رمضان ڪريم



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان ڪريم
-------
ڇا سحري ڪرڻ نيت جي قائم مقام آهي؟
مسئله:
اگر ڪوئي شخص انهيءَ ارادي سان سحريءَ جي وقت اٿيو ته روزو رکندو ۽ کاڌائين پيتائين، مگر لفظن ۾ نيت نه ڪيائين ته تڏهن به روزو درست ۽ صحيح آهي ڇو جو نيت ارادي ڪرڻ جو نالو آهي، ۽ اگر سحريءَ جي وقت اٿي ڪري کاڌو کاڌائين ۽ هي ارادو نه هجي ته اڄ مون کي روزو نه آهي رکڻون ته سحري ڪرڻ اهو به روزي جي نيت ئي آهي. ۽ رمضان المبارڪ جي روزن جي نيت نصف نهار شرعي کان پهريون پهريون ڪري سگهجي ٿي ليڪن شرط هي آهي ته صبح صادق کان پوءِ ڪجهه به کاڌو پيتو نه ويو هجي. (الجوھرۃ النیرۃ کتاب الصوم ج 1 ص 104۔ مراقی الفلاح ص 374۔376)



روزي جي نيت
مسئله:
نفلي روزن ۾ ۽ نذر معين (يعني معين منت ۽ باس جي روزن ۾) ۽ رمضان المبارڪ جي روزن جي نيت رات جي وقت ڪئي وڃي يا نصف نهار شرعي تائين ڪئي وڃي ته جائز ۽ درست آهي ۽ باقي روزن جي لاءِ رات جي وقت نيت ڪرڻ ضروري آهي. يعني صبح صادق کان پهريون پهريون نيت ڪرڻ ضروري آهي. ۽ نصف النهار شرعي تقريباً يارهين (11) بجي تائين هوندو آهي لهذا يارهين بجي تائين نفلي روزن ۽ رمضان شريف جي روزن ۽ نذر معين جي روزن جي نيت ڪرڻ جائز آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم ج 2 ص 116۔ ھدایۃ کتاب الصوم ج 1 ص 170۔ 171۔ 172)

روزو افطار ڪڏهن ڪيو وڃي
مسئله:
مغرب جي آذان ۽ افطار جو دارمدار سج لهڻ تي آهي نه گهڙيءَ تي ۽ نه جنتريءَ تي آهي. انهن شين کان ڪنهن حد تائين مدد وٺي سگهجي ٿي ليڪن انهن تي مدار نٿو رکي سگهجي. لهذا جڏهن توهان کي يقين ٿي وڃي ته سج لهي ويو آهي ته پوءِ ضرور افطار ڪريو ۽ احتياط جي خيال سان افطار ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ درست نه آهي. (بحر الراءق کتاب الصوم ج 1 ص 245۔ ھدایۃ کتاب الصوم ج 1 ص 176)
       
سحريءَ ۾ افطاريءَ جي لاءِ دُف وڄائڻ
مسئله:
رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سحري ۽ افطاريءَ جي وقت دُف وڄائڻ جائز آهي. ليڪن شرط هي آهي ته اهو وڄائڻ باجن وڄائڻ جي طرز تي نه هجي (يعني ساز جي طريقي تي نه وڄايو وڃي) جهڙيءَ طرح احاديث مبارڪن مان اِها ڳالهه ثابت آهي ته نڪاح جي اطلاع جي لاءِ ۽ اعلان جنگ جي لاءِ ۽ اهڙيءَ طرح چنڊ نظر اچڻ جي وقت ضرورت جي طور تي بطورِ اعلان دُف وڄائڻ جائز آهي. اهڙيءَ طرح سحري ۽ افطاري جي وقت بطور ضرورت جي دُف وڄائڻ جائز آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الخطر والاباحۃ ج 5  ص 307)
       
افطاريءَ ۽ مغرب نماز ۾ فاصلي جي حد ڇا هجڻ گهرجي
مسئله:
اگر رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ افطاري ڪرڻ جي ڪري مغرب نماز ۾ پنجن ڏهن منٽ جي دير ڪئي وڃي ته انهيءَ ۾ ڪو حرج نه آهي اهو بغير ڪراهت جي جائز آهي ۽ جيڪي ماڻهون گهرن ۾ افطار ڪندا هجن ته انهن کي به گهرجي ته افطاريءَ کي مختصر ڪري نماز باجماعت ۾ شريڪ ٿين. (ڪبيري فروع في شرح الطحطاوي ص 233)
       
ڇا مسجد ۾ افطار ڪرڻ جائز آهي؟
مسئله:
مسجد شريف ۾ کائڻ، پيئڻ مڪروه آهي مگر ضرورت جي وقت بغير ڪراهت جي جائز آهي جيئن مسافر ماڻهونءَ جي لاءِ بغير ڪراهت جي مسجد ۾ سمهڻ جائز آهي، اگر مسجد کان ٻاهر افطار ڪرڻ جي لاءِ ڪا جڳهه نه هجي ته پوءِ مسجد ۾ روزو افطار ڪرڻ جائز آهي ليڪن شرط هي آهي ته مسجد شريف کي خراب ۽ گندو نه ڪيو وڃي. ۽ کائڻ کان پهريون اعتڪاف جي نيت ڪري مسجد ۾ اچڻ گهرجي ته جيئن اها ڪراهت بالڪل ئي ختم ٿي وڃي ۽ حضرت امام محمد رحه جي نزديڪ اعتڪاف مسجد ۾ هڪ منٽ جو به ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ قول تي ئي فتويٰ آهي. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج ۱ ص 691۔ عمدۃ القاری شرح البخاری ج 2 ص 513)
       
ڇا روزن جي هڪ ڀيرو نيت ڪرڻ ڪافي آهي؟
مسئله:
اگر مسلسل روزا رکڻ لازم هجن ته سڀني روزن جي لاءِ هڪ ڀيرو نيت ڪرڻ ڪافي آهي جيئن رمضان المبارڪ جا روزا يا ڪنهن روزي جي ڪفاري جا روزا هجن يا ظهار جي ڪفاري جا روزا هجن يعني جيستائين روزن جو تسلسل نه ٽٽندو تيستايئن اها ئي نيت جاري رهندي. ۽ اگر ڪنهن مرض ۽ بيماريءَ يا سفر پيش اچڻ جي ڪري اهو تسلسل ٽٽي پوي ته پوءِ هر روز رات جو نيت ڪرڻ ضروري آهي البته اگر سفر ختم ٿي وڃي يا مرض ختم ٿي وڃي ته باقي روزن جي لاءِ هڪ ئي نيت ڪافي هوندي. (کتاب الفقہ علی المذاھب الاربعۃ ج 1 ص 884)


جن شين سان روزو نٿو ڀڄي
روزي جي حالت ۾ ڏندڻ هڻڻ
مسئله:
روزي جي حالت ۾ ڏندڻ هڻڻ جائز آهي چاهي ڏندڻ آلو هجي يا سُڪل هجي، صبح جي وقت ۽ شام جي وقت به ڏندڻ هڻڻ جائز آهي. ۽ ماڻهن اها ڳالهه عام ڪري ڇڏي آهي ته شام جي وقت ڏندڻ هڻڻ جائز نه آهي ليڪن اها ڳالهه منگڙت ۽ بي بنياد آهي. (ھدایۃ کتاب الصوم باب ما یوجب القضاء و الکفارۃ ج ۱ ص 181۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 249۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثالث فیما یکرہ للصاءم ومالایکرہ ج 1 ص 199)
چنانچه ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَامِرِ بۡنِ رَبِیۡعَۃ عَنۡ اَبِیۡہِ قَالَ رَأَیۡتُ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ سلم مَالاَ اُحۡصِیۡ یَتَسَّوکُ وَھۡوَ صَاءِمٌ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی السواک للصاءم ج 1 ص 91)
”حضرت عامر بن ربيعة ؓ  پنهنجي والد کان روايت ڪري ٿو ته مون پاڻ ڪريم ﷺ جن کي ايترا ڀيرا ڏٺو جو شمار به نٿو ڪري سگهان جو اهي روزي جي حالت ۾ ڏندڻ هڻندا هئا.

روزي جي حالت ۾ اکين ۾ سرمو ۽ دوا وجهڻ
مسئله:
روزي جي حالت ۾ اکين ۾ سرمو ۽ دوا وجهڻ جائز آهي چاهي سرمي ۽ دوا جي ضرورت هجي يا نه هجي هر حال ۾ جائز آهي. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب رابع ج 1 ص 190۔ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 123۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القضاء والکفارۃ ج 1 ص 181۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم ج 1 ص 247)
چنانچه ارشاد نبوي ﷺ آهي:      
عَنۡ اَنَسٍ رضہ قَالَ جَاءَ رَجُلٌ اِلیٰ النّبِیّ صلی اللہ علیہ وسلم قَالَ اِشۡتَکَیۡتُ عَیۡنَیَّ اَفَاَکۡتَحِلُ وَاَنَا صَاءِمٌ قَالَ نَعَمۡ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی الکحل للصاءم ج 1 ص 91)
”حضرت انس ؓ  کان روايت آهي ته هڪ شخص پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سوال ڪيو ته منهنجي اکين ۾ تڪليف آهي ته ڇا آءُ روزي جي حالت ۾ سرمو وجهي سگهان ٿو؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هائو تون سرمو وجهي سگهين ٿو.

روزي جي حالت ۾ مٿي ۾ تيل لڳائڻ
مسئله:
روزي جي حالت ۾ مٿي ۾ تيل لڳائڻ ۽ مالش ڪرائڻ جائز آهي. ان سان روزو فاسد نه ٿيندو ۽ ان ۾ ڪائي ڪراهت به نه آهي اگرچه تيل جو اثر حلق ۽ نڙيءَ ۾ محسوس ڪيو وڃي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 133۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 181)

اگر روزي ۾ ڪَنَ ۾ تيل يا دوا يا پاڻي وڌو وڃي
مسئله:
اگر روزي جي حالت ۾ ڪن ۾ پاڻي وڌو وڃي يا پاڻ داخل ٿي وڃي ته روزو فاسد نه ٿيندو ۽ اگر ڪن ۾ تيل وڌو ويو ته روزو فاسد ٿي ويندو ۽ اهڙيءَ طرح اگر ڪن ۾ پاڻياٺي دوا وڌي وئي ته تڏهن به روزو فاسد ٿي ويندو ۽ صرف ان جي قضا لازم ٿيندي ڪفارو واجب نه ٿيندو. (ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 180۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 247)

روزي جي حالت ۾ گل سنگهڻ
مسئله:
خوشبودار عطر ۽ گلاب، نرگس وغيره جي گلن سنگهڻ سان روزو فاسد نه ٿيندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح غسل جنابت ۾ ايتري دير ڪئي وڃي جو سج اڀري اچي بلڪه پورو ڏينهن ناپاڪيءَ جي حالت ۾ رهڻ سان به روزو فاسد نه ٿيندو آهي. (کتاب الفقہ علی المذاھب الاربعۃ ج 1 ص 919)

روزي جي حالت ۾ سنڱيون لڳرائڻ ۽ احتلاج جو واقع ٿيڻ
مسئله:
روزي جي حالت ۾ اگر ڪنهن انسان کي احتلام واقع ٿي وڃي ته ان سان روزو فاسد نه ٿيندو ۽ اهڙيءَ طرح اگر ڪوئي شخص سنڱيون لڳرائي ته ان سان به روزو فاسد نه ٿيندو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 133۔ 134۔ 149۔ 1656۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفار والکفارۃ ج 1 ص 177۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم ج 1 ص 246۔ 247۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثالث فیھا یکرہ للصاءم وما لایکرہ ج 1 ص 199۔200)
چنانچه ارشاد نبوي ﷺ آهي:      
عَنۡ اَبِیۡ سَعِیۡدٍ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم ثَلٰثٌ لَایُفَطِّرَنَّ الصَّاءِمَ اَلۡحَجَامَۃُ وَالۡقیۡءیُ وَالاِۡحۡتِلاَمُ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی الصاءم یذرعہ القءی ج 1 ص 90)
”حضرت ابو سعيد خدري ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته هنن ٽن شين سان روزو فاسد نه ٿيندو آهي. (1) سڱيون لڳرائڻ (2) الٽي اچڻ (جڏهن بالڪل ٿورڙي هجي ۽ اندر واپس نه وئي هجي) (3) احتلام جو واقع ٿي وڃڻ.
       
روزي جي حالت ۾ مٿي تي پاڻي هارڻ يا آلو ڪپڙو مٿي تي رکڻ
مسئله:
اگر ڪنهن شخص کي روزي جي حالت ۾ تڪليف محسوس ٿيندي هجي ۽ اهو شخص ڪپڙو پسائي ڪري مٿي تي رکي يا بار بار مٿي تي پاڻي هاري ته اهو جائز آهي ۽ ان ۾ ڪا ڪراهت به نه آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم وما لایفسدہ مطلب فیما یکرہ للصاءم ج 2 ص 156۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثالث فیما یکرھ للصاءم وما لایکرہ ج 1 ص 199)
چنانچه ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ بَعۡضِ اَصۡحَابِ النَّبِیّ صلی اللہ علیہ وسلم قَالَ لَقَدۡ رَأیۡتُ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ وسلم بِالۡعَرۡجِ یَصُبُّ عَلیٰ رَاۡسِہٖ الۡمَاءَ وَھُوَ صَاءِمٌ مِنَ الۡعَطۡیش اَوۡ مِنَ الۡحَرَّ۔ رواھ مالک وابہ داؤد۔ (مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب تنزیہ الصوم  الفصل الثانی ج ۱ ص 177)
”پاڻ ڪريم ﷺ جن جي بعض اصحاب ڪرام کان روايت آهي ته مون پاڻ ڪريم ﷺ جن کي مقام عَرج ۾ ڏٺو، پاڻ ڪريم ﷺ جن روزي سان هئا ۽ اڃ يا گرميءَ جي (شدت جي) ڪري مٿي مبارڪ تي پاڻي هاري رهيا هئا.
هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته روزي جي حالت ۾ اڃ يا گرميءَ جي شدت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مٿي تي پاڻي هارڻ ۽ ان قسم جون ٻيون تدبيرون اختيار ڪرڻ جائز آهي ۽ اهو روزي جي حقيقت ۽ ان جي روح جي خلاف به نه آهي.
       
روزي جي حالت ۾ انجيڪشن لڳرائڻ
مسئله:
روزي جي حالت ۾ انجيڪشن لڳرائڻ گوشت ۾ هجي يا رڳ ۾ هجي ٻئي صورتون جائز آهن. انهن ٻنهن صورتن ۾ دوا اگرچه جسم جي اندر پهچي ويندي آهي مگر ان سان روزو فاسد نه ٿيندو آهي.ر وزو ان صورت ۾ فاسد ٿيندو آهي جڏهن دوا اصلي رستن جي ذريعي معدي يا دماغ تائين پهچي ۽ انجيڪشن ۾ اها صورت نه هوندي آهي. هي ته ايئن آهي جيئن غسل ڪرڻ سان جسم ۾ ٿڌاڻ جو اثر هوندو آهي يا جيئن زهريلي جانورن جي ڏنگڻ سان جسم ۽ بدن ۾ اثر سرايت ڪري ويندو آهي مگر بالاتفاق ان سان روزو فاسد نه ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح انجيڪشن به مفسدِ صوم نه آهي.
(کما یعلم من عبارۃ بداءع الصَنَائع کتاب الصوم ج 2 ص 93۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب رابع فیما یفسدو وما لایفسد ج 1 ص 204۔ مرافی الفلاح مع طحطاوی ص 393۔394۔ خلاصۃ الفتاویٰ ج 1 ص 253۔ ھدایۃ کتاب الصوم ج 1 ص 200۔ وکتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص180)

عورت تي پاڪ ٿيڻ سان ئي قضا روزا رکڻ واجب آهن
مسئله:
روزي جي لاءِ عورتن جو حيض ۽ نفاس جي خون ۽ رت کان پاڪ هجڻ شرط آهي چنانچه حيض ۽ نفاس واري عورت تي نه روزو (في الحال) واجب آهي ۽ نه وري روزو رکڻ درست آهي، ٻنهن قسمن جي عورتن مان ڪائي عورت اگر فجر کان هڪ منٽ به پهريون پاڪ ٿي وڃي ته انهيءَ وقت رات کان ئي روزي جي نيت ڪرڻ واجب آهي، حيض ۽ نفاس واري عورت کان جيئن ئي اها روزن کان روڪڻ واري حالت ختم ٿي وڃي ته رمضان شريف جا جيڪي روزا رهجي ويا آهن انهن جي قضا واجب آهي. (کتاب الفقہ علی المذاھب الاربعۃ کتاب الصوم ج 1 ص 883)

روزي جي حالت ۾ ٽوٿ پيسٽ ۽ پاؤڊر ۽ منجن استعمال ڪرڻ
مسئله:
ڏندڻ چاهي خشڪ هجي يا آلو هجي اِن جي استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ ان جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪوئي حرج به نه آهي. البته ٽوٿ پيسٽ ۽ پاؤڊر ۽ منجن جو استعمال ڪرڻ ڏندڻ وانگر نه آهي. ان ڪري جو ان ۾ ذائقو گهڻو محسوس ٿيندو آهي ۽ بعض ٽوٿ پيسٽ ته ايتري قدر ذائقيدار هوندا آهن جو انهن جي استعمال ڪرڻ سان حلق ۽ نڙيءَ ۾ اثر محسوس ٿيندو آهي. لهذا اهڙي قسم جو ٽوٿ پيسٽ استعمال ڪرڻ جائز نه آهي. البته پاؤڊر ۽ منجن کي به سخت ضرورت کان بغير استعمال نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو انهن جو استعمال ڪرڻ به ڪراهت کان خالي نه آهي ان ڪري جو روزي جي حالت ۾ ڪنهن به شئي جو چکڻ ۽ چٻاڻڻ بغير عذر جي مڪروه آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم وما لایفسدھ ج 2 ص 153۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج 1 ص 102۔ خلاصۃ الفتاویٰ کتاب الصوم ج 1 ص 266)



اُهي شيون جنهن سان روزو ڀڄي ٿو ۽ صرف قضا لازم آهي
نَڪَ ۾ دَوا وجهڻ
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ نڪ ۾ دوا وڌي ۽ اها دوا حلق يا پيٽ تائين پهچي وئي ته ان شخص جو روزو فاسد ٿي ويندو ۽ ان تي قضا لازم آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 140۔ بداءع الضائع کتاب الصوم فصل رکنہ الخ ج 2 ص 93۔ مراقی الفلاح باب مایفسد الصوم ویوجب القفاء ص 123۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 180۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 247۔ فتاویٰ قاضی خان کتاب الصوم الفصل السادس بیان مایوجب القفاء ج 1 ص 210)
       
روزي جي حالت ۾ مُشت زَنَي ڪرڻ
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ مشت زني ڪئي ۽ مني خارج ٿي ته ان سان روزو ڀڄي پوندو ۽ ان شخص تي انهيءَ روزي جي قضا لازم آهي ۽ ڪفارو لازم نه آهي. مشت زني ڪرڻ سخت ترين گناهه آهي ۽ اهو فعل قابلِ لعنت آهي ۽ مڪروه تحريمي آهي انهيءَ کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم وما لا یفسدہ ج 2 ص 136۔137۔142 ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 177)

اگر روزي جي حالت ۾ نڙيءَ ۾ دوهون داخل ٿي وڃي
مسئله:
رمضان المبارڪ ۾ ڏينهن جو مسجد ۾ يا گهر ۾ اگربتي وغيره ٻارڻ ممنوع ۽ ناجائز نه آهي ۽ اگر بغير ارادي جي حلق ۽ نڙيءَ ۾ دوهون داخل ٿي وڃي ته روزو فاسد نه ٿيندو، البته اگر ڄاڻي واڻي دوهون سنگهيو ويو ۽ حلق ۾ داخل ٿي ويو ته ان سان روزو فاسد ٿي ويندو ۽ ان روزي جي قضا لازم آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 1 ص 133۔ 134۔ مراقی الفلاح مع طحطاوی ص 361۔ 362 فی بیان مایفسد الصوم ۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 248)
       
اگر عورت کي روزي جي حالت ۾ ماهواري اچي وڃي
مسئله:
اگر روزي جي حالت ۾ عورت کي حيض اچي وڃي يا نفاس شروع ٿي وڃي ته ان سان روزو ڀڄي پوندو ۽ انهيءَ روزي جي صرف قضا لازم آهي، ۽ ڏينهن جو باقي حصو روزيدارن سان گڏ مشابهت اختيار ڪندي کائڻ پيئڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ هي حڪم لازم ۽ واجب ته نه آهي البته رمضان المبارڪ جي احترام جي پيش نظر ظاهر ظهور کائڻ ۽ پيئڻ کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي.
(الجوھرۃ النیرۃ کتاب الصوم ج 1 ص 148۔ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم وما لایفسدہ ج 2 ص 151۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القضاء والکفارۃ ج 1 ص 185۔ 186)

روزي جي حالت ۾ زال مڙس چمي ۽ چوساڙو ڪيو ۽ انزال ٿي ويو
مسئله:
رمضان المبارڪ جي دوران روزي جي حالت ۾ ڏينهن جو مڙس زال وٽ ويٺو ۽ انزال ٿي ويو يا انهن پاڻ ۾ چمي چوساڙو ڪيو يا ٻئي گڏ سمهيا ۽ ان جي ڪري مني خارج ٿي وئي ۽ انزال ٿي ويو ته ان شخص جو روزو ڀڄي پوندو. ۽ ان شخص  تي صرف قضا لازم آهي. ڪفارو واجب نه آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 142۔ مراقی الفلاح مع الطحطاوی کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ویوجب القضاء والکفارۃ ج 1 ص 180۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 248۔ مالا بدمنہ ص 97)
       
روزي جي حالت ۾ ڏند ڪڍرائڻ يا انهن تي دوا لڳائڻ
مسئله:
روزي جي حالت ۾ سخت ضرورت جي وقت ڏند ڪڍرائڻ يا انهن ۾ دوا وجهڻ جائز آهي ۽ بغير ضرورت جي مڪروه آهي، اگر دوا يا رت پيٽ ۾ داخل ٿي وڃي ۽ ٿُڪ تي غالب ٿي وڃي يا ان جي برابر هجي يا ان جو ذائقو ۽ مزو محسوس ٿئي ته ان صورت ۾ روزو ڀڄي پوندو ۽ ان شخص تي انهيءَ روزي جي قضا لازم آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم  ج2 ص 134۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القضاء والکفارۃ ج 1 ص 180)

زال کي چمي ڏيڻ کان پوءِ انزال جي هڪ صورت
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ پنهنجي گهر واريءَ کان چمي ورتي ۽ پنهنجي عضو تناسل کي ان جي پيت تي مهٽيائين ۽ انزال ٿي ويو ۽ اهو فعل بغير ارادي جي ٿي ويو هيو ته انهيءَ صورت ۾ ان شخص جو روزو ڀڄي پوندو ۽ ان تي انهيءَ روزي جي قضا لازم آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ش 142 ۔144۔ ھدایۃ کتاب الصوم ج 1 ص 177۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الرابع النوع الاول مایوجب القفاء دون الکفارۃ ج 1 ص 205)

روزي جي حالت ۾ حُقو پيئڻ
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ حقو پيتو ته ان جو روزو ڀڄي پوندو ۽ ان شخص تي انهيءَ روزي جي قضا لازم آهي، ۽ اگر ان شخص هن نيت ۽ ارادي سان حقو پيتو ته اهو نفي بخش آهي ته پوءِ انهيءَ صورت ۾ روزي جي قضا سان گڏوگڏ ڪفارو به لازم ٿيندو. (کما یعلم من عبارۃ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2ص 133 ۔ 134)
       
روزي جي حالت ۾ اگر پان وات ۾ رهجي وڃي
مسئله:
اگر سمهڻ وقت پان وات ۾ وجهي ڪري سمهيو ۽ صبح (صادق) تائين (پان) وات ۾ رهيو (ته) روزو ڀڄي پوندو (۽) جنهن صورت ۾ پان وات ۾ (رکڻ کان پوءِ) نه هيو ته ظاهر آهي ته ان کي اڳري ڇڏيو هوندو ۽ اهو ئي چيو ويندو ته صبح کان پوءِ (يعني صبح صادق کان پوءِ) اڳريو آهي ۽ اگر پان (وات ۾) صحيح سالم به هجي ته تڏهن به غالب اهو ئي آهي ته ان جو عرق ۽ رس ضرور نڙيءَ ۾ ويو هوندو. اگر (حلق ۾ پان جو) عرق ۽ رس نه پهچي ته پوءِ ان کي ڪهڙو فائدو (يعني پوءِ پان استعمال ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟) جڏهن (عرق ۽ رس جو) پهچڻ ثابت ٿيو ته پوءِ ننڊ جي حالت ۾ افطار ڪرڻ سان (ان روزي جي) قضا لازم ٿيندي آهي ۽ اگر (روزيدار شخص) سمهڻ کان پهريون پان (وات مان) ڪڍي ڇڏيو ۽ گرڙي نه ڪيائين ته پوءِ اگر وات ۾ چڻي جي مقدار (جي برابر) يا ان کان زياده رهجي ويو ۽ سمهڻ ۾ (ان کي) اڳري ڇڏيائين (ته اهو عمل) موجب قضا آهي ۽ جيڪو ان کان گهٽ هجي (ته اهو) مفسدِ صوم نه آهي. (امداد الفتاویٰ کتاب الصومج 2 ص 130۔131)
       
صبح صادق جي وقت رات باقي هجڻ جي خيال سان جماع ڪيو ته ڇا حڪم آهي؟
مسئله:
اگر ڪوئي شخص پنهنجي گهرواريءَ سان سمهيو پيو هيو ۽ ان جي خيال ۾ ته اڃان تائين رات آهي ۽ گهر واريءَ سان صحبت ۽ جماع ڪيائين جڏهن ٻاهر اچي ڏٺائين ته صبح ٿي وئي آهي ته انهيءَ صورت ۾ انهن ٻنهن جو روزو ڀڄي پوندو ۽ انهن تي لازم آهي ته انهيءَ روزي جي قضا ڪن. ۽ انهن کي ڏينهن جي باقي حصي ۾ کائڻ پيئڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم وما لایفسدہ ج 2۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 176۔ 177۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 247)

اگر روزي جي حالت ۾ جماع جي تصور ڪرڻ سان يا عورت جي اگهاڙي تصوير ڏسڻ سان انزال ٿي وڃي.
مسئله:
اگر ڪنهن شخص جو روزي جي حالت ۾ جماع جو تصور ڪندي ڪندي انزال ٿي وڃي يا ڪنهن عورت جي اگهاڙي تصوير ڏٺائين ۽ شهوت پيدا ٿي وئي ۽ انزال به ٿي وڃي يا عورت جي شرمگاه جي طرف ڏسڻ سان انزال ٿي وڃي ته انهن سمورين صورتن ۾ نه روزو فاسد ٿيندو ۽ نه وري ان شخص تي قضا لازم ٿيندي . اگرچه اهو فعل بذاتِ خود حرام ۽ ناجائز ۽ قبيح آهي ۽ خاص طور تي روزي جي حالت ۾ ته اهڙي قسم جي فعل جو ارتڪاب ڪرڻ انتهائي مذموم ۽ بدترين آهي.
(مرافی الفلاح مع  الطحطاوی کتاب الصوم باب فی بیان مالا یفسد الصوم ص 361۔ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ومالایفسدہ ج 2 ص 134۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 177۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الرابع النوع الاول مایوجب القفاء دون الکفارۃ ج 1 ص 204۔ 205 )
       
اگر روزي جي حالت ۾ اُلٽي اچي
مسئله:
اگر روزي جي حالت ۾ قئي ۽ الٽي وات ڀريل آئي هجي ۽ هڪ چڻي جي مقدار يا ان کان وڌيڪ هجي ۽ ڄاڻي واڻي ان کي واپس موٽايو ويو هجي ته ان سان روزو ڀڄي پوندو ۽ ان شخص تي انهيءَ روزي جي قضا لازم آهي. ۽ اگر ڄاڻي واڻي وات ڀريل الٽي ڪئي وئي ته ان صورت ۾ بهرحال روزو فاسد ٿي ويندو ۽ اگرچه ان کي واپس نه موٽايو ويو هجي، ۽ اگر قئي ۽ الٽي وات ڀريل نه هجي ته روزو فاسد نه ٿيندو.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 120۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 178۔ 179۔ فتاویٰ قاضی خان کتاب الصوم الفصل السادس بیان مایوجب القفاء ج 1 ص 211۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم ج 1 ص 248 )

اگر ڪنهن شخص صبح جي وقت روزي رکڻ جو پڪو ارادو نه ڪيو هيو ۽ ظهر جي وقت افطار ڪري ڇڏيائين
مسئله:
اگر ڪنهن شخص صبح صادق جي وقت روزي رکڻ جو پڪو ارادو نه ڪيو هيو ۽ اهڙيءَ طرح ڏينهن جو ڪافي حصو گذري ويو ۽ ظهر جي وقت کائڻ پيئڻ شروع ڪيائين ته انهيءَ شخص تي صرف انهيءَ هڪ ڏينهن جي روزي جي قضا لازم آهي ۽ ان تي ڪفارو لازم نه آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 141۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 158 )
       
اگر ڪنهن شخص غروب آفتاب سمجهي روزو کوليو مگر بعد ۾ سج نظر آيو
مسئله:
اگر ڪنهن شخص شام جي وقت غروب آفتاب سمجهي ڪري روزو افطار ڪيو ۽ افطاري ڪرڻ کان پوءِ سج نظر اچڻ لڳو ته انهيءَ شخص تي گناهه نه آهي ۽ ان تي انهيءَ ڏينهن جي روزي جي صرف قضا لازم آهي. ( ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 186۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الاول ج 1 ص 194 )
       
اگر ڪوئي شخص سخت بيماريءَ جي حالت ۾ روزو ڀڃي ڇڏي
مسئله:
اگر ڪوئي شخص سخت بيمار هجي ۽ انهيءَ حالت ۾ روزي کي ڀڃي ڇڏيائين يا سخت ترين اڃ ۽ بک جي ڪري روزي کي ڀڃي ڇڏيو ته ان شخص تي صرف انهيءَ ڏينهن جي روزي جي قضا لازم آهي ۽ ان تي ڪفارو لازم نه آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم فصل فی العوارض المبیحۃ ج 2 ص 158۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الخامس فی الاعذار التی تبیح الافطار ج 1 ص 207 )

اگر ڪنهن شخص فجر جي آذان کان پوءِ ڪجهه کاڌو هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص فجر جي آذان کان پوءِ غلطيءَ سان ڪجهه کاڌو هجي يا ڪجهه پيتو هجي ته انهيءَ شخص جو روزو ڀڄي پوندو هاڻي ان تي لازم آهي ته ان جي بدلي ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکي ۽ ان شخص تي صرف قضا لازم آهي. ڪفارو لازم نه آهي. (ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القضاء و الکفارۃ ج 1 ص 186)
       
عورتن جو شرمگاهه ۾ دوا استعمال ڪرڻ
مسئله:
اگر عورتون شرمگاهه ۾ ڪنهن به قسم جي دوا استعمال ڪنديون ته انهن جو روزو فاسد ٿي ويندو. فتاويٰ  عالمگيرية ۾ آهي ته ”عورت جي شرمگاهه ۾ ڪنهن شئي جي قطرن وجهڻ سان بالاتفاق روزو فاسد ٿي ويندو آهي. اها ئي صحيح راءِ آهي.“ (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج 1 ص 104)
۽ اگر پاڻي يا تيل ۾ تَر ۽ آلي ڪيل آنڱر شرمگاهه ۾ داخل ڪئي وئي ته تڏهن به روزو فاسد ٿي ويندو. چنانچه فتاويٰ عالمگيرية ۾ آهي ته  ”اگر مرد پنهنجي مَقعد ۾ يا عورت پنهنجي شرمگاهه ۾ پنهنجي آنڱر داخل ڪئي ته روزو فاسد نه ٿيندو اهو ئي مختار ۽ پسنديده قول آهي. سواءِ ان جي جو اگر آنڱر پاڻي يا تيل ۾ تَرُ ۽ آلي هجي ۽ ان کي مقعد ۽ شرمگاهه ۾ داخل ڪيو ويو ته اهڙيءَ صورت ۾ پاڻي يا تيل جي پهچي وڃڻ جي ڪري روزو فاسد ٿي ويندو.“ (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج 1 ص 104)
       
روزي جي حالت ۾ آپريشن ڪرائڻ
مسئله:
اگر معدي ۽ پيٽ جي آپريشن ۾ ڪوئي عضو سرجريءَ جي دوران ٻاهر ڪڍيو ويو هجي ۽ پوءِ وري ان کي پنهنجي جڳهه تي فِٽ ڪيو وڃي ته ان سان روزو ڀڄي پوندو، ۽ ان جي مثال قئي ۽ الٽيءَ وانگر آهي ته جڏهن وات کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ ان کي کاڌو وڃي يا لعابِ دهن وات مان ڪڍي هٿ ۾ جمع ڪيو وڃي ۽ پوءِ ان کي کاڌو وڃي ته ان سان روزو فاسد ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح اهو عضو جڏهن ٻاهر آندو ويو ۽ پوءِ ان کي پيٽ ۾ فٽ ڪيو ويو ته روزو ڀڄي پوندو.
چنانچه خلاصة الفتاويٰ ۾ آهي ”اگر ڪوئي شخص پنهنجي وات جي ٿُڪَ ٻاهر ڪڍي پوءِ وري پنهنجي وات ۾ موٽائي ۽ اڳري وڃي ته ان شخص جو روزو ڀڄي پوندو.“ (خلاصۃ الفتاویٰ کتاب الصوم ج 1 ص 254۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج 1 ص 104)
       
روزي جي حالت ۾ اعضاء تبديل ڪرائڻ
مسئله:
روزي کي ڀڃڻ واريون شيون دراصل اهي آهن جيڪي دماغ يا پيٽ تائين پهچي وڃن. ان مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اهڙو آپريشن جيڪو جسم جي ٻين حصن مثلن هٿن، پيرن وغيره جو هجي ته ان سان ته روزي تي ڪوئي اثر نه پوندو. اهڙيءَ طرح ڪن، شرمگاهه، مقعد، نَڪ وغيره اعضاء جنهن جا دماغ يا پيٽ جي طرف مَنفذ (يعني اصلي رستا جنهن جي ذريعي شئي معدي تائين پهچي ويندي آهي) آهن ته انهن جو به صرف آپريشن مفسدِ صوم نه آهي ۽ نه وري اعضاء جي تبديلي مفسد صوم آهي. ان ڪري جو روزي کي ڀڃڻ واري شئي ته ڪنهن اهري شئي جو داخل ڪرڻ آهي جيڪا بدن ۽ جسم کي درست ڪري ۽ دماغ ۽ پيٽ تائين پهچي يا ان جي پهچڻ جو غالب گمان هجي، ۽ هتي مصنوعي اعضاء پنهنجي جڳهه تي لڳل رهندا. البته اگر آپريشن سان گڏ ڪائي دوا وڌي وڃي ته روزو فاسد ٿي ويندو.
ان کان علاوه اگر پيٽ يا دماغ جو آپريشن اهڙيءَ طرح هجي جو ڪنهن حصي کي ڪٽي ڪري ٻاهر ڪڍي اڇلايو وڃي ۽ ڪا نئين شئي داخل نه ڪئي وڃي ته روزو فاسد نه ٿيندو ۽ اگر اندر ڪائي دوا لڳائي وڃي يا مصنوعي عضو لڳايو وڃي ته پوءِ روزو ڀڄي پوندو. ۽ ان جي مثال خلاصة الفتاويٰ ۾ هن طرح مذڪور آهي ته ”اگر نيزو هنيو ويو ۽ اهو معدي ۾ پهچي ويو پوءِ ان کي ڪڍيو ويو ته ان سان روزو نه ڀڄندو ۽ اگر نيزو ان جي معدي ۾ رهجي وڃي ته پوءِ انهيءَ مسئلي ۾ فقهاءِ ڪرام جو اختلاف آهي ۽ صحيح راءِ هي آهي ته روزو فاسد ٿي ويندو.
(خلاصۃ الفتاویٰ کتاب الصوم ج 1 ص 253)
هتي اگرچه زياده صحيح قول هي آهي ته روزو فاسد نه ٿيندو مگر حقيقت هي آهي ته سرجريءَ جي مذڪوره صورت ۾ روزو ڀڄي پوندو ڇو جو نيزي هڻڻ جو مقصد جسم کي نقصان پهچائڻ آهي ۽ هن سرجريءَ جومقصد جسم جي اصلاح ۽ ان جي درستگي آهي. (والله اعلم)
       
نسوار ۽ حُقي سان روزو ڀڄي پوندو آهي
مسئله:
نسوار سنگهڻ (۽اهڙيءَ طرح وات ۾ وجهڻ) سان ۽ اهڙِيءَ طرح حُقي پيئڻ سان روزو ڀڄي پوندو آهي. ۽ ان جي وضاحت ڪندي صاحب امداد المفتين تحرير فرمائي ٿو ته ”بلاشبه حقو ۽ نسوار وغيره ناقض صوم (يعني روزي کي ڀڃندڙ) ٿي ويندا ڇو جو دماغ ۾ انهن جو پهچڻ يقيني آهي. البته اگر حقي جو دَم (سوٽو) نه ڀريو وڃي بلڪه ائين ئي ٿورڙو دوهون وات ۾ اچي جيڪو دماغ تائين نه پهچي يا نسوار کي نَڪ جي اندر رکي ڪري اهڙي طرح ڪڍي ڇڏجي جو دماغ ۾ نه پهچي ته بيشڪ اهو مفسد صوم نه آهي) ليڪن عرف عام جي اعتبار سان ائين ٿيڻ ڏاڍو بعيد بلڪه عادتن متعذر (مشڪل) چئجي ته صحيح آهي تنهن ڪري حقو پيئڻ ۽ نسوار سنگهڻ کي مفسِد صوم ئي چيو ويندو. (امداد المفتیین کتاب الصوم ص 494)

اهي شيون جنهن سان روزو فاسد ٿئي ٿو ۽ قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم آهن
ٻن شين سان قضا ۽ ڪفارو واجب ٿيندو آهي
مسئله:
حضرات احناف رحمهم الله جن جي نزديڪ ٻه ڳالهيون اهڙون آهن جنهن جي ڪري قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب ٿيندا آهن. اول هي ته بغير ڪنهن عذر شرعي جي ڪائي غذا يا غذا جهري ڪائي ٻي شئي استعمال ڪئي وڃي يعني کائجي يا پيئجي ۽ اها اهڙي شئي هجي جو ان جي طرف طبيعت راغب هجي ۽ پيٽ جي طلب پوري ڪئي وڃي. ۽ ٻيو هي ته ان سان خواهش نفساني پوري ڪئي وڃي.
پوءِ انهن ٻنهن صورتن ۾ قضا ۽ ڪفاري جي واجب هجڻ جي لاءِ ٻه شرط آهن. پهريون شرط هي آهي ته رمضان المبارڪ جو روزو ڀڳو ويو هجي. اگر رمضان المبارڪ کان علاوه ٻيو ڪوئي روزو هجي مثلاً رمضان جي قضا جو روزو يا نذر ۽ منت جو روزو يا ڪفاري جو روزو يا نفلي روزو هجي ته ان ۾ ڪفارو واجب نه ٿيندو. بعض صورتن ۾ قضا لازم ٿيندي.
۽ ٻيو شرط هي آهي ته روزو ڄاڻي واڻي ڀڳو ويو هجي. اگر ڀل يا غلطيءَ سان يا ڪنهن عذر جي ڪري مثال جي طور تي بيماري ۽ مرض لاحق ٿي وڃڻ جي ڪري روزو ڀڳو ويو يا سفر جي پيش اچڻ جي ڪري روزو ڀڳو ويو ته صرف قضا واجب ٿيندي. ڪفارو لازم نه ٿيندو.
(کتاب الفقھ علی المذاھب الاربعۃ ج 1 ص 906۔913)
       
ڄاڻي واڻي روزي ڀڃڻ سان قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم ٿيندا آهن
مسئله:
اگر ڪنهن شخص رمضان المبارڪ ۾ شرعي عذر کان بغير ڄاڻي واڻي روزو ڀڳو ته ان شخص تي قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم ٿيندا يعني هڪ روزو قضا وارو رکندو ۽ سٺ روزا ڪفاري جا رکڻا پوندا. قضا ۽ ڪفاري جي روزن ۾ پهريون قضا وارو روزو رکيو ويندو ۽ ان کان پوءِ ڪفاري جا روزا رکيا ويندا.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 147۔149۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 179۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 246 )
       
اگر ڪنهن روزي جي حالت ۾ جماع ڪيو هجي مگر انزال نه ٿيو هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ جماع ڪيو هجي مگر انزال نه ٿيو هجي ته تڏهن به ان شخص تي قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم آهن ڇو جو رمضان المبارڪ جي روزن جي قضا ۽ ڪفاري جي لاءِ دورانِ جماع انزال ٿيڻ ضروري نه آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 1 ص 179۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم ج1 ص 246۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم النوع الثانی مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 205۔ فتاویٰ قاضی خان کتاب الصوم الفصل السادس بیان مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 212 )

اگر ٽيهين رمضان جي ڏينهن چنڊ نظر آيو ۽ ماڻهن روزو ڀڳو ته ڇا حڪم آهي؟
مسئله:
اگر ٽيهين رمضان المبارڪ جي ڏينهن چنڊ زوال کان پوءِ نظر آيو ته بالاتفاق اهو چنڊ ايندڙ رات جو آهي. اهو گذريل رات جو چنڊ نه آهي لهذا روزي ڀڃڻ سان قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم ٿيندا.
۽ اگر چنڊ زوال کان پهريون نظر آيو هجي ته تڏهن به مفتيٰ به ۽ مختار قول اهو ئي آهي ته اهو چنڊ آئنده رات جو آهي ۽ ان شخص تي انهيءَ صورت ۾ قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم آهن. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 130 )

اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾لواطت ڪئي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ لواطت ڪئي هجي ۽ انزال به ٿي ويو هجي يا انزال نه ٿيو هجي هر حال ۾ ان شخص جو روزو ڀڄي پوندو ۽ ان تي قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم آهن. (۽ لواطت وارو عمل ته عام حالات ۾ ئي بدترين آهن ۽ روزي جي حالت ۾ ته ان جي برائي ۽ شنائت وڌيڪ بدترين آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 147۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء ج 1 ص 179۔ شرح الوقایۃ کتاب الصوم باب موجب الافساد ج 1 ص 147۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم النوع الثانی مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 305۔ فتاویٰ خانیۃ کتاب الصوم بیان مایوجب القفاء والکفارۃ الفصل السادس ج 1 ص 312 )
       
اگرروزيدار مرد روزيدار گهر واريءَ سان جماع ڪيو ته ڇا حڪم آهي؟
مسئله:
اگر غير روزيدار مرد روزيدار گهر واريءَ سان جماع ۽ همبستري ڪئي ته ان عورت جو روزو ڀڄي پيو ۽ ان عورت تي انهيءَ روزي جي قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم آهن. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 147 )

اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ ڪنهن بزرگ يا محبوب جي ٿُڪ کي برڪت جي طور تي چٽيو هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزي جي حالت ۾ ڪنهن بزرگ يا محبوب جي ٿُڪ کي برڪت جي خاطر چٽيو هجي ته ان شخص جو روزو ڀڄي پوندو ۽ ان شخص تي انهيءَ روزي جي قضا لازم آهي ۽ ان کي ڪفارو به ادا ڪرڻو پوندو.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 148۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم النوع الثانی ما یوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 305۔ فتاویٰ خانیۃ کتاب الصوم بیان مایوجب القفاء والکفارۃ الفصل السادس ج 1 ص 312 )
       
اگر ڪنهن شخص صبح صادق جي وقت پاڻي ، کير، چانهه پيتي ته ڇا حڪم آهي؟
مسئله:
اگر ڪنهن شخص کي معلوم هجي ته صبح صادق ٿي چڪو آهي (يعني باک ڦٽي چڪي آهي) ۽ اهو شخص کير يا پاڻي يا چانهه پيئي ته ان شخص جو روزو ڀڄي پوندو ۽ ان تي قضا ۽ ڪفارو ٻئي لازم آهن. ۽ اگر هن گمان سان پاڻي ۽ چانهه وغيره پيتائين ته اڃان وقت باقي آهي ته پوءِ ان شخص تي انهيءَ صورت ۾ صرف روزي جي قضا لازم آهي ۽ ڪفارو لازم نه آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم ج 2 ص 139۔ 144۔147۔ 148۔ 149 ۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 176۔ 177۔179۔ فتاویٰ خانیۃ کتاب الصوم الفصل السادس ج 1 ص 212)
       



اهي شيون جيڪي روزي ۾ مستحب آهن
1)                         سج لهڻ سان ئي نماز کان پهريائين روزي کولڻ ۾ جلدي ڪرڻ.
2)                         کارڪ يا ڇنهاري سان روزو افطار ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ پاڻيءَ جو درجو آهي ورنه ان سان روزو کولڻ.
3)                         ۽ جنهن شئ سان روزو کوليو وڃي اهي اِڪي عدد ۾ هجن مثال جي طور تي ٽي يا پنج يا ان کان وڌيڪ ڪوئي عدد هجي.
4)                         روزي افطار ڪرڻ کان پوءِ دعاءِ ماثوره جو پڙهڻ مثال جي طور تي اَللّٰھُم لَکَ صُمۡتُ وَعَلیٰ رزۡقِکَ اَفۡطَرۡتُ۔
5)                         ۽ ڪجهه نه ڪجهه سحريءَ جي وقت کاڌو وڃي چاهي ٿورڙو ئي هجي يا صرف پاڻيءَ جو هڪ ڍُڪ هجي. ڇو جو پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته سحري کائيندا ڪريو بلاشبه سحريءَ ۾ برڪت آهي ۽ سحريءَ جو وقت رات جو آخري اڌ حصو آهي ۽ ان ۾ جيتري به دير ڪئي وڃي ته افضل آهي.
6)                         ليڪن سحريءَ ۾ ايتري قدر دير نه ڪئي وڃي جو صبح جي ٿي وڃڻ جو انديشو ٿيڻ لڳي.
7)                         روزي جي حالت ۾ پنهنجي زبان کي بيهودگيءَ کان روڪڻ گهرجي. باقي رهيا حرام افعال مثال جي طور تي غيبت ڪرڻ ۽ چغلي هڻڻ ته انهن کان بچڻ ته هر حال ۾ لازم ۽ واجب آهي ۽ رمضان شريف ۾ ته خاص طور تي ان کان بچڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي.
8)                         مائٽن ۽ محتاجن ۽ مسڪينن کي صدقات و خيرات سان نوازڻ ۽ حصول علم ۾ مشغول رهڻ ۽ قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ ۽ درود شريف پڙهڻ ۽ ذڪر الاهيءَ ۾ بقدرِ طاقت ڏينهن رات مشغول رهڻ ۽ اعتڪاف ڪرڻ. (کتاب الفقہ علی المذاھب الاربعۃ ج 1 ص 937)
       

اُهي مجبوريون جنهن جي ڪري روزو ڀڃڻ يا نه رکڻ جائز آهي
ٻار کي کير پيارڻ واري عورت روزو رکي يا نه؟
مسئله:
اگر کير پياريندڙ عورت کي انديشو هجي ته روزي رکڻ جي ڪري ٻار هلاڪ ٿي ويندو يا عورت ڪمزوريءَ جي ڪري هلاڪ ٿي ويندي يا کير سڪي ۽ خشڪ ٿي ويندو ۽ ٻار جي جان کي خطرو وڌي وڃي ته انهن صورتن ۾ عورت کي اجازت آهي ته رمضان المبارڪ جا روزا نه رکي ۽ افطار ڪري ۽ بعد ۾ صرف انهن روزن جي قضا ڪري. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم فصل فی العوارض المبیحۃ ج 2 ص 159۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الخامس ج 1 ص 207 )

ويم جي ڪري روزو ڀڃڻ
مسئله:
اگر ڪنهن عورت کي رمضان المبارڪ جي ڏينهن مان ڪنهن ڏينهن روزي جي حالت ۾ دردِ زه ۽ ويم جي تڪليف شروع ٿي وئي هجي ته ان عورت جي لاءِ جائز آهي ته اها روزي کي ڀڃي ڇڏي ۽ تندرست ٿيڻ کان پوءِ ان ڏينهن جي روزي جي قضا ڪري ۽ ٻار ڄمڻ کان پوءِ چونڪه نفاس شروع ٿيندو آهي ته نفاس جي دوران جيڪي روزا قضا ٿي ويندا ته اهي معاف آهن، (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم فصل فی العوارض المبیحۃ ج 2 ص 150۔ فتاوی ھندیۃ کتاب الصوم الباب الخامس فی الاغدار التی تبیح الافطار ج 1 ص 207 )

مزدوري ڪرڻ جي خاطر روزو افطار ڪرڻ
مسئله:
اگر ڪوئي شخص گرميءَ جي موسم ۾ سخت قسم جي مزدوري مثال جي طور تي تندور تي مانيون پڇائڻ وغيره جي ڪري روزو نه رکي ته انهيءَ مسئلي ۾ هئي تفصيل آهي ته اگر ان شخص وٽ ايترو سرمايو آهي جو اهل وعال کي کارائي سگهي ٿو ۽ ان کي ماڻهن کان سوال نٿو ڪرڻو پوي ته اهو شخص روزا رکي ۽ اهڙي مزدوريءَ کي ڇڏي ڏي.
۽ اگر ان شخص وٽ ايترو سرمايو نه آهي بلڪه اهو ياته مزدوري ڪري يا وري ماڻهن کان سوال ڪري ته انهيءَ صورت ۾ بهتر آهي ته ماڻهن جي اڳيان هٿ نه ڊگهيري بلڪه روزا نه رکي ۽ بعد ۾ انهن روزن جي قضا ڪري. ( کما یفھم من عبارۃ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم وما لایفسدہ ج 2 ص 157۔ 158۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الخامس فی الاعذار التی تبیح الافطار ج 1 ص 208 )
       
سفر جي ڪري روزو افطار ڪرڻ
مسئله:
اگر ڪوئي شخص رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سفر ڪري ته ان جي لاءِ قرآن ڪريم ۽ حديث شريف ۾ اها اجازت ڏني وئي آهي ته اهو افطار ڪري ۽ روزو نه رکي ۽ بعد ۾ انهن روزن جي قضا ڪري ۽ ان تي ڪوئي حرج ۽ گناهه نه آهي ۽ سفر جي دوران مشقت ۽ تڪليف محسوس ٿئي يا نه هر حال ۾ سفر جي ڪري افطار ڪرڻ جي اجازت آهي ليڪن اگر سفر جي دوران روزا رکندو ته ان جي لاءِ بهتر آهي ۽ سفر چاهي ڪنهن جائز ڪم جي خاطر هجي يا نيڪ ڪم جي خاطر سفر هجي يا ڪنهن نافرمانيءَ ۽ گناهه ڪرڻ جي ارادي سان سفر ڪيو وڃي هر حال ۾ حڪم يڪسان ۽ برابر آهي. ( سورۃ البقرۃ رکوع 23۔ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم فصل فی العوارض المبیحۃ ج 2 ص 158۔ 160 )
       
فصل جي ڪٽائيءَ جي خاطر روزو افطار ڪرڻ
مسئله:
اگر فصل جي ڪٽائي ۾ دير ڪرڻ سان زراعت ۽ پوک جي ضائع ٿيڻ جو خطرو نه هجي ته تڏهن ته ڪاشتڪار ۽ هاريءَ جي لاءِ لازم آهي ته فصل کي رمضان المبارڪ کان پوءِ ڪٽي ۽ اگر دير ڪرڻ سان پوک جي ضايع ٿيڻ جو انديشو هجي (۽) تنهن ڪري رمضان ۾ ئي (ان کي) ڪٽڻون پوي ۽ ڪٽائي جي حالت ۾ روزو دشوار ۽ مشڪل هجي ته هاريءَ جي لاءِ ان حالت ۾ افطار (ڪرڻ) جائز ۽ درست آهي ته رمضان کان پوءِ انهن ڏينهن جا (روزا) قضا ڪري (۽) ڪفارو (لازم) نه ٿيندو. (امداد الاحکام کتاب الصوم ج 2 ص 138۔ 139)
       
جيڪو شخص دائمي بيمار هجي ۽ روزو نه رکي سگهي
مسئله:
جيڪو ماڻهون ڪنهن اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا هجي جيڪا بيماري دائمي آهي ۽ ان حالت ۾ اهو شخص روزو نٿو رکي سگهي ته ان جي لاءِ حڪم هي آهي ته اهو رمضان المبارڪ جي ڏينهن ۾ افطار ڪري ۽ جڏهن تندرست ٿي وڃي ته انهن ڏينهن جي روزن جي قضا ڪري ۽ اگر اهو شخص روزن جو فديو ڏيڻ چاهيو ته اهو شخص نٿو ڏئي سگهي ڇو جو فدئي جو حڪم صرف شيخ فاني ماڻهونءَ جي لاءِ آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم فصل فی العوارض المبیحۃ ج 2 ص 159۔ 160۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الخامس ج 1 ص 207 )

اگر ڪنهن بيمار شخص کي ڊاڪٽر روزانو دوا پيئڻ جي لاءِ چوي
مسئله:
اگر ڪوئي شخص بيمار هجي ۽ ڊاڪٽر ان کي روزانو ڏينهن ۾ دوا استعمال ڪرڻ ۽ پيئڻ جي لاءِ حڪم ڏئي ته اهڙي بيمار ماڻهون کي افطار ڪرڻ جي اجازت آهي يعني ان شخص جي لاءِ جائز آهي ته اهو دوا استعمال ڪري ۽ روزا نه رکي بلڪه ڊاڪٽر جي مشوري تي عمل ڪندي رمضان المبارڪ جي ڏينهن ۾ دوا استعمال ڪري ۽ جڏهن تندرست ٿي وڃي ته انهن روزن جي قضا ڪري.(فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الخامس ج 1 ص 193۔ بحر الراءق کتاب الصوم ج 1 ص 303)

اگر ڪوئي شخص بغير عذر جي فِديَو ڏي ۽ روزا نه رکي
مسئله:
اگر ڪوئي شخص بغير عذر جي شرعي جي روزا نه رکي ۽ روزن جي بجاءِ فديو ادا ڪري ته اهو فديو ادا نه ٿيندو بلڪه ان جي ذمي ته روزا باقي آهن ۽ اگر اهو روزا نه رکندو ته گناهگار ٿيندو ۽ قرآن ڪريم ۾ جيڪو عام حالات ۾ فدئي ڏيڻ جو حڪم آهي اهو ابتداءِ اسلام ۾ هيو ليڪن بعد ۾ اهو حڪم منسوخ ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهو حڪم صرف شيخ فاني جي لاءِ آهي. (تفسیر مظھری سورت البقرۃ رکوع 23 ج ص 178)
       
اگر بيمار دورانِ مَرض فوت ٿي وڃي ۽ روزا نه رکي سگهيو هجي
مسئله:
اگر ڪوئي شخص سخت بيمار هجي ۽ بيماريءَ جي ڪري رمضان المبارڪ جا روزا نه رکي سگهيو ۽ انهيءَ حالت ۾ فوت ٿي ويو ته ان شخص تي روزن جي قضا لازم نه آهي ۽ نه وري وارثن تي ڪفارو لازم آهي بلڪه اهي روزا ان کي معاف ٿي ويندا. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم فصل فی العوارض المبیحۃ ج 2 ص 160 )
       
فِديو ڪهڙين صورتن ۾ لازم ٿيندو آهي
شيخ فاني ڪهڙي شخص کي چيو ويندو
مسئله:
شيخ فاني اهو شخص آهي جنهن کي روزن رکڻ جي طاقت نه هجي پوڙهپ جي ڪري يا ڪنهن اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري جنهن مان تندرستي ۽ صحت يابيءَ جي اميد نه هجي ۽ اهو شخص موت جي قريب پهچي چڪو هجي. ۽ شيخ فاني جي لاءِ عمر جي ڪائي حد مقرر نه آهي. انسان جي قوت ۽ عدم قوت تي دارومدار آهي. يعني اگر هميشه جي لاءِ روزي رکڻ جي طاقت نه هجي ته اهو شخص شيخ فاني آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم ج 2 ص 263۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الخامس فی الاعذار التی تبیح الافطار ج 1 ص 207 )

روزي جي فدئي جي مقدار ڇا آهي؟
مسئله:
روزي جي فدئي جي مقدار صدقئه فطر جي مقدار جي برابر آهي يعني جيتري قدر رقم يا ڪڻڪ وغيره صدقئه فطر ۾ ادا ڪئي ويندي آهي اوتري ئي مقدار هر هڪ روزي جي بدلي ۾ ادا ڪئي ويندي. اگر ڪوئي شخص زندگيءَ ۾ فديو ادا نه ڪري سگهي ته مرڻ وقت وارثن کي وصيت ڪري ته منهنجي ذمي تي هيترا روزا باقي آهن انهن جو فديو توهان ادا ڪجو ته ان شخص جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ان جي متروڪه مال مان ان جي روزن جو فديو ادا ڪيو وڃي ۽ اگر وصيت نه ڪيائين ته پوءِ وارثن جي مٿان فديو ادا ڪرڻ واجب نه آهي البته اگر وارث فديو ادا ڪندا ته ادا ٿي ويندو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم فصل فی العوارض المبیحۃ لعدم الصوم ج 2 ص 163۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الصوم ج 1 ص 207 )
       
اگر ڪوئي شخص روزي رکڻ سان بيمار ٿيندو هجي ته ان جي لاءِ ڇا حڪم آهي؟
مسئله:
اگر ڪوئي شخص ان حال ۾ هجي جو اگر اهو روزا رکي ٿو ته اهو بيمار ٿي پوي ٿو چاهي گرميءَ جي موسم جا روزا هجن يا سرديءَ جي موسم جا روزا هجن ته اهڙي ماڻهونءَ جي لاءِ شريعت اها اجازت عطا فرمائي آهي ته اهو روزن جي بدلي ۾ فديو ادا ڪري ۽ هرهڪ روزي جو فديو ادا ڪرڻو پوندو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم، فصل فی العوارض المبیحۃ لعدم الصوم ج 2 ص 163۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الخامس ج 1 ص 207 )

روزن جي ڪفاري جو بيان
روزن جو ڪفارو ڇا آهي؟
مسئله:
اگر ڪنهن شخص روزو ڀڳو هجي ۽ ڪفارو ادا ڪرڻ چاهي ته ڪفاري ادا ڪرڻ جي ترتيب هن طرح آهي جو سڀ کان پهريون غلام آزاد ڪيو ويندو ليڪن چونڪه دورِ حاضر ۾ في الحال غلام جي آزاديءَ واري صورت موجود نه آهي لهذا ڪفاري ادا ڪرڻ وارو شخص مسلسل سٺ ڏينهن روزا رکندو ۽ اگر بيماريءَ يا پوڙهپ جي ڪري مسلسل سٺ ڏينهن روزا رکڻ ممڪن نه هجي ته پوءِ اهو شخص سٺ مسڪينن کي ٻن وقتن جو کاڌو کارائي ان جو ڪفارو ادا ٿي ويندو. ۽ اگر سٺ مسڪينن کي صدقئه فطر جي رقم جي مقدار رقم ادا ڪري ته تڏهن به ڪفارو ادا ٿي ويندو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم  مطلب فی کفارۃ الصوم ج 2 ص 150۔ مراقی الفلاح مع طحطاوی کتاب الصوم باب مایفسد الصوم تجب بہ الکفارۃ ج 1 ص 366۔ عمدۃ الفقہ ج 3 ص 682۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 179۔ 180۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب السابع مطلب فی بیان الکفارۃ ج 1 ص 215 )

ڪفاري ۾ تَسَلسُل ضروري آهي
مسئله:
ڪفاري جي روزن جي لاءِ ضروري آهي ته ٻنهن مهينن جا روزا مسلسل هجن، اگر هڪ ڏينهن جو روزو به رهجي ويو، چاهي ان جو ڪوئي عذر هجي مثال جي طور تي سفر در پيش هجي ته تڏهن به جيڪي روزا رکيا ويا هئا اهي نفلي روزا ٿي ويندا. ۽ ان شخص کي ڪفاري جي طور تي وري ٻيهر روزا رکڻا پوندا ڇو جو روزن جو تسلسل ضروري هيو ۽ اهو پورو نه ٿيو.
۽ اگر اهي روزا چنڊ جي مهيني جي پهرين تاريخ کان شروع ڪيا ويا هئا ته چنڊ جي پوري ٻن مهينن جا روزا رکڻ گهرجن، ۽ اگر اهي روزا چنڊ جي مهيني جي درميان کان شروع ڪيا ويا ته ان مهيني کي پورو ڪري ايندڙ پوري مهيني جا روزا رکيا وڃن ۽ پوءِ ٽئين مهيني ۾ ايترا ڏينهن روزا رکڻ گهرجن جو پهرين مهيني جا ڏينهن ملائي ڪري پورا ٽيهه (30) ڏينهن ٿي وڃن.
(کتاب الفقہ علی المذاھب الاربعۃ ج 1 ص 941۔ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الکفارۃ ج 2 ص 799۔ 80۔ 801۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 179۔ 180)

اگر رمضان جا ڪَفَارا هڪ کان وڌيڪ هجن ته ڇا حڪم آهي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص تي روزن جا ٻه ڪفارا لازم هجن ته پوءِ ڏٺو ويندو ته اگر اهي ٻئي ڪفارا روزي جي دوران جماع ڪرڻ جي ڪري لازم ٿيا آهن ته پوءِ هرهڪ ڪفاري کي علحده ادا ڪرڻو پوندو يعني ٻه ڪفارا ادا ڪرڻان پوندا چاهي اهي ٻئي ڪفارا هڪ ئي رمضان جا هجن يا علحده علحده رمضانن جا هجن. ۽ اگر اهي ٻئي ڪفارا ڪنهن ٻئي وجهه سان لازم ٿيا هجن ته پوءِ ٻنهن ڪفارن جي طرف کان صرف هڪ ڪفاري جي ادا ڪرڻ سان ٻئي ڪفارا ادا ٿي ويندا ليڪن شرط هي آهي ته ڪفاري جي واجب ٿيڻ کان اڳ پهريون ڪفارو ادا نه ڪيو ويو هجي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الکفارۃ مطلب الکفارۃ من الصوم ج 2 ص 114)

ڪفاري ۾ اگر ڪنهن طالبِ علم کي ٻه مهينا کاڌو کارايو وڃي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص جي ذمي ڪفارو هجي ۽ اهو روزن رکڻ جي به طاقت نه رکندو هجي ته اهو شخص سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائيندو ليڪن اگر اهو ڪنهن طالب علم کي ٻن مهينن تائين صبح شام ويهاري ڪري ۽ پيٽ ڀري کاڌو کارائي ته اهو جائز آهي. ان سان ان جو ڪفارو ادا ٿي ويندو، ۽ اگر ان کي کاڌو هن طرح ڏنو ويندو آهي جو اهو وڃي ڪري کائي ته ان وقت ايتري قدر کاڌو ڏيڻ گهرجي جيڪو اڌ صاع ڪڻڪ جي قيمت جي برابر هجي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الکفارۃ ج 2 ص 801۔ 802۔ 803۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج 1 ص 532  )

اگر ڪفاري جي کاڌي ۾ ٻار شريڪ هجن
مسئله:
روزي جي ڪفاري جي کاڌي ۾ اگر ننڍڙا ٻار جيڪي ڏهن سالن يا ان کان گهٽ عمر جا هجن ۽ اهي شريڪ ٿين ته جيڪو کاڌو اهي کائيندا ته ان سان ڪفارو ادا نه ٿيندو. البته اگر نصف صاع ڪڻڪ جي قيمت جي برابر قيمت ۽ رقم انهن ٻارن کي ڏني وڃي ته جائز آهي انهيءَ طريقي سان ڪفارو ادا ٿي ويندو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الکفارۃ ج 2 ص 802۔ 803 )

روزن جي ڪفاري جو مَصرَفُ ڇا آهي؟
مسئله:
اگر ڪوئي شخص روزن جو ڪفارو کاڌي کارائڻ يا رقم ادا ڪرڻ جي ذريعي ادا ڪرڻ چاهي ته ان رقم ۽ کاڌي جو مصرف به اهو ئي ماڻهون آهن جيڪي زڪوات ۽ صدقئه فطر جي رقم جا مصرف آهن. يعني جن ماڻهن کي زڪوات ۽ صدقئه فطر جي رقم ڏيڻ ۽ انهن تي خرچ ڪرڻ جائز هجي انهن ماڻهن کي ڪفاري جو کاڌو ۽ رقم ڏيڻ جائز آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب مایفسد الصوم  مطلب فی الکفارۃ ج 2 ص 150۔ وباب الکفارۃ ج 2 ص 801۔ 802۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج  ص 201۔ ھدایۃ کتاب الصوم باب مایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 180)

مَنَت ۽ بَاسَ جا روزا
اگر ڪنهن شخص غير مُعَين ڏينهن جي روزي جي بَاسَ بَاسِي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن سخص هئي باس باسي هجي ته الله پاڪ جي لاءِ مون تي هڪ ڏينهن جو روزو آهي ته اهڙي قسم جي منت مڃڻ سان صرف هڪ ڏينهن جو روزو لازم ٿيندو ۽ اهو شخص جنهن ڏينهن به چاهي اهو روزو رکي سگهي ٿو ۽ في الفور ان جي مٿان هڪ ڏينهن جو روزو رکڻ لازم نه آهي ۽ هئي حڪم اتفاقي ۽ اجتماعي آهي. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب السادس فی النذر ج 1 ص 209)
       
اگر ڪنهن شخص مسلسل ڏهن ڏينهن جي روزن جي باس باسي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص هئي باس ۽ مَنت مڃي هجي ته مون تي الله پاڪ جي لاءِ مسلسل ڏهن ڏينهن جا روزا آهن پوءِ ان شخص پندرهن ڏينهن روزا هن طرح رکيا جو درميان ۾ هڪ ڏينهن رهجي ويو ۽ ان شخص کي يقين سان معلوم نه آهي ته جيڪو ڏينهن رهجي ويو آهي اهو ڏهن ڏينهن جي دوران آهي يا ان کان پوءِ جيڪي پنج ڏينهن هئا انهن جي دوران هيو ته هاڻي اهو شخص پنج ڏينهن مسلسل روزا رکندو ته جيئن يقيني طور تي مسلسل ڏهن ڏينهن جا روزا پورا ٿي وڃن. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب السادس فی النذر ج 1 ص 209)

اگر ڪنهن شخسص هڪ مهيني جي روزن جي مَنت مڃي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص هئي باس باسي هجي ته مون تي الله پاڪ جي واسطي هڪ مهيني جا روزا آهن ته ان طرح مَنت مڃن سان ان شخص تي هڪ مهيني جا مڪمل روزا لازم ٿي ويندا. (فتاویٰ خانیۃ کتاب الصوم الفصل السابع فصل فی النذر بالصوم ج 1 ص 218)

اگر ڪنهن شخص ٽن مهينن جي روزن جي باس باسي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص هئي باس باسي هجي ته مون تي الله پاڪ جي لاءِ شوال ۽ ذي القعده ۽ ذي الحج جا روزا لازم آهن ۽ شوال جي چنڊ سان ئي ان شخص روزا رکڻ شروع ڪيا ۽ ذي القعد ۽ ذي الحج جا ٻئي مهينا ٽيهن ڏينهن جا ٿيا ۽ شوال جو مهينو اڻٽيهن (29) ڏينهن جو ٿيو ته ان شخص تي لازم آهي ته اهو پنجن ڏينهن جي روزن جي قضا ڪري يعني عيدالفطر جي ڏينهن جي روزي جي قضا ڪري ۽ ذي الحج جي ڏهين، يارهين، ٻارهين، تيرهين تاريخن جي روزن جي قضا ڪري. ڇو جو انهن ڏينهن ۾ روزا رکڻ ممنوع ۽ ناجائز آهي. ۽ ان شخص پنهنجي مٿان پورن ٽن مهينن جا روزا لازم ڪيا هئا حالانڪه ٽي مهينا مڪمل نه ٿيا آهن. (فتاویٰ خانیۃ کتاب الصوم الفصل السابع فصل فی النذر بالصوم ج 1 ص 218۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الفصل سادس فی النذر ج 1 ص 210)

اگر ڪنهن شخص چند ڏينهن جي روزن جي باس باسي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص هيءَ منت مڃي هجي ته ان تي چند ڏينهن جا روزا الله پاڪ جي واسطي لازم آهن ته ان شخص تي لازم آهي ته اهو تيرهن ڏينهن جا روزا رکي ته پوءِ ان جي منت ۽ باس پوري ٿيندي ورنه باس پوري نه ٿيندي. (فتاویٰ ھندیۃ کتاب الصوم الباب الساس فی النذر ج 1 ص 209)

اگر ڪنهن شخص قربانيءَ جي ڏينهن جي مَنت مَڃي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص قربانيءَ جي ڏينهن جي باس باسي هجي ته ان جي مَنت درست ۽ جائز آهي مگر اهو شخص انهن ڏينهن ۾ روزا نه رکندو بلڪه بعد ۾ انهن ڏينهن جي روزن جي قضا ڪندو. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب السادس فی النذر ج 1 ص 208)

اگر ڪنهن شخص هن سال جي روزن جي باس باسي هجي
مسئله:
اگر ڪنهن شخص هئي باس باسي هجي ته مون تي الله پاڪ جي لاءِ هن سال جا روزا لازم آهن ته اهو شخص عيدالفطر ۽ ڏهين ذوالحج کان تيرهن ذوالحج تائين جي ڏينهن جا روزا نه رکندو بلڪه بعد ۾ انهن ڏينهن جي قضا ڪندو ۽ هي حڪم ان وقت آهي جڏهن ان شخص اها باس عيدالفطر کان پهريون باسي هجي ۽ اگر ان شخص شوال جي مهيني ۾ اها مَنت مڃي هجي ته پوءِ ان تي عيدالفطر جي ڏينهن جي قضا لازم نه آهي. ۽ اهڙيءَ طرح اگر ان شخص هئي منت ايامِ تشريق کان پوءِ مڃي هجي ته پوءِ ان تي عيدين ۽ ايام تشريق جي ڏينهن جي به قضا لازم نه آهي. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب السادس فی النذر ج 1 ص 210)

اگر ڪنهن عورت مُعين سال جي روزن جي منت مڃي هجي ته اها ايام حيض جي ڏينهن جي قضا ڪندي
مسئله:
اگر ڪنهن عورت هئي باس باس هجي ته ان تي فلاڻي سال جا روزا الله پاڪ جي واسطي لازم آهن ته ان عورت تي لازم آهي ته اها پورو سال روزا رکي ۽ حيض وارن ڏينهن ۾ روزا نه رکي ۽ بعد ۾ انهن جي قضا ڪري. ڇو جو ان جي حيض وارا ڏينهن به سال ۾ داخل آهن تنهن ڪري ان عورت جي باس تڏهن پوري ٿيندي جڏهن اها حيض وارن ڏينهن جي روزن جي قضا ڪندي. (فتاویٰ خانیۃ علی  ھاش فتاویٰ ھدایۃ کتاب الصوم فصل فی النذر بالعروج 1 ص 219)




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت