شاهـ جي شعر جا نفسياتي نُڪتا - عبدالڪريم لغاري

شاهـ جي شعر جا نفسياتي نُڪتا
عبدالڪريم لغاري

قدرت پنهنجي ڪمال ڪاريگريءَ سان، انسان جي وجود ۾ ٻه متضاد قوتون موجود رکي، کيس هن دنيا ۾ موڪليو آهي. انهن ٻن متضاد طاقتن، روحاني ۽ حيواني ــ انسان ۾ هميشه، زبردست اضطراب ۽ تلاطم برپا ڪيو آهي. ڪڏهن ته هو پنهنجي انڌي عقل ۽ منڊي منطق کان اهڙي اوڙاهه ۾ ڌڪجي پئي ويو آهي، جتان کيس بچائڻ لاءِ هميشه پيغمبرن جي رهبري پئي نصيب ٿي آهي، ڪڏهن ته هو خود ئي پنهنجي سالم عقل ۽ سچيءَ دل سان، زبردست ڪوشس، محنت ۽ مجاهدي سان حيواني طاقتن کي هيٺ ڪري، روحاني طاقت جي رمز پروڙي، عرشين اڏاڻو آهي، جِت حقيقت ۽ حق کي پسي، حال ۾ رهيو آهي ۽ پنهنجي ”قال“ (ڪلام) جي ذريعي بيحالن کي بديءَ کان بچائڻ لاءِ برهه جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
موجوده زماني جي انسان، پنهنجي ئي افعالن ۽ ڪُڌن ڪرتوتن ڪري، پنهنجي  دؤر۽ دل ۾ ايڏو ته اضطراب پيدا ڪيو آهي، جو هو ڪُرڙيءَ وانگر تڙپندو نظر اچي ٿو. ان اضطراب هر سياڻي ۽ سمجهوءَ کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو آهي، ته هو نه رڳو پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي اصل مقصد کي بلڪه انسان ذات، زندگي ۽ ان جي مقصد کي ۽ پڻ ڪائنات ۽ ڪل ڪائنات جي خالق، ان مطلق هستيءَ حق تعاليٰ کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ۽ سمجهي. ٻي ڪا به واهه نه ڏسي، هاڻي هو مجبوراً هر حالت ۾ روحاني رهبرن ڏانهن موٽي ٿو (1).
روحاني رهبرن ڏانهن ”موٽن“ مان مراد سندن ”قولن“ ۽ ”ڪلام“ کي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ”پُرجهڻ“ آهي. ليڪن ڳالهين ڪندي ڳُڙ جي ”ميٺاڄ“ جي پرک نه ٿي پوي (2)،
۽ نڪي چکڻ بنا ”مَند“ جي ”مٺاڻ“ جي ڪا پروڙ پئجي سگهي ٿي. مٺائي موجود آهي پر بلاشڪ اها بند به آهي (3)،
جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سچائي ۽ صداقت، صفائي ۽ پاڪائي ۽ آخرڪار زبردست ڪوشش جي ”ڪنجيءَ“ جي ضرورت آهي.
شاهـ عبداللطيف ڀٽائي رحه هڪ عظيم شاعر آهي پر بقول هڪ انگريز شاعر ”ڪالرج“ (Coleridge) ڪوبه ماڻهو هڪ عظيم شاعر هجڻ سان گڏ، هڪ زبردست فلاسافر به آهي (4).
شاهـ صاحب هڪ فلاسافر به آهي. هو زندگيءَ جي فلسفي، زندگي ۽ ان جي حقيقت ۽ ان جي اصل مقصد کي نهايت ئي اعليٰ ۽ واضح نموني ۾ بيان ڪري ٿو ۽ پڻ زندگيءَ جي مڙني مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان ڇوٽڪاري لاءِ هڪ اهڙو ”واحد حل“ به پيش ڪري ٿو، جنهن کي ڳولي لهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ، اڄ جو انسان زبردست ڪوشان آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاهـ نه رڳو اسان جو پر، سچ آهي ته انسان ذات جو به رهبر آهي (5).
انهيءَ کان اڳ جو ڪجهه وڌيڪ چئون اسان پنهنجي عنوان تي موٽي ”نفسيات“ يعني ”علم نفس“ بابت ٻه چار گفتا ٻڌايون ٿا، تان ته اڳتي بيان ڪيل ڳالهين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي. حقيقت ۾ ”نفسيات“ جي ڪابه واضح تشريح ڪري نه ٿي سگهجي. منهنجي خيال ۾، اسان لاءِ فقط هيترو سمجهڻ ئي ڪافي آيه ته نفسيات يعني ”علم نفس“ انسان جي قلمي ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن، امنگن ۽ اڌمن ۽ انسان جي صحيح ۽ سالم دماغ ۽ ان جي عملن، سوچ، سمجهه، ويچار ۽ عقيدن ۽ پڻ درجي بدر جي انهن جي ارتقا يا ترقيءَ سان تعلق رکي ٿو (6).
پر ان تشريح مان منهنجو مقصد اهو هرگز نه آهي ته ڪو شاهـ صاحب ”نفسيات“ جا ڪي نظريا پيش ڪري ٿو، يا وري ان جا ڪي قسم ۽ شاخون ٻڌائي ٿو. مطلب فقط هيءَ آهي ته شاهـ رحه هڪ مبصر، بلڪه هڪ ماهر نفسيات وانگر، قوم جي ذهني مرضن کي سڃاتو ۽ قوم جي نفسياتي رڳ جهلي، پنهنجي ”ڪلام“ جي ذريعي، ان جو اهڙو ته علاج ڪيو، قوم کي جهٽ، نه رڳو  سڪون سريو پر خود شاهـ صاحب هميسه لاءِ قوم جو حڪيم ۽ حاذق بنجي ويو، ۽ اهو ئي علاج عين روحاني علاج هو.
انهن نڪتن کي ڌيان ۾ رکي، جيڪڏهن شاهـ صاحب جي ڪلام جو مطالعو ڪبو ته رڳو مٿيون حقيقتون واضح ٿي پونديون، بلڪه شاهـ رحه جي ڪلام جا سڀئي نفسياتي نڪتا نروار ٿي پوندا.
تاريخ شاهد آهي ته شاهـ صاحب اهڙي وقت ۾ پيدا ٿيو، جڏهن سنڌ جو صوبو مغل حڪومت جي هٿ هيٺ هو. پر هيءُ وقت اهڙو هو، جڏهن مغل حڪومت جا پيچ بلڪل ڍرا ٿي چڪا هئا، ۽ هاڻ ان جا تختا نڪري رهيا هئا.
هوڏانهن خانه جنگيءَ جي باهه  ڀڙڪي اٿي هئي ته هيڏانهن طوائف الملوڪيءَ جو ٻارڻ ٻري چڪو هو. مطلب ته مرڪزي حڪومت جو نظام درهم برهم ٿي چڪو هو ۽ صوبا خدا جي سپرد هئا. مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت جي نه هئڻ سبب ٻاهريان خواه اندريان حملا جاري هئا، ۽ چند ڏوڪڙن جي طمع تي هزارين ماڻهن کي ماري مات ڪري، آخر سندن گهر ٻار جلائي خاڪ ڪيا پئي ويا. حڪومت جي اهڙين بدانتظامين، ملڪن جي لفنگن ۽ لوفرن کي به موقعو ڏنو، اهڙين حالتن ۾ ماڻهن ۾ آرام ۽ اطمينان جو ڪو سوال ئي ڪونه ٿي اٿيو ــ بلڪه هر ڪنهن سر بچائڻ لاءِ سٽون پئي ڏنيون ۽ هر ڪو جان جي جوکي کان حيران ۽ پريشان هو. انهن مڙني حالتن جي ڪري، ماڻهن جون وايون اهڙيون ته بطال ٿي ويون، جو کين نه ڪي پنهنجي ۽ نه ڪي پنهنجي خالق ۽ مالڪ جا ڪا پروڙ ٿي پيئي ۽ هو بدحال ۽ پريشان ٿي ڪنهن اهڙي طاقت جي ڳولا ۾ ڊوڙيا ٿي، جا کين نجات ڏياري. شاهـ صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي سنڌ ڪلهوڙن جي هٿ آئي، پر ماڻهن کي ڪوبه آرام نصيب نه ٿيو. سنڌ پوءِ به ڏن ڀرو رهندي آئي ۽ ڪڏهن ته ٺيڪن تي به نيلام ٿيندي رهي.
اهڙي انتشار ۽ اضطراب جي وقت ۾ شاهـ صاحب اٿيو ۽ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين پسڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ته قوم کي اهڙي اوڙاهه مان ڪڍڻ خود انسان، سندس زندگيءَ ۽ ان جي حقيقي مقصد کي سڃاتو ۽ سمجهيو وڃي پر اهڙي سڃاڻ لاءِ اول پنهنجي وجود جي پرک ضروري هئي. شاهـ رحه اندر ۾ جهاتي پاتي، پنهنجي ”حق“ ۽ ”حقيقتن“ کي اندرين اکين سان ڏسي سگهيو ٿي ۽ بقول هڪ مفڪر جي ته:
جڏهن آئون اهڙي منزل تي پهتس، تڏهن منهنجو اواز، به آواز هو. خود شاهـ رحه جي اواز سان گڏ هڪ ٻيءَ طاقت جو آواز گڏيو کيس هڪ تا هٿ آئي ۽ ان يڪتار تي هٿ هنيائين جتان آواز بلند ٿيو ته:
گولا جي گراهه جا، جُوٺا سي جوڳي،
ڦِٽل اُو ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا.

گندي ۽ گراهه، جنهن سنياسي سانڍيو،
اُنينءَ   کان   الله،  اڃا  آڳاهون   ٿيو.
ملڪ ۾ ان وقت جنگيون ۽ جهيڙا، دنگا ۽ فساد، ڦريون ڌاڙا محض هوس ۽ ڌن پرستيءَ جي ڪري هئا. شاهـ صاحب کليءَ طرح کين ٻڌايو ته، زندگيءَ جو اصل مقصد پيٽ پوڄا نه آهي. انسان رڳو ڌن پرستيءَ ۽ پيٽ پالڻ لاءِ پيدا نه ڪيو ويو اهي. پيٽ پالڻ زندگيءَ جي ضرورتن مان هڪ آهي ۽ اها هڪ ضرورت ساري زندگيءَ جو اصل مقصد مُور نه ٿي ٿي سگهي. قوم لاءِ اهو آواز اجنبي ته نه هو. پر حالات جي ڪري اهو آواز عجيب ضرور هو. ماڻهو شاهـ صاحب ڏانهن متوجه ٿيا ۽ هن تار تي هڪ ٻيو هٿ هنيو، جتان آواز اٿيو ته:
ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏيندي ڪيترو.

فاني تي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،
ٽٽي لوڙ لتن سين، جوڙيندءِ جاني،
ڪوڏر  ۽ ڪاني، آهه  سر سڀ ڪنهن.
هڪ فلسفي زندگيءَ جي حقيقت کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ اُٺ ڪتابن جا پڙهي ٿو ۽ ڪيئن ڪاغذ ڪارا ڪري ٿو، ته به مسئلو منجهيل ڇڏي ٿو. نه ڪي پاڻ سمجهي سگهي ٿو نه ئي ٻين کي سمجهائي ٿو. مگر شاهـ جهڙي شاعر لاءِ اهو بلڪل آسان آهي. ته هو ان حقيقت کي نهايت ئي سوالي نموني ۾ فقط ٻن سٽن ۾ پيش ڪري سگهي.
پر، تڏهن به زندگيءَ جو اصل مقصد ڇا آهي؟ ۽ هيءُ هيڏو مانڊاڻ ۽ ٽڪسال ڇا لاءِ آهي؟ قوم شاهـ صاحب کان اهڙو سوال ضرور ڪيو هوند ۽ شاهـ رحه ان جو مڪمل جواب هيئن ڏنو ته:
ماڻهو گهرن مال، آئون سڀ ڏينهن گُهران سُپرين،
دُنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال ،
ڪيس نام نهال، پسڻ تن پري ٿو.

اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي،
پورهئو سنو پورهيتن، والي! ڪيم وڃاءِ،
سو مون ٿورو  لاءِ، جيئن  جيئري ملان جت کي.
نيٺ به هر ڪنهن کي مرڻو آهي ۽ هيءُ ظاهري انڊاڻ هر حالت ۾ ڇڏي، هٿين خالي ”هوت“ جي حضور ۾ حاضر ٿيڻو آهي، ”جت نيڪي پڇن نانءُ. ٻيو سڀ وجهن ٻن“ ته پوءِ جيئري ئي ڇو نه ان جانت جو جمال پسجي، سندس حضور ۾ حاضر ٿجي. سندس قرب، پيار ۽ رضامندو حاصل ڪجي؟
ليڪن جانب جو جمال ڪيئن ماڻجي؟ ان جو قرب ۽ پيار ڪيئن حاصل ڪجي؟ ”محبت“ کي ماڻڻ لاءِ ”محبت“ ئي درڪار آهي. هتي شاهـ صاحب جو زبردست فلسفو ظاهر ٿئي ٿو ۽ نهايت ئي اهم نفسياتي نڪتا نڪري نروار ٿين ٿا. اسان کي معلوم آهي ته جڏهن شاهـ صاحب قوم کي خطاب فرمائي رهيو هو، تڏهن ماڻهن ۾ ڪدورت ۽ ڪفلت ڪاهي پئي هئي ۽ اهو ئي سبب هو، جو منجهائن ميٺ ۽ محبت به بلڪل نڪري چڪي هئي. مطلب ته هر ڪو ڪڻو ڪڻو پئي نظر آيو.
ڪوبه شخص ”اڪيلو“ رهي نه ٿو سگهي، ڇو ته معاشري کان ٻاهر هن جي ڪابه حيثيت نه ٿي رهي، بلڪه هو هڪ حيوان بنجي پوي ٿو. شخص ملي ”معاشرو“ بنائين ٿا پر معاشرو ۽ شخص ملي، ”زندگي“ نه ٿا بنائين، بلڪه هڪ ٻي هستيءَ آهي، جا زندگيءَ جي خالق آهي. زندگي طرت جنهن ۾ ڪل ڪائنات به اچي وڃي ٿي ”هڪ“ آهي ۽ ان جو ”اصل“ ”لافاني هيڪڙائي“ آهي، ”هيڪڙائي“ ”حقيقي عشق“ جو ٻيو نالو آهي جو ئي قائم ۽ قديم آهي. انسان جو ”اصل“ خود اها ”هيڪڙائي“ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو انسان ذات جي اندر ۾ عشق ڊوڙي ٿو پر اهو عشق جڏهن ”تون“ يعني ٻئي ”جسم“ تائين محدود آهي، جو خود ”فاني“ آهي تڏهن اهو جسماني عشق، قطعي محدود ۽ ”فاني“ آهي، بلڪه ”حقيقي عشق“ تائين پهچڻ لاءِ زبردست رنڊڪ ۽ نقصانڪار. ”حقيقي عشق“ تائين پهچڻ لاءِ هر حالت ۾ اها منزل بغير ڀلجڻ جي پار ڪرڻي آهي ۽ ان ”جسماني عشق“ کي انسان ذات ڏانهن موڙڻو، بلڪه ڪل مخلوق لاءِ، اها نظر ڌارڻي آهي. جنهن جو ”اصل“ حقيقت ۾ ”هيڪڙائي“ آهي. اتي اهو ”عشق“، ”عشق حقيقي“ بنجي ٿو ۽ اهو ئي ”حق تعاليٰ“ جو عشق آهي.
انهن سڀني نڪتن جي مد نظر شاهـ صاحب کي، سڀ کان اول ماڻهن مان ڪينو ۽ ڪلفت ڪڍي، انهن کي يڪجاءِ ڪرڻو ۽ انهن جي دلين ۾ ”قرار“ قائم ڪرڻو هو جنهن لاءِ فرمايائين ته:
ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
سي   ڳاهي   ڳاهه   فراق  جي،  ڪيا  ڌارون  ڌار.
انسان جي دل ۾ جڏهن ”قرار“ آهي. جڏهن هن جي دل بُرن خيالن، اجاين وهمن ۽ ويچارن کان واندي آهي، تڏهن سمجهو ته اها ”پيار“ سان ٽمٽار آهي. يا ان ۾ جهٽ پيار پيدا ٿي سگهي ٿو. عين موقعي تي شاهـ صاحب فرمايو ته:
وڳر ڪئو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن مڙهنئان ميٺ  گهڻو.
هيءَ ڳالهه ياد رکجي ته شاهـ صاحب کي رڳو ڏس نه ڏيڻا هئا،  مگر ان لاءِ کيس زبردست مثال به پيش ڪرڻا هئا. مون مٿي عرض ڪيو ته شاهـ رحه پنهنجي قوم کي پوريءَ طرح پرکيو. هنڌين ماڳين پهتو. ماڻهن جي قلبن ۽ انهن جي ڪيفيتن کي ڄاتائين. سندن ذهنن کي کولي ڦولهي، انهن جي لاڙن کي سڃاتائين، بلڪه هڪ زبردست ماهر نفسيات وانگر انهن جو مڪمل تجزيو ڪيائين ۽ کيس باقاعدي معلوم ٿيو ته هر هڪ ۾ سسئي ۽ سهڻي سمايل هئي. هر ڪو مومل جي مجاز تي مست نظر آيو، مارئيءَ جي سيل ۽ ست ۾ ڪنهن کي به ڪو شبهو ڪونه هو. ليلا جي ليلڙاٽن تي هر ڪنهن ارمان کاڌو ٿي. نوريءَ جي نياز ۽ نِوڙت تي هر ڪنهن کي ناز هو، ته پوءِ شاهـ جو به ڪمال هو، جو اهڙو ئي آواز ۽ اهڙوئي ساز پيش ڪيائين. شاهـ صاحب جي نفسيات جو اهو هڪ زبردست نڪتو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو شاهـ جلد ئي ماڻهن جي دلين تي هميشه لاءِ ڇانئجي ويو (7).
اسان چڱيءَ طرح واقف آهيون، ته شاهـ صاحب هڪ صوفي شاعر آهي ۽ ”تصوف“ سندس شعر جو تاڃي پيٽو آهي. ”تصوف“ جنهن جو بنياد ”توحيد“ تي آهي ۽ توحيد تي ايمان جو تعلق ”عقيدي“ سان آهي. ان کان پوءِ حقيقي ڄاڻ لاءِ جذبو ۽ فطرت جو مطالعو ۽ پڻ ”حق“ جي لاءِ ”عشق“ ۽ ان جي تلاش جن جو تعلق دل ۽ دماغ سان آهي ۽ آخر روحاني ترقيءَ جي آڌار تي درجي بدرجي اهي منزلون پار ڪري، ”معرفت“ ماڻڻ ۽ ”حق“ جي هيڪڙائي حاصل ڪرڻ، جنهن ”هيڪڙائي“ لاءِ، اول ”هڙئي“ وڃائڻو آهي ۽ جنهن جو تعلق ”روح“ ۽ ”قلبي ڪيفيتن“ سان آهي سو سڌو سنئون ”نفسيات“ جي دائري ۾ داخل آهي. بهرحال شاهـ جي ڪلام ۾ تصوف آهي ۽ سندس قصن وارو ڪلام تمثيلي آهي. هت شاهـ جي نفسيات جو وري هڪ ٻيو اهم پهلو نروار ٿئي ٿو. هڪ نفسيات جو ماهر، پنهنجي ڌُڪن يا نامڪمل تجربن جي آڌار تي، نفسيات جا ڪي نظريا گهڙي ٿو ۽ ان جون ڪي شاخون يا قسم بيان ڪري ٿو ۽ اهڙا ته ان پورا اکر ڳالهائي ٿو، جن تي کيس به پورو ڀروسو نه آهي، مگر شاهـ صاحب نه رڳو نفسيات جي اهم نڪتن کي سمجهي ٿو، مگر ساڳئي نفسيات، ساڳئي اثر سميت پيش ڪري ٿو.
اسين سندس سورميون عشق جي نشي ۾ ڏسون ٿا. حقيقت ۾ نفسياتي اصولن مطابق زندگيءَ جي ارتقائي منزلن جي لحاظ کان، اهو خاص مرحلو، مجازي ۽ روحاني مرحلو آهي جنهن کي نفسياتي معنيٰ ۾ زندگيءَ جو خطرناڪ مرحلو به چيو ويو آهي. اسين ڏسون ٿا ته شاهـ صاحب انساني فطرت کي به هرگز هٿان نه ٿو ڇڏي، بلڪه پنهنجي سورمين جون ڪي خطائون ڏيکاري. يڪدم کين ان مرحلي کان مٿي کنيو وٺي يا اڃا به هيئن چئون ته کين ماري وري زنده ڪيو ڇڏي ڇو ته جيئن مٿي عرض ڪيم ته انسان کي ”هيڪڙائي“ (حق) حاصل ڪرڻ لاءِ ”هڙئي“ وڃائڻو آهي يا مدد کان اڳي مري، پوءِ جيئڻو آهي ۽ شاهـ صاحب به چوي ٿو ته:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا  اڳي جي جيا!
مذڪوره مرحلو آخري مرحلو آهي پر شاهـ صاحب جا اهي محض مثال آهن ان ڪري ڪمال ڪاريگريءَ سان، اتان موٽي، پڙهندڙن جي ذهن تي پورو اثر ڄمائي، کين به زندگيءَ جي ان خاص منزل تي وٺي وڃڻ چاهي ٿو. جتي انسان بصيرت حاصل ڪري ٿو ۽ روحانيت جو مزو ماڻي ٿي ۽ ”تصوف“ به اهو ئي آهي.
ان ساري فلسفي ۽ نفسيات سان گڏ، شاهـ جي وڌيڪ نفسيات هتي به ظاهر ٿئي ٿي، جو، هو ڪڏهن به ڪنهن قصي کي مڪمل طرح نه ٿو ڳائي بلڪه اهي خاص نڪتا چونڊي ٿو، جي نفسياتي آهن ۽ ٻڌندڙن جي ذهن ۾ هڪ زبردست نفسياتي اثر پيدا ڪن ٿا. انسان قدرت طرح پنهنجي جنس لطي ڏانهن مائل آهي. ڪهڙو به ڪٺور دل ڇو نه هجي، مگر هو عورت جي مٺي ۽ من موهيندڙ آواز تي پگهر جو پاڻي ٿيو پوي. قدرت جو ڪرشمو چئجي يا اهو به عورت جي آواز جو اثر چئجي، جو سندس دانهن ۾ زبردست درد ۽ سوز سمايل ٿئي ٿو ۽ ٻڌندڙ تي لازمي آهي ته ان جو ٻيڻو اثر ٿئي. شاهـ جو هت ڪمال هيءُ آهي، جو هو پنهنجي قصن واري ڪلام ۾، شروع کان ئي پنهنجي سورمين کان سوز واريون صدائون ڪرائي ٿو.
هن حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته شاهـ صاحب نه رڳو سسئي يا سهڻي، مومل يا مارئي، بلڪه عورت ذات جي فطرت ۽ سندس نفسيات ڪاڻ اهڙو ته واقف آهي جو جڏهن سسئيءَ جي زبانيءَ، هي لفظ ڪڍي ٿو:
ڏونگر! ڏوين کي، دلاسا ڏجن،
گهڻَ پڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،
تون ڪيئن سندا تن، پهڻ! پير ڏکوئين؟
تڏهن دنيا جي عورت ذات، ان هڪ سسئيءَ ۾ سمايل نظر اچي ٿي ۽ جڏهن سهڻي سوز ڀريي آواز ۾ چوي ٿي:
اديون! سڀ اندام، چڙن منهنجا چورئا،
لارُن جا لنءُ لائي، سا ڪِنءَ آڇيان عام؟
لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسو دوست مُهي.
تڏهن سهڻي، گويا عورت ذات جو مثال ٿي بيهي ٿي ۽ هيڏانهن هڪ وڻجاريءَ جي وائي ته ٻڌو:
وڻجاري جي ماءُ! وڻجارو نه پلين؟
آيو ٻارهين ماه! پُڻ  ٿو  سَفر سَنبهي.
پوريءَ دنيا جي وڻجارين جو آواز، هڪ ئي شعر ۾ شاهـ جي زباني ظاهر ٿئي ٿو.
شاهـ صاحب جي نفسيات جو آخري ۽ اهم نڪتو هيءُ به آهي، ته هو جيتوڻيڪ اسلامي شاعر آهي ۽ اسان کي پنهنجي مذهب تي پابند رهڻ جي تلقين ڪري ٿو، ته به هو رڳو مسلمانن جو شاعر نه آهي. شاهـ رحه خدا جي هڪ اهڙي مخلوق کي مخاطب هو، جا مسلمانن، هندن ۽ پڻ ٻين غير قومن تي مشتمل هئي. ان ڪري شاهـ صاحب مذهب اسلام، بلڪه هر قوم ۽ ملت جي مذهب جي بنيادي اصولن کي ورتو، جو محض ”محبت“ آهي. ڪائنات ”محبت“ جي ڪري قائم آهي. انسان جو وجود ”محبت“ جي ڪري آهي. ”محبت“ ڪري ڄمي ٿو ۽ ”محبت“ سان وڌي ٿو، بلڪه ”محبت“  کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي ۽ سندس هر ترقيءَ جو ڪارڻ ”محبت“ آهي. ۽ آخر به کيس ان ئي بنياد ”محبت“ (عشق) ڏانهن ورڻو آهي، جو ”حقيقي حق“ آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهـ رحه ڪنهن خاص مذهب جي ظاهري ڳالهين کان مٿڀرو ٿي ڳالهايو ته:
سرتين سهج منجهان، ٿي ڪوڏ وراهيا ڪپڙا،
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو  صرافن، ان توريو ئي اگهايو.
ان نڪتي جي ڪري شاهـ صاحب هر قوم ۽ ملت جي دلين تي ڇانئجي ويو ۽ اڄ به ڇانيل آهي ڇو ته هتي شاهـ ”شاعر انسانيت“ بنجيو وڃي، اها ”انسانيت“ جا اڄ جي ”امن“ لاءِ هڪ ”واحد حل“ آهي. ۽ جنهن جي تلاشي ۾ دنيا سرگردان آهي!
شاهـ صاحب جي ڏسيل ”نسخي“ پوين تي ڪهرو اثر ڪيو، تنهن لاءِ اڄ جي ”امن“ لاءِ هڪ ”واحد حل“ آهي، ۽ جنهن جي تلاشي ۾ دنيا سرگردان آهي!
شاهـ صاحب جي ڏسيل ”نسخي“ پوين تي ڪهڙو اثر ڪيو، تنهن لاءِ اڄ جي ماڻهن جون دليون ۽ زبانون شاهد آهن. حقيقت ۾ شاهـ صاحب جو (ڪلام) به اهڙوئي آهي ۽ اوتروئي مفيد ــ ڇاڪاڻ ته ان ۾ اها ته خاصيت آهي، جو پئي پراڻو نه ٿئي ۽ ان جو اثر ڪڏهن به ضايع ٿيڻو نه آهي.

حوالا

1.                             A. J. ArbarryL 'Sufism', (Ailen and Unwin, 1956) p.7
2.                             ڳڙ نه سڃاپي ڳالهين، جان جان ڳڙ نه کاءِ. (گرهوڙي)
3.                             A. J. ArbarryL 'Sufism', (Ailen and Unwin, 1956) p.7
4.                             Quoted by Hudson in 'An introduction to the study of literature', (G.G.Harrap & Co. London, 1954) p.93
5.                             Hudson in 'An introduction to the study of literature': p.95
6.                             James Ward: 'Psychological Principles', (Cambridge University Press London, 1952,) p-I
7.                             H.T. Sorley: 'Shah A. Latif of Bhit' (Oxford, 1940) p-259.

Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت