جوگھري ٿو تنهن سان ملڻ ۾ مزو آھي، ڇو ته ھو ضرورت مند آھي. ڪڪرن کي ڪو
قسم ڏئي پڇي ته سمنڊ تي وسڻ ۾ مزو آھي يا زمين تي! حقيقت ۾ سمنڊ ته پاڻي آھي، پر
زمين کي پاڻيءَ جي اڃ آھي يعني زمين کي مينهن جي ضرورت آھي ۽ سمنڊ کي ڪابه ضرورت
ناھي!
استاد بخاري چوي ٿو ته:
دوبدو نيڪيءَ
بديءَ جي جنگ آ،
گھر ۾ ويٺي
دنبها گوجيا ته ڇا.
جاڳ وارا
فيصلا حيلا نه ٿيا،
ننڊ ۾ ڪي
بودلا وڦليا ته ڇا؟
آمھون سامھون نيڪيءَ بديءَ جي جنگ لڳي
پئي آھي! بدي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گھر جي ڪنڊ ۾ گڏ ٿي رڙيون، روسيون ۽ ڊاڙون ھڻڻ
مان وڏن ماڻھن کي ڇا مليو! فيصلا ته ھوش ۽ حواس ۾ ڪيائون پر انهن مان ڪوبه کڙ تيل نه
نڪتو. انهن جي رڙين، رانباھن ۽ فيصلن جي حيثيت اھا ھئي، جيئن ڪي چريا ۽ بي سمجھھ
ننڊ ۾ پيا بڙبڙائين!
استاد بخاري چوي ٿو ته:
مٽيون مائٽيون
آزمائي ڏٺيونسين،
سڳيون
ڀائپيون آزمائي ڏٺيونسين،
مصيبت ۾ ڪو
يار ھمدرد ڪونهي،
پڪيون
دوستيون آزمائي ڏٺيوسين.
مٽن مائٽن کي آزمائي ڏٺوسين ۽ ويجھڙن
عزيزن کي پڻ آزمايوسين، جڏھن مصيبت اچي مٿان پئي ته ڪوبه ھمدرد نه مليو، جگري
دوستن کي به آزمائي ڏٺوسين انهن جو به ساڳيو حال ھو.
Comments
Post a Comment