جيوگھرڙي جو نظريو
جيوگھرڙي جو
نظريو (Cell Theory)
جيوگھرڙي جو نظريو ٽن لفظن تي مشتمل آھي.
(1)
سڀئي جاندار ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ جيوگھرڙن جا ٺھيل
آھن.
(2)
بناوت ۽ ڪم جي لحاظ کان جيوگھرڙو ھڪ ننڍي ۾ ننڍو بنيادي ايڪو آھي.
(3)
نوان جيوگھرڙا جيوگھرڙن جي ورھاست مان ٺھن ٿا.
جانورن ۽ ٻوٽن جي
جيوگھرڙن ۾ فرق
ٻوٽن جي جيوگھرڙي
۽ جانورن جي جيوگھرڙي ۾ ھيٺيان فرق آھن.
1.
ٻوٽي جي جيوگھرڙي ۾ سيل وال آھي جانورن جي
جيوگھرڙي ۾ سيل وال ڪونھي.
2.
ٻوٽي جي جيوگھرڙي ۾ ھڪ وڏو خال آھي جانورن جي
جيوگھرڙن ۾ ڪيترائي ننڍا خال آھن.
3.
جانورن جي جيوگھرڙي ۾ سنيڙو سوم ٿيندو آھي ٻوٽن
جي جيوگھرڙي ۾ ڪونه ٿو ٿئي.
4.
ٻوٽن جي جيوگھرڙي ۾ پلاسٽڊس ٿين ٿا جانورن جي
جيوگھرڙن ۾ نه ھوندا آھن.
Comments
Post a Comment