ڪڏهن ائين هيوم جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
جتي روڊ جو سفر ٿڪائيندڙ آهي، اتي سامونڊي سفر ڪنهن
به ريت سهنجو نه آهي. ان ۾ ٿڪاوٽ ٿئي ٿي. سو اسان کي به ٿڪاوٽ چڪنا چُور ڪري ڇڏيو
هو. گُرائيدو ٻيٽ جي ڪناري کان پنڌ ڪندا هوٽل ڏي وڌڻ لڳاسين.
رستي تي ئي هڪڙو اسٽيشنري جو دڪان نظر آيو. يوسف کي
بال پين وٺڻي هئي. سو مان ۽ يوسف دڪان ۾ اندر گهڙي وياسين. هن دڪان جي ڪائونٽر تي
به هڪڙي هتان جي لوڪل عورت ويٺل نظر آئي. هن جو رنگ به سانورو هيو. هي اي سي وارو
دڪان هيو. اسان پنهنجا جوتا ٻاهر لاٿا. هر شي صاف سٿري، شوڪيسن ۾ سجايل رکيل هئي.
يوسف اتان بال پين ورتي ۽ هن عورت کان ڪجهه حال احوال ورتا.
”ڇا هي دڪان توهان جو پنهنجو آهي“. يوسف پين ڪائونٽر تي رکندي چيو.
”جي ها هي منهنجو پنهنجو دڪان آهي“. هن پين سان رف پيپر تي لکندي
چيو.
”هتي روزگار ڪيئن آهي“. يوسف پنهنجو پرس ڪڍي هن کي پئسا ڏيندي چيو.
”بس شڪر آهي. گهر جو گاڏو هلي پيو. منهنجو گهر به هن جي پٺيان آهي.
هن وقت سيزن آف آهي. پر سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر جي مهيني ۾ هتي سياحن جي گهڻي آمد
ٿيندي آهي. پوءِ سٺي روزي ٿي ويندي آهي“. هن يوسف کان پئسا وٺندي چيو.
عجب پين وٺي کيسي ۾ وڌي. ٻاهر دوست اسان جي انتظار
۾ هيا. مون دڪان جو جائزو ورتو. ننڍڙو دڪان هيو. پر هن ۾ اسٽيشنري جو هر سامان
موجود هيو. پوءِ هن کان موڪلائي، ان ئي گهٽي ۾ اڳتي وڌڻ لڳاسين. اسان جي هوٽل به ٿورو
اڳيان هئي، نيٺ اچي هوٽل جي در وٽ بيهي سک جو ساهه کنيوسين.
اچڻ سان ئي مون کي ته ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ پئي آئي، سو
مان ته پنهنجي بيڊ ۾ اچي ڪري پيس ۽ پنهنجي بستري کي ڀاڪر پائي ليٽي پيس. اڃان اک
مس لڳڻ واري هئي جو ٿوري ديرکان پوءِ دروازو کڙڪيو. سامهون مظفر بيٺو هيو. مظفر ڪمري
۾ داخل ٿيندي چوڻ لڳو ته،”مان ڪپڙن ڌوئڻ وارو ڊٽرجيٽ لوشن وٺي آيو آهيان. ڪافي بچي
پيو آهي، جيڪڏهن توهان کي کپي ته کڻي اچان؟“.
پرتاب ۽ سائين مختيار ته اڳ ۾ ئي، اچڻ مهل پنهنجا
آلا ڪپڙا ڌوئي ڇڏيا هيا. باقي منهنجا ڪپڙا رهيل هيا. مون به سمونڊ جي پاڻيءَ کي ڪپڙن
کان آزاد ڪرڻ مناسب پئي سمجهيو. ان ڪري مون مظفر کي چيو ته،”ادا ان کان وڌيڪ ڀلي ڳالهه
ٻي ڪهڙي هوندي“.
هو ٿوري دير ۾ ڊٽرجٽنٽ جي ڪلو
واري پيڪِيٽ سان موٽي آيو. مون مظفر کي چيو ته،”يار ايڏو ڪلو وارو لوشن ڇو ورتئي،
تو لاءِ ته پاءُ وارو ئي ڪافي هيو“؟. چيائين ته،”دڪان واري واٽ ننڍو پيڪيٽ ئي نه
هيو، بس اهو ئي هيس“.
مظفر اسان جي روم واري
گيلري ۾ دروازو کولي هليو ويو. اتان ئي رڙ ڪري چوڻ لڳو،”ادا! توهان جي ڪمري جي
گيلري وڏي آهي. اسان جي روم جي گيلري صفا آهي ئي ڪونه“.
سو ٿوري دير کان پوءِ يوسف پنهنجا ڪپڙا سڪائڻ لاءِ
کڻي آيو. چيائين ته،”ٻڌو آ توهان جي ڪمري جي گيلري وڏي آهي. سو اجازت هجي ته مان
به پنهنجا ڪپڙا سڪائڻ لاءِ رکي ڇڏيان“.
ڀلا اسان کي ڪهڙو اعتراض ٿي پئي سگهيو. سو هن به
اتي ئي ڪپڙا سڪائڻ لاءِ ٽنگي ڇڏيا. پر ڪافي دير گذرڻ کان پوءِ به اسان جا ڪپڙا نه
سڪا هيا. مون به پنهنجو پاجامو ۽ شرٽ ڌوئي ورتو. سو ٻن ڪپڙن ۾ ڀلا ڪيترو لوشن لڳندو.
اڃان به گهڻو لوشن ان پاڪيٽ ۾ بچيل هو.
ٿوري دير
آرام ڪرڻ کان پوءِ تقريبن ساڍين چئين وڳي ڌاري وري وهنجي سهنجي پاڻ اتي کي گرائيدو
ٻيٽ جي بڪني بيچ گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ مان، سائين مختيار، عجب ۽ پرتاب نڪري آياسين.
باقي جنيد چيو ته،”توهان هلو مان ۽ مظفر توهان جي پويان ٿا اچون، توهان سان بيچ تي
ملون ٿا“.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment