سنڌي سماج ۽ لطيف سائين - ڊاڪٽر سليمان شيخ



انساني حياتيءَ جي لکها سالن واري سفر جي نتيجي ۾ اڄ جو سماج وجود ۾ آيو آهي. گهڻو گهڻو اڳ جڏهين ماڻهو غارن ۾ رهندو هو، تڏهن به گڏجي رهڻ جو اهڃاڻ ملي ٿو. بيجنگ شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر باهر پنج لک سال پراڻي ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ جا نشان مليا آهن.

انهن نشانن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته اولاد سان محبت جو عنصر ۽ ان کي پنهنجو وارث سمجهڻ جو احساس ان وقت به موجود هو. اهو ئي نڪتو، گڏجي رهڻ، هڪ ٻئي سان لاڳاپي رکڻ ۽ پاڙا ٺاهڻ جو سبب بڻيو.


مختلف دورن ۾ پيغمبر، نبي، اوتار، ڪوي ۽ سماج سڌارڪ پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي سوچ، علم ۽ عمل سان ماڻهن ۾ آيل ويڇن، اختلافن ۽ حيواني جبلتن کي ميسارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ته جيئن سماج جو تاڃي پيٽو قائم رهي سگهي ۽ سماج ترقي ماڻي سگهي.

سنڌونديءَ جي ڪنارن تي دنيا جي قديم تهذيب جا آثار هڪ سگهاري  سماج جي نشاندهي ڪن ٿا. هنن ئي آثارن جي آڌار تي نئين دنيا سماجي ترقيءَ جا ماڻ ۽ ماپا جڙيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دؤرسنڌي سماج لاءِ هڪ وڏي للڪار وارو دؤرهو. هن سکئي ستابي پر امن ۽ پر سڪون ڌرتيءَ تي ڌارين فوجن جي گهوڙن جون هڻڪارون ٻڌڻ ۾ آيون. مختلف طبقا بي يقيني ۽ لاتعلقي واري صورتحال ۾ اچي ويا.

قومون جڏهن غلام بنيون آهن ته انهن ۾ ڪيتريون ئي وچڙندڙ بيماريون منهن ڪڍنديون آهن. هنن ۾ خود غرضي، لالچ، مڻبي جو موه، حاڪم جي سرخروئي جو شوق ۽ درٻاري رويا جنم وٺندا آهن. ان سبب سماج جا بنياد اکڙي پوندا آهن ۽ نفسا نفسيءَ جو عالم رونما ٿيندو آهي.

ان وقت هڪ رهبر جي ضرورت پوندي آهي. لطيف پنهنجي دؤر۾  سماجي رهبر جي حيثيت ۾ اُڀريو ۽ سڏ ڏنائين:

ڇاکي وڃي ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو؟
وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.

غلام نفسيات مان ڇوٽڪاري جو پهريون قدم، جڙتو ۽ هٿرادو حاڪمن جي دٻاءَ مان ٻاهر اچي صرف الله جي حاڪميت مڃڻ آهي. اهو احساس ۽ پڪو يقين انسان کي ڏاڍ خلاف وڏي همت ٿو بخشي:

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
اسان جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو.

سماج جي اوسر لاءِ ٻيو قدم پاڻ ۾ ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي آهي، ان لاءِ جيترو به اڳتي وڌي سگهجي وڌجي:

ڇنن، توءِ مَ ڇن، پاءِ اُميري ان سين.

ان کان پوءِ پنهنجي آدرش ۾ پڪو يقين رکڻ جو عمل آهي

الست بربڪم، جڏهن جت پڇيوم،
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيو.
انهيءَ وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

هنن ٽن بنيادي  قدمن کان پوءِ، ڏکارن ماڻهن کي پنهنجي ۽ پيڙا کي مجتمع ڪري ان کي طاقت بنائي اڳتي وڌڻو آهي:

ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نا ٿئي.
ان کان پوءِ وقت اچي ٿو معاملن جي ڇيد جو:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ويا.

اسان کي پنهنجي مسئلن جو پاڻ جائزو وٺي حل ڳولڻ کپي:

سگهن سُڌ نه سور جي، ته گهايل ڪيئن گهارين.

هاڻي ان ڏک سور ۽ مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪجي رڙيون ڪرڻ، ڪوڪون ڪرڻ ۽ منهن مٿو پٽڻ سان به ڀلا  ڪي مسئلا حل ٿيا آهن؟

آيل آئون نه وسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ جي ساين، سي نه ڪي رون، نه چون ڪي.

پر هن صرتحال کي بدلائڻ لاءِ لطيف جي راهه چٽي بيٺي آهي؛

جا ڀانئين پرينءَ مڙان، ته سک چوران ڪي ڌات،
جاڳڻ جشن  جن کي، سک نه ساري رات.
۽ ان کان پوءِ
تَنَ ۾ ترازَ توههَ جي، گهڻو لَههُ گهوري،
ادب ۽ اخلاص جا، سڙهه ٻڌج سوري.
ان منزل طرف وڌڻ ڏکيو ۽ صبر آزما آهي.
سکن واري سڌ، متان  ڪا مون سان ڪري،
اندر جنين  اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.

۽ پوءِ منزل آسان بنجي ٿي:
پاڻهي ملندو هوت، پر تون به ٿج ڪجهه اڳڀري،
متان چوي بلوچ،  ته ڪميڻيءَ  مان  ڪين  ٿيو.

لطيف سائينءَ سماج جي آدرشي نوجوان جو خاڪو بيحد خوبصورت انداز ۾ چٽيو آهي:
وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
لوٺيون سهن لوڪ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻ،
اصل آسارين جا، ستي ويڙا سين.
جيڏيڻ جي مان وِسهو ننڊَ مَ هيريو نيڻ.
راتڙين جاڳن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻ،
آڌيءَ رات اُٿي ڪري،  جَهل تون ننڊ ان نيڻ.

اڄ لطيف جي سنڌ ڏاڍي  ڏکاري، زخميل، اجهاميل ۽ اُٻاڻڪي آهي. سنڌ جو نوجوان بي يقينيءَ ۽ بي اطمينانيءَ جو شڪار آهي. هر ڪو شريف ماڻهو پنهنجا ڪن لڪائڻ ۾ لڳو پيو اهي. هرڪو ٻاهران ويهي زخمن تي لوڻ پيو ٻرڪي. سنڌ جي مٽيءَ جو ذرو ذرو پڪاري پيو:

ڪُٺيس ڪُويڄن، تن طبيب نه گڏيا.
ڏيئي ڏنڀ  ڏنِ، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.

هنن حالن ۾ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت رکندڙ ماڻهن کي، سنڌي سماج جي گهڻگهرن کي، هن صورت حال تي غور ڪرڻ کپي.

جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾
ڪو  آڳانجهو نينهن، ٻانڀڻ ٻاروچن سين.

نينهن نڀائڻ جو وقت هيءُ آهي. جڏهن سڄي سنڌ تپي ٽامو ٿي ويئي آهي تڏهن هر طبقي جي ماڻهوءَ کي، هر مرتبي جي ماڻهوءَ کي پنهنجي مسند ڇڏي هيٺ اچي سوچڻو پوندو:
لَڙ مَ لاڙائو ٿيو. هلي ڪر همت،
سجُ سامهون منهن ۾، متان ڪرئين ڪَٿَ،
سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سچ ڳالهه مڙين.

 -----------------


سنڌي سماج ۽ لطيف سائين
ڊاڪٽر سليمان شيخ

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت