ڌيمي لهجي جو شاعر بلوچ صحبت علي


ڌيمي لهجي جو شاعر
بلوچ صحبت علي

تحرير: ممتاز مهر


ڌيمي لهجي جي شاعري ، ڌيمي لهجي جي موسيقي مون کي وڻندي آهي.ها ڌيمي لئه جيئن ٽمندڙ برسات جي ٽم ٽم ڪندڙ پاڻي جي لئه. مغرب جا ڪيئي اهڙا موسيقار گذريا آهن  جن جون ڌُنون ٻڌڻ سان برسات جي ٽمندڙ بوندن جو ورلاپ محسوس ٿيندو آهي. اهڙي ڌيمي لهجي وارا تخليقار، خود به تمام نفيس طبيعت جا هوندا آهن. 


بلوچ صحبت علي پنهنجي طبيعت ۾، پنهنجي شخصيت ۾ ۽ پنهنجي شاعري ۾ ان ڌيمي روپ جو عڪس آهي، اظهار آهي. اهو عڪس، اهو اظهار خود ساخته نه، پر بي خوديءَ جور روپ ۽ ورلاپ آهي. مان اردو شاعريءَ جا ڪجهه مثال ڏيئي، پوءِ بلوچ صحبت علي فن تي اظهاريندس.

هڪ نامعلوم اردو شاعر جو ڌيمي لهجي ۾ بي ساخته چيل شعر هن ريت آهي. جنهن جي پڙهڻ يا ٻُڌڻ سان هڪ عجيب اُداس ڪيفيت ڇانئجي وڃي ٿي:

ڪافي عرصه بيت گيا،
جاني اب وه ڪيسي هوگي،
وقت ڪي ساري ڪڙوي باتين،
چهپڪي چهپڪي سهتي هوگي،
مجه سي بجهڙي عرصه بيتا،
اب وه ڪس سي لڙتي هوگي؟
اچها تها جو ساتهه هي رهتي،
بعد ۾ اس ني سوچا هوگا،
اپني دل سي ساري باتين
خود سي خود ڪهتي هوگي،
ڪافي عرصه بيت گيا،
جاني اب وه ڪيسي هوگي،

سو اهو آهي اوچتي وڇوڙي جو ورلاپ ۽ درد. صحبت پنهنجي درد جي ڪيفيت هيئن بيان ٿو ڪري:

تنهائي ۾ تنها ڪمرو ماريندو آ،
خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ماريندو آ،
سپنن جو سنسار آ ”صحبت“ ذهنن ۾،
جنهن جي ساڀيان ناهي سو سپنو ماريندوآ.

سادا لفظ، پر هر لفظ ۾ درد جي ڪيفيت جو اظهار.

مُکڙيون ناهن کِليون هن پيار جون،
وقت کان ئي سي اڳي پٽجي ويون،
راهه تان شيشا هٽائڻ چاهيم،
آنڱريون منهنجون مڙئي ڪٽجي ويون.

يا وري

روز ٿو روشن ڪيئي فانوس ڪيان،
هر گهڙي توکي مٺي محسوس ڪيان،
چنڊ تارا روز ٿا تنهنجو پُڇن،
ڪيئن انهن کي پاڻ سان ملبوس ڪيان!.

محبت جا ڪيئي رنگ آهن ۽ ان جي فني اظهار جا اڻ کٽ احساس آهن. ڪنهن  جو اردو شعر آهي :

وه دن بهي کيا عجيب ٿي،
تم سانس سي بهي قريب ٿي.

يا

قفص سي نڪلي لاپته پرندو سي،
هوائي شام ! ڪوئي رابطه پرندون سي ؟

احمد فراز جو آخري غزل آهي:

غم هيات کا جهگڙا مٽا رها هي ڪوئي،
چلي آو ڪه دنيا سي جا رها هي ڪوئي.
ازل سي ڪه دو ڪه رک جائي دو گهڙي،
سُنا هي آني کا وعد نبها رها هي ڪوئي.

مان هي اردو شاعريءَ جا ڪجهه مثال ان ڪري ڏيئي رهيو آهيان ڇو ته محبتن جي ڪيفيت ۽ انساني صورتحال، لاڳاپن جي وچ ۾ سرحدو ناهن هونديون. دنيا جون سڀ خوبصورتيون ۽ خوبصورت رچنائون اسان سڀني جون آهن ۽ اسين سنڌي ڪُل انسان ذات جي غمن ۽ خوشين ۾ گڏ آهيون. جيڪي نظريا ۽ عقيدا انسان کي ڌار ڪن ٿا، تن کي اسان ڌڪاريون ٿا، انسانيت جو پرچارڪريون ٿا، جيئن شاهه لطيف فرمايو؛

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
صحبت به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي:
عبادت امن جي ڪيون ٿا گهرن ۾،
نه ڪا دشمني آ، اسان جي نگر ۾

ڌرتيءَ سان پيار ۽ اُنس انسان جو فطري جذبو آهي، بلوچ صحبت علي ان جو اظهار ڪيئي ڀيرا ڪيو آهي:

اسين سنڌ واسي صدين کان سچا،
اسان جي صداقت کي پرکي ڏسو،
اسان سونهن جي پيا ٿا پوڄا ڪيون،
اسان جي عبادت کي به پرکي ڏسو.

سنڌ جي ڏُکايل صورتحال کي صحبت هيئن پيش ڪيو آهي:

اچي ديس جا ڏس تون مارو ويچارا،
هي غربت جا ماريل، بُکايل ڏُکايل.
ٿي بنجر وئي آ، هي ڌرتي اسان جي،
ويو ڏيهه سارو ٿي آهي ڏُڪاريل.

بلوچ صحبت علي شاعر سان گڏوگڏ،پيشي جي لحاظ کان، وڪيل به آهي. هِن زوالپذير سماج ۾ انصاف ڪئين تورجي ٿو ۽ وڪامجي ٿو، هو هڪ سجاڳ ذهن سان ان تماشي کي بخوبي ڄاڻي ٿو، سمجهي ٿو، سو علامه اقبال جي منظوم ”شڪوه“ وانگر علامتي طور هڪ نوٽيس خدا ڏانهن موڪلڻ چاهي ٿو، ان نوٽيس ۾ ڇا هوندو خبر ناهي، پر ”بيلف“ عنوان سان نظم ۾ هن ملڪ ۾ وڌندڙ مُلائيت ۽ مُلان جي تصور خدا کي سواليه نشان بڻايو آهي. مسجدن جي حالت جيڪا موجوده دور جي فرقيپرست مُلن ڪئي آهي، اُها حالت ڏيڍ سو سال اڳ ننڍي کنڊ ۾ مختلف نه هُئي. جنهن صورتحال کي ڪلاسيڪي دور جي اردو شاعر ”مومن خان مومن“ هيئن پيش ڪيو آهي:

ڪل شب جو مسجد د۾ جا پهنسي مومن،
رات ڪاٽي خدا خدا ڪرڪي.

پر بلوچ صحبت علي جي شاعريءِ جو محور عشق آهي، جنهن کي هن ڌيمي پر لئه دار نموني سان اظهاريو آهي:

ساري جڳ ۾ عشق ۽ الفت جو ميلو آ متل،
عشق وارن کي ڏسون يا سونهن وارن کي ڏسون.
تنهنجي چهري کي ڏسڻ سان جي نه ٿو ڀرجي پرين،
تنهنجي ڳلڙن کي ڏسون يان تنهنجي چپڙن کي ڏسون.
ڪيترو ماتم ڪجي، پنهنجن پراون جو هتي،
ڪهڙي رهبر کي ڏسون ۽ ڪهڙي رهزن کي ڏسون.
جن سبب شاعر ٿياسين يار ”صحبت“ شهر ۾،
هل ته هڪ ڀيرو هلي تن چنڊ چهرن کي ڏسون.


ڇا ته زور بيان، بي ساختگي ۽ سوز ۽ تڙپ آهي صحبت جي مذڪوره غزل ۾! اهو منهنجي نظر ۾ سندس مجموعه ڪلام ”من صحرا صحرا“ جو سڀ کان وڌيڪ دلڪش اسم آهي. صحبت جي عشق کي، ان عشقي ڪيفيت کي نفاست سان اظهارڻ ۾، من ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڪئٿارسس  پيدا ڪرڻ لاءِ کيس سلام آهي. بقول علامه اقبال:

اگر هو عشق تو هي ڪفر بهي مسلماني،
نه هو تو مرد مسلمان بهي ڪافر و زنديق.

شاعر گذريل پلن کي ياد ڪندو ۽ گونجاريندو آهي. پنهنجي رنج ۽ غم کي شعري رنگ ۾ رچي اڪيلائپ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندو آهي، پر عارضي.

وه دن بهي کيا عجيب تهي،
تم سانس سي بهي قريب تهي.

انگريزي جو سدا بهار شاعر ڪيٽس 
(Keats)
جنهن جو هڪ شعر :
A thing of beauty is a joy for ever.
حسن جي سرهاڻ، راحت ئي راحت.

عام محاورو بڻيل آهي، شيڪسپيئر جي تخليقي اُڏام کي ساراهيندي چيو هو ته شاعر جي تصور واري دنيا ۾ ڪيئي پنڌ پيچرا هوندا آهن، ان ۾ شعور جي منطق ۽ حقيقت تي ٻڌل هڪ سڌي سنواٽي راهه نه هوندي آهي، پر انيڪ اُميدن، نا اُميدين، شڪن، شبهن، اسرارن سان ڀريل امڪانن، رنڊڪن، ڌڪن ڌاٻن سان پُر هوندي آهي.

بلوچ صحبت علي ان راهه جو پانڌي آهي:

ڏات اسان جي ڏاڍي اوکي،
زخم اسان جا گهرا گهرا.

ٻاجهاري نهار رکندڙ ۽ هميشه مرڪندڙ صورت واري پيار شاعر بلوچ صحبت علي جو شعري مجموعو ”من صحرا صحرا“ نئين سنڌي شاعري ۾ سهڻو اظافو آهي. سنڌي ڪهاڻي، ناول ۽ شاعري  ۾ شهزادو ٿي رهندڙ شخصيت آغا سليم جي لفظن ۾ :

”سورج بڻجي جرڪندا، ديوانن جا خواب“

ڪنهن نا معلوم سنڌي نوجوان  شاعر جو شعر آ:

وري اچ موٽي ته ماضي کي دهرايون،
گهڻو وقت ٿيو آ، جو کليا ئي ناهيون.

يا وري

”هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجهن ٿا“.

جرمن فليسوف هائيڊيگر چيو هو ته ”ڳالهائڻ يعني لفظن جي ترتيب ۽ ان جو اظهار منهنجو وجود آهي“. شاعر کان وڌيڪ ٻيو ڪير لفظن جي اهميت ۽ انهن جي ترتيب کي سمجهي سگهي ٿو، جيڪو ساڳي وقت عاشقن جي قافلي جو مهندار آهي ته رولاڪ پڻ.

درد اسان جي در تي آيو، ڪاريهر جئن ڪاهه ڪري،
اسان انهيءِ کي ساهه ۾ سانڍيو، چوڏس وارا چاهه ڪري.

نياز همايون.
”عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي“.

ڪاميو چيو هو ته
”آزاد اهو آهي، جيڪو نهڪر ڪري“.

بلوچ صحبت علي ۾ اهڙي همٿ ڀايان ٿو، جيڪو فرانسيسي شاعر وليجو (Villejo)  وانگر چئي ڏيندو آهي؛

I was born one day,
When God was ill

ظاهر آهي ته هن دنيا ۾ اسان پنهنجي مرضيءَ سان ته ڪون آيا آهيون، نه ڪي پنهنجي مرضي سان هليا وينداسين. امڪان ۽ حادثا ته ڪيئي ٿين ٿا، خودڪشيون، خوني حملا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. پر زندگي ڏاڍي پياري آهي، بهشت جو تمنائي به سر ٽوڙ ڪوشش ڪندو رهندو آخر تائين   ته موت ٽري وڃي ۽ زماني جا مز وڌيڪ ماڻجن، پر زندگي هڪ سفر آهي، هڪ ايڊوينچر آهي، جنهن جي پڄاڻي به آهي.

صبح هوتي هي، شام هوتي هي،
زندگي يون هي تمام هوتي هي.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت