ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
-------
 (1)  ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ سَلۡمَانَ بۡنِ عَامِرٍ  قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم  اِذَا کَانَ اَحَدُکُمۡ صَاءِماٍ فَلۡیُفۡطِرۡ عَلیٰ التَّمَرِ فَاِنۡ لَمۡ یَجِدِ التَّمَرَ  فَعَلیٰ الۡمَاءِ فَاِنَّ الۡمَاءَ طَھُوۡرٌ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء یستحب علیہ الافطار ج 1 ص 87۔ 88 سن ابن داؤد شریف ج 1 ص 235۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء علی ماستحب الفطر ص 123)

”حضرت سلمان بن عامر ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن توهان مان ڪنهن کي روزو هجي ته اهو کارڪن سان روزو افطار ڪري ۽ اگر کارڪون نه هجن ته پوءِ پاڻيءَ سان ئي روزو افطار ڪري، ان ڪري جو پاڻيءَ کي الله پاڪ طهور (يعني پاڪ ڪرڻ وارو) بڻايو آهي.



(2)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَنَسٍ رضہ  قَالَ کَانَ النَّبیُّ  صلی اللہ علیہ وسلم  یُفۡطِرُ قَبۡلَ اَنۡ یُصَلِّیَ عَلیٰ رُطَبَاتٍ فَاِنۡ لَّمۡ تَکُنۡ رُطَبَاتٌ فَتُمَیۡرَاتٌ فَاِنۡ لَمۡ تَکُنۡ تُمَیۡرَاتٌ حَسَا حَسَوَاتٍ مِنۡ مَّاءِ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء یستحب علیہ الافطار ج 1 ص 88۔ سنن ابو داؤد شریف کتاب الصوم ج 1 ص 235)

”حصرت انس ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مغرب نماز کان پهريون چنڊ تازين کجورن سان روزو افطار فرمائيندا هئا، اگر تازيون کجورون موجود نه هجن ته پوءِ خشڪ کارڪن سان روزو افطار ڪندا هئا، ۽ اگر خشڪ کارڪون به نه هجن ته پوءِ چند ڍُڪَ پاڻي پيئندا هئا.

مديني منوره جي ماڻهن جي لاءِ کارڪون بهترين غذا ۽ خوراڪ هئي ۽ انهن جو حاصل ڪرڻ به آسان هيو ۽ قيمت جي لحاظ کان نه گهڻيون مهانگيون نه هيون، غريب ماڻهون به آسانيءَ سان انهن کي حاصل ڪري سگهندا هئا تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن کارڪن سان روزي افطار ڪرڻ جي ترغيب فرمائي ۽ وڌيڪ فرمايو ته الله پاڪ پاڻيءَ کي طهور قرار ڏنو آهي، ڄڻ ته پاڻيءَ سان روزو افطار ڪرڻ ظاهر ۽ باطن جي طهارت ۽ پاڪيزگي حاصل ٿيندي.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت