Posts

Showing posts with the label Student Essay

تنوير عباسي

Image
تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي ھو. سندس والد جو نالو گل حسن آھي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934ع   تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. پاڻ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ھو. تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر ھو ۽ سندس شاعريءَ جا چار مجموعا شايع ٿيل آھن. تنوير عباسي ساڳئي وقت ھڪ سٺو محقق پڻ ھو. خاص ڪري ”شاھ لطيف“ جي شاعريءَ تي ڪيل تحقيق ساراھ جوڳي آھي. تنوير عباسي ادبي دنيا ۾ ھڪ معروف شخصيت رھي آھي. سندس وفات اسلام آباد ۾ تاريخ 25 نومبر 1998ع تي ٿي . تنوير عباسي چوي ٿو ته: ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ ڄاڻي ڏس ته سھي اڻ ڄاڻ ھر ھڪ انسان موتيءَ جو داڻو آھي ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ھيرن جي کاڻ آھي. اي بي سمجھ انسان اھو راز ڄاڻي ته ڏس ! تنوير عباسي چوي ٿو ته: ھرڪا دل درياء ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار، ھرڪو سينو سمنڊ تري ۾ جنهن ۾ ڪئي اسرار، ھرڪو من مکڻ جو چاڻو ھر چھرو آھي چانڊاڻ، ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو، ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ ھر ھڪ انسان جي دل درياء آھي، جنهن ۾ پيار ڇوليون ھڻي رھيو آھي. ھر ھڪ ماڻھو جو سينو سمنڊ جي تري وانگر آھي، جنهن ۾ ڪئ

شيخ اياز

Image
شيخ اياز 2 مارچ 1923ع   تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو شيخ مبارڪ علي ھو. شيخ اياز موجوده دور جو اھم ۽ وڏو شاعر ھو. ھن جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون لھجو ۽ نئون اسلوب عطا ڪيو. ھن نون سالن جي عمر ۾ پھريون پڪو پختو نظم لکيو ۽ تڏھن کان ھو لڳاتار لکندو رھيو. شاعريءَ ۾ ھن جو رنگ يڪتا آھي. ھن نه رڳو گھڻو پر سٺو لکيو آھي. ھن کي نثر توڙي نظم تي ھڪ جيتري دسترس حاصل ھئي. شيخ اياز جا ٽيھارو کن مجموعا ڇپجي چڪا آھن. ھو ڳچ عرصو سکر ۾ رھيو. جتي ھو ھاءِ ڪورٽ جو ھڪ ڪامياب وڪيل ھو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پڻ رھيو. ان کان پوءِ ھو مستقل طور تي ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير ٿيو ۽ اتي ئي تاريخ 28 ڊسمبر 1997ع   تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھ ڀٽ شاھ ۾ آھي . شيخ اياز پنهنجي نثري نظم ۾ چوي ٿو: آءُ لکان ٿو آرھڙ جو آڪاس ٻري ٿو، ڪانگ لنوي ٿو ڪنڊيءَ تي، نيٺ ته ڌرتي، ويس وسڻ جا پائيندي، لوسڻ جيئن لھرائيندي ! لوء لڳي ٿي، آءُ لکان ٿو ! اونهاري ۾ جڏھن آسمان مان الا پئي نڪتا! ان وقت ڪانگ کي ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف ڪانه ھئي، بلڪ اھو ڪنڊيءَ جي وڻ (جيڪو ڇڊو ٿيندو آھي) تي

گورک هل اسٽيشن

Image
سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ تي جبلن جي قطار آھي، جنهن کي کير ٿر جبل چيو وڃي ٿو. اھا پٽي ضلع دادو ۽ لاڙڪاڻي ۾ آھي. انهيءَ جابلو قطار جون شاخون ۽ ڇاڙون آھن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪيتريون سھڻيون ۽ سرسبز ماٿريون آھن. کيرٿر جي اترئين پاسي اوچيون چوٽيون آھن ۽ ڏاکڻي پاسي وڏيون نيون آھن. انهن مان مکيھ ”نئن گاج“ آھي جا منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ نئن مھن ۽ نئن باران سنڌو درياء ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. اردو میں پڑھیں: گورکھ ہل اسٹیشن کيرٿر جبل جي ڏکڻ ۾ ٽي چوٽيون آھن، جن مان اوچي ۾ اوچي چوٽي گورک آھي. اھا چوٽي سمنڊ جي مٿاڇري کان 5 ھزار 600 فوٽ اوچي آھي. ھتي جي موسم خشڪ پر صحت بخش آھي. ھتي گرمي 7 کان 30 سينٽي گريڊ ٿئي ٿي ۽ سردي مائنس پنج سينٽي گريڊ ٿئي ٿي. (2006ع ۾ ته گورک تي 2 فوٽ برف پئي آھي.) ھن چوٽيءَ جو مٿاڇرو ناھموار آھي. جيڪو ٽن چئن سون ايڪڙن تي پکڙيل آھي. ھن چوٽيءَ تي قدرتي تلاء به آھن. گورک جي چوٽيءَ جي ڏکڻ ۾ ھينگڻ نالي واھي آھي، جيڪا سدائين پئي وھندي آھي ۽ ان جي پاڻيءَ مان پوک ٿيندي آھي. مينهن پوڻ کان پوءِ وليون ۽ جڙيون ٻوٽيون نڪرنديون آھن، انهن جي خوشبوء جي ڪري سڄو ماحول معطر ٿ

محنت ۾ عظمت

Image
اسان جي نبي ڪريم حضرت محمد ؐ جن جي زندگي اسان لاءِ ھڪ مثالي زندگي آھي. پاڻ ؐ ڪامياب زندگي گذارڻ جو نهايت سھڻو طريقو سيکاريو آھي. پاڻ ؐ   ھميشھ سچائيءَ، امانت ۽ محنت جي تلقين ڪئي آھي. پاڻ سڳوراؐ پنهنجو سمورو ڪم پنهنجي ھٿن سان ڪندا ھئا. جتيءَ جو ڳنڍ ٽوپو ڪندا ھئا ۽ ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون ھڻندا ھئا. مسجد نبويءَ جي اڏاوت ۾ پٿر ڍويائون ۽ احزاب واري جنگ ۾ کاھي کوٽيائون. الله تعاليٰ سوره بقره ۾ فرمايو آھي: ”اي انسانو! زمين ۾ جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون آھن اُھي کائو.“ قرآن شريف ۾ الله جو ارشاد آھي: ”جڏھن توھين عبادت کان واندا ٿيو ته زمين ۾ ٽڙي پکڙجي وڃو ۽ محنت مزدوري ڪري الله جو فضل تلاش ڪريو.“ حضورؐ جن جو ارشاد آھي ته: ”سڀني کان پاڪ شيءِ جيڪا توھان کائو ٿا اھا توھان جي ھٿن جي ڪمائي آهي.“ ٻئي ارشاد ۾ پاڻ فرمايائون: ”پورھيت الله جو دوست آھي.“ ھڪ ڀيري ھڪ اصحابي سڳوري، حضورؐ جن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول سڀني کان سٺو روزگار ڪھڙو آھي؟ پاڻ فرمايائون ته ”ماڻھوءَ جو پنهنجي ھٿن سان پورھيو ڪرڻ.“ پاڻ سڳورنؐ جو ٻيو فرمان آھي: ”جنهن شخص محنت ڪري حلال ط

استاد بخاري

Image
استاد بخاريءَ جو پورو نالو احمد شاھ بخاري ھو. استاد بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ جنم ورتو.   ھو غلام نبي چانڊيو ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جو رھاڪو ھو. دادو شھر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. ھو بنيادي طور استاد ھو ۽ سڄي زندگي استاد ٿي رھيو. گورنمينٽ ڪاليج دادوءَ مان پروفيسر طور رٽائرڊ ڪيائين. استاد بخاري سنڌيءَ جو سريلو شاعر ھو. ھن جا چوڏھن مجموعا ڇپيل آھن. ھو 9 آڪٽوبر 1999ع   ۾ گذاري ويو . استاد بخاري چوي ٿو ته: قطعا جو ڏئي تنهن کي ڏجي، ڪھڙو مزو، جو منگي تنهن کي ملڻ ۾، آ مزو، ڪوبه ڪڪرن کي قسم ڏيئي پڇي، بحر کان بر تي وسڻ ۾ آ مزو . جو پاڻ ئي ڏئي پيو ان کي ڀلا ڏيڻ ۾ ڪھڙو مزو آھي، جوگھري ٿو تنهن سان ملڻ ۾ مزو آھي، ڇو ته ھو ضرورت مند آھي. ڪڪرن کي ڪو قسم ڏئي پڇي ته سمنڊ تي وسڻ ۾ مزو آھي يا زمين تي! حقيقت ۾ سمنڊ ته پاڻي آھي، پر زمين کي پاڻيءَ جي اڃ آھي يعني زمين کي مينهن جي ضرورت آھي ۽ سمنڊ کي ڪابه ضرورت ناھي ! استاد بخاري چوي ٿو ته: دوبدو نيڪيءَ بديءَ جي جنگ آ، گھر ۾ ويٺي دنبها گوجيا ته ڇا . جاڳ وارا فيصلا حيلا نه ٿيا، ننڊ ۾ ڪي بودلا وڦليا ته ڇا؟ آمھون سامھون

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

Image
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب ھالا ۾ 4 آڪٽوبر 1919ع ۾ ڄائو. سندن والد جو نالو مخدوم غلام محمد آھي. پاڻ حضرت مخدوم نوح رح جن جي گاديءَ جا سورھان سجادھ نشين ھئا ۽ سروري جماعت جا مرشد ھئا. سندن علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آھن. طالب الموليٰ ھاسٽل، ھالا ۽ طالب الموليٰ ھاءِ اسڪول، دادو سندن علمي خدمتن جا يادگار آھن . پاڻ اعليٰ پايي جا شاعر ھئا. نثر توڙي نظم ۾ سندن ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آھن، جن ۾ ديوان طالب، ڪافي ۽ ڇپر ۾ ڇڙيون ته گھڻو مشھور آھن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا پھرين ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين ٿي رھيا. ان کان سواءِ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر، جميعت الشعراء سنڌ جا صدر، بزم طالب الموليٰ جا سرپرست ۽ لطيف يادگار ڪميٽيءَ جا ميمبر پڻ رھيا. پاڻ 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪيائون . مخدوم طالب الموليٰ فرمائي ٿو ته: سو ھمسفر ڪھڙو لھي ٿو جيڪو اڀرڻ بعد سو شمس و قمر ڪھڙو ! دوام آھي نه جنهن کي سو ڀلا شام و سحر ڪھڙو !   اھو سج ۽ چنڊ ڪھڙو آھي، جيڪو اڀري وري لھي ٿو وڃي ۽ وري اھا شام ۽ سحر ڪھڙي آھي جيڪا ھميشھ نٿي رھي . پڙھڻ کان بعد جو وسري سو الفت جو اکر ڪھڙو ! جو

مولوي حاجي احمد ”ملاح“

Image
مولوي حاجي احمد ”ملاح“ 1877ع   ۾ ڳوٺ ڪنڊي ضلعي بدين ۾ ڄائو. ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مدرسي مظھر العلوم ۾ مدرس مقرر ٿيو. ڪجھ وقت کان پوءِ خود پنهنجو مدرسو قائم ڪيائين. قرآن شريف جو منظوم سنڌي ترجمو سندس اھم ڪمن منجھان آھي. شاعريءَ ۾ سندس منفرد انداز آھي. ٻارھن ڪتابن جي ھن مصنف 19 جولاءِ 1969ع تي بدين ۾ وفات ڪئي . مولوي حاجي احمد ملاح چوي ٿو ته: موج مستي ڏينهن ڏيڍ دم ھئڻ جو ھڻ نه ھونهين، تنهنجي ھستي ڏينهن ڏيڍ، تون مٽي، آھين آخر مٽيءَ ۾، موج مستي ڏينهن ڏيڍ . اي انسان اھو ھوڪو نه ھڻ ته آئون آھيان، ڇو ته تنهنجي ھستي ته فقط ڏيڍ ڏينهن آھي تون مٽي آھين ۽ مٽي ٿي ويندين يعني ھيءَ دنيا ڇڏي ويندين! تون مزن ۽ موجن، عيش ۽ عشرت واري زندگي بسر ڪرڻ ۾ لڳو پيو آھين، پر ھي مزا ڏينهن ڏيڍ کا مٿي نه آھن . آھي حاڪم ھيڪڙو، جنهن جو حڪم ھر جاءِ ھلي، دوست تنهنجي دست ۾، دستور دستي ڏينهن ڏيڍ دنيا جو ته ھڪ حاڪم آھي، جنهن جو حڪم ھر جاءِ ۽ ھر ھنڌ ھلي ٿو. اي منهنجا يار تون جيڪا ٻٽاڪ ھڻين ٿو ته مان ملڪ جو مالڪ ۽ حڪمران آھيان، پر تو واري حڪومت ۽ تو وارا قانون ڏيڍ ڏينهن لاءِ آھن .

محمد صديق ”مسافر“

Image
محمد صديق ”مسافر“ ولد گلاب خان 1879ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري اسڪول ۾ ماستريءَ کان ڪيائين. ان وچ ۾ ڪجھ عرصو لارينس مدرسي جو ھيڊ ماستر پڻ رھيو. 1934ع ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ”اخبار تعليم“ جو ايڊيٽر پڻ رھيو. شاعر، نقاد، نثر نويس ۽ پنهنجي دور جو بهترين استاد ھو. ھن ٻارن لاءِ به نثر ۽ نظم ۾ گھڻو لکيو ھو. 41 ڪتابن جو مصنف ھو. سن 1961ع ۾ وفات ڪيائين . محمد صديق ”مسافر“ چوي ٿو: خدا جا بندا خدا خدا ڪر نه رھ پيٽ جو ٿي چاڪر، ڌيان دل جو ڪو تون ادا ڪر، اٻوجھ اڀرن تي ڪا نظر ڪر، خدا جا بندا خدا خدا ڪر . خدا جا بندا خدا خدا ڪر . اي انسان تون رڳو پيٽ جو پوڄاري نه ٿي. رات ڏينهن پيٽ جي پوڄا ۾ لڳو پيو آھين ٻي طرف به ڌيان ڌر يعني دل ڏانهن به ڌيان ڏي ته ھوءَ توکي ڇا ٿي چوي! اٻوجھن ۽ اڻڄائن ۽ اڀرن تي به ڪا ڪھل ڪر! ڇو ته انهن ماڻھن جي خدمت ڪرڻ سان الله تعاليٰ راضي ٿئي ٿو. اي الله جا بندا الله الله ڪر . ڏني جا ڏاتر اٿئي حياتي، تو خواب غفلت جي لي ء ساڄاتي، اھا حياتي ٿي ڄڻ مماتي، نظر کان عبرت سندي صفا ڪر، خ