Immunity System

قوت مدافعت (Immunity System)

جسم ۾ قوت مدافعت (Immunity System) ڪيئن ڪم ڪندي  آھي:
مثال:
اوهان سڀ رات جي وقت پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ ستا پيا آھيو ۽ اوچتو اوهان جي گهر ۾ چور گهڙي پئي ٿو ته پوء اوهان سڀ اٿي پوندئو، ڪو دانهون ڪندو، ڪو چور چور ڪري رڙيون ڪندو، ڪو بندوق کڻي چور کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو، ڪو چور کي گهر جي مختلف قيمتي شين کي هٿ لائڻ نه ڏيندو، ڪو پوليس کي فون ڪندو ۽ اهو عمل آخر تائين جاري رهندو، جيستائين چور نقصان پهچائڻ کانسواء ڀڄي وڃي يا وري ان کي گهر ڌڻي ماري رکن۔
بلڪل اهڙي طرح اوهان جي جسم جي اندر جيئن ئي ڪو وائرس داخل ٿئي ٿو ته انسان جو جسم جلدي ۾ Antibodies کي حڪم ٿو ڪري ته هن دشمن وائرس سان اوهان مقابلو ڪريو۔
هاڻي سڄو انحصار Antibodies تي آھي ته اهي اگر مضبوط  آھن ته ڪابه پرواه ڪونه ٿيندي، پر جي اهي ڪمزور آھن ته پوء جسم ۽ جسم واري جو خير نه هوندو۔
سڀ کان اول جيئن ئي جسم جو Antibodies کي حڪم ٿيندو ته اهي جلدي ڀڄي وڃي وائرسز viruses کي قابو ڪري ان سان Bind ٿي ويندا، يعني ان کي چنبڙي پوندا ۽ انهيء وائرسز Viruses کي تباه ڪندا ۽ پوء رت جا اڇا جزا White blood cells انهن وائرسز کي  ڳهي ختم ڪري ڇڏيندا۔

ڪيئن خبر پئي ته قوت مدافعت (Immunity System) گهٽجي وئي آھي:
·      ڪوبه Auto immune disorder هجي۔
·      ڪنهن به اندرئين عضوي internal organ مثال طور تي kidneys, Heart, Liver  وغيره تي سوزش ھجي۔
·      ڪوبه Blood disorder  مثال طور تي Anaemia, Thalassemia وغيره هجي۔
·      ڪابه معدي جي تڪليف هجي:
مثال طور تي بک جو نه لڳڻ، دست ۽ پيٽ ۾ سور Abdominal cramps هجن۔
·      ڪنهن به ٻار جي واڌ ويجه Growth and development تي اثر هجي۔

اوهان جو قوت مدافعت (Immunity System) سگريٽ پيئڻ، ايڊز، هيپيٽائيٽس، ڪينسر، وغيره جي بيمارين سبب ڪمزور ٿي سگهي ٿو۔

قدرتي طور تي قوت مدافعت (Immunity System) کي هيٺين طريقن سان وڌائي سگهو ٿا۔
·      سگريٽ پيئڻ بلڪل بند ڪريو۔
·      روزاني ورزش ڪندا ڪريو۔
·      پنهنجي وزن کي ڪنٽرول ۾ رکو۔
·      جيڪڏهن شراب پيئڻ جا عادي آھيو ته انهيء جو مقدار بلڪل گهٽائي ڇڏيو۔
·      پنهنجي آرام جو گهڻو خيال رکو ۽ ڇهن کان اٺن ڪلاڪن تائين آرام ڪرڻ کي يقيني بنايو۔
·      کاڌي ۾ فروٽ ۽ سبزين جو استعمال وڌائي ڇڏيو ۽ گوشت وغيره کي بند ڪري ڇڏيو۔
·      ڪنهن نارمل ماڻھو جيتري وقتائتي روزاني جي بنياد تي آرام ڪندا ڪريو۔
·      ڀاڄي ۾ ٿوم جو استعمال وڌائي ڇڏيو۔
·      ليمون پاڻيء ۾ ملائي خوب استعمال ڪريو پر هن موسم جي حوالي سان ليمون گرم پاڻيء ۾ ملائي استعمال ڪريو۔
·      اگر اوهان کي ڪابه معدي جي serious تڪليف ڪونهي ته اوهان هڪ ڪپ پاڻيء ۾ هڪ ڳڙي ٿوم جي ڇريء سان ڪٽي ذريون ذريون ڪري پاڻيء ۾ وجهي ان کي چانه وانگر ٻڙڪايو ۽ پوء لاهي ڇاڻي ان ۾ اڌ ليمون ملائي ۽ هڪ چمچو اصلي ماکي ملائي اوهان چانهن وانگر صبح ۽ شام پيئو۔
·      چڪن سوپ جو استعمال روزاني جي بنياد تي ڪريو۔
·      ڪجه کاڄا اوهان پنهنجي ناشتي تي پنهنجي استعمال جو معمول بنائي ڇڏيو۔
·      روزاني پندرهن منٽن تائين صبح جي ٽائيم تي اس ۾ ضرور ويهندا ڪريو۔

جيڪي ماڻھو ٺيڪ طرح سان آرام نٿا ڪن ته انهن جو immune  power damage ٿئي ٿو، ڇوته اوهان جي جسم جو قوت مدافعت (Immunity System) سائيٽو ڪائينيز Cytokines کي relieve ڪندو آھي ۽ جڏهن توهان سمهندا آھيو ته اهو cytokines اوهان جو جسم  پئدا نه ڪندو ۽ جيڪڏهن اوهان نه سمهندئو ته اهو Cytokines اوهان جي جسم جي stamina کي lower رکندو ۽ اوهان جي Immune system سان مختلف مسئلا لاڳو ٿي پوندا ۽ اوهان تي ڪوبه بيڪٽيريا يا وائرس آساني سان حملو ڪري سگهي ٿو۔

قوت مدافعت (Immunity System) کي هيٺيان مشروبات Boost ڪري سگهن ٿا۔

مثال:
صوفن جو جوس، ڳاڙھين گجرن جو جوس، نارنگين ۽ موسمين جو جوس، ٽماٽي ۽ ليمي جو جوس وغيره۔

ڪيلي جو جوس
ڪيلي جي جوس ۾ Potassium پيل آھي جيڪو Immunity enhancer  agent بنجي جسم جي اندر work ڪندو آھي۔

اسٽرا بيري جو جوس
اسٽرا بيري جو جوس Immunity boosting ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪندو آھي۔

وٽامنس جيڪي قوت مدافعت جي لاء تمام اهم هونديون آھن
مثال جي طور تي Zinc, anti-oxidants, Vitamin B6, Vitamin C,  Minerals,  Vitamin E وغيره ۔

وٽامن بي 6
وٽامن بي 6 Immune system جي اندر جيڪي به Biochemical reactions ٿيندا آھن، انهن کي enhance ڪندي آھي ۽ جنهن سان قوت مدافعت ۾ گهڻي بهتري ايندي آھي۔

وٽامن اي
وٽامن اي هڪ نهايت ئي Powerful anti-oxidant آھي، جيڪو وائرس ۽ بيڪٽيريا سان وڙھندو آھي ۽ وائرس کي جسم کان ٻاهر تڙي ڦٽو ڪندو آھي۔



ڊاڪٽرغلام عباس _ مهيسر
M.B.B.S, MD(School of Hoston Taxas) MACP (America)
03003414224



Sindh
Digital Readers





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت