Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ

 

 

دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ

 

هينئر صبح جا 8 ٿيا آهن. ويٺي ويٺي، انتظار ڪندي ننڊ پئي اچي. اسان واري لائونج ۾ ڪافي رش وڌي ويئي آهي. ايل سي ڊي ۾ آمريڪا جي صدر جي تقرير هلي رهي آهي. سڄي سنگت اها تقرير ٻڌي رهي آهي. سائين مختيار صاحب، يوسف عجب، مظفر کوکر ٽي وي جي اڳيان اڳيان پهريئن لائين ۾ ويٺا آهن. مان ۽ پرتاب گڏ ويٺا آهيون. پرتاب هن ائيرپورٽ تان پنهنجو سوم رس آزاد ڪرائي ڇڏيو، جيڪو اچڻ مهل سيڪيورٽي وارن پنهنجي قبضي ۾ ڪري پرتاب کي رسيد ڏني هئي. پرتاب اها رسيد ڏيکاري پنهنجي the teacher جي ضمانت نه پر آزادي ڪرائي هئي. سيڪيورٽي وارن دي ٽيچرز جا ڪپڙا يعني پيڪنگ وارو خوبصورت کوکو ڪڍي، انهن بوتلن کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو هو. ويلانا ايئرپورٽ مالديپ جي سيڪيورٽي اهي بوتلون پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون هيون. اڄ اهي آزاد ٿي ويون هيون. ڇو ته مون مٿي لکيو آهي ته مالديپ ۾ شراب جي اجازت نه آهي. هتي ڊيوٽي فري شاپ ته آهي پر هتي وسڪي ڪو نه ٿي ملي. ڇو ته هي اسلامي ملڪ آهي. هتي ته بيئر جي به اجازت نه آهي. مطلب ته ڪنهن به الڪو حل جي اجازت نه آهي. ڪن خاص ٻيٽن ۾ آهي ته آهي نه ته بس. يا وري ڪنهن پرائيوٽ ٻيٽ ۾ توهان کي وسڪي ملي وڃي ته توهان جي ڀاڳ، نه ته ٺپ نه. پرتاب ٻڌايو ته هو به سفر جو يادگيريون سهيڙي پيو ۽ يوسف عجب به سفر جو مواد گڏ ڪري رهيو آهي. عجب جي خواهش آهي ته هو براهوي ٻولي ۾ پنهنجو سفري ڪتاب آڻي.

جهاز جي بورڊنگ ۾ ڪجهه تاخير ٿي آهي. جيئن ته 8 لڳي پنجويهه واري بورڊنگ 8 لڳي پنجاهه منٽن ۾ شروع ٿي آهي. ان ليٽ جي ڪا خبر نه پئجي سگهي. هن وقت صبح جا 8 لڳي پنجاهه منٽ ٿيا آهن. مون سان گڏ سائين مختيار سمون صاحب جي سيٽ آهي. پاسي ۾ گهٽي آهي، ان سان گڏ جنيد ڏهر، مظفر کوکر، عجب يوسف ۽ پرتاب وارا ويٺا آهن. اها چئن سيٽن وارو رو آهي. هي سري لنڪن جهاز آهي. هتان جي ايئرهوسٽس جي ڊريس سائي رنگ جي آهي. جنهن تي مورپکيءَ جون تصويرون پرنٽ ٿيل آهن. جڏهن ته ميل اسٽاپ جي ڊريس ۾ نيري يا نيوي بلوواري رنگ جو ڪوٽ آهي، مليشيا جي رنگ جهڙي پينٽ، لينن جي سائي رنگ جي ٽائي ۽ هلڪي آسماني رنگ جي شرٽ آهي. انهن ايئرهوسٽس ۾ هڪڙي ڪونج به آهي، جنهن جي ڳچي ۾ سون جي زنجيري، ڇهه فٽن جي هي قدآوار ڇوڪري سڄي اسٽاپ جو نڪ آهي. ڪڻڪ رنگو رنگ، ڀورو، ڪارا وار هن جي سونهن کي ويتر چار چنڊ لڳائي ڇڏيو هو. مون اهڙي خوبصورت ايئرهوسٽس پهريون ڀيرو ڏٺي هئي. هن جي سونهن ۾ ڏاڍي ڪشش هئي. ويتر هن جي ادائن به باهه تي پيٽرول وارو ڪم ڪيو هو. صبح جا نو ٿيا آهن. جهاز ۾ سنهالي ٻوليءَ ۾ اعلان ٿي رهيو آهي. ان کان پوءِ انگريزي ٻولي ۾ به اعلان ٿيو. جهاز 9 لڳي پنجن منٽن تي چرڻ شروع ڪيو. هاڻي هو پوئتي پيو ڌڪجي. هاڻي جهاز ٿوري دير لاءِ بيٺو آهي. اڏامڻ واري انجڻ هن مهل کُلي چڪي آهي. انجڻ جو زوردار آواز ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي پر اڃان تائين جهاز رن وي تي بيٺو آهي.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more