احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان
شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
-------
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه
وسلم إِذَا كَانَ أَوَّلُ لَيْلَةٍ مِنْ شَهْرِ رَمَضَانَ صُفِّدَتِ
الشَّيَاطِينُ وَمَرَدَةُ الْجِنِّ وَغُلِّقَتْ أَبْوَابُ النَّارِ فَلَمْ
يُفْتَحْ مِنْهَا بَابٌ. وَفُتِّحَتْ أَبْوَابُ الْجَنَّةِ فَلَمْ يُغْلَقْ
مِنْهَا بَابٌ وَيُنَادِي مُنَادٍ يَا بَاغِيَ الْخَيْرِ أَقْبِلْ وَيَا بَاغِيَ
الشَّرِّ أَقْصِرْ وَلِلَّهِ عُتَقَاءُ مِنَ النَّارِ وَذَلِكَ كُلَّ لَيْلَةٍ ۔
(ترمذی شریف ابواب الصوم باب ماجاء فی فضل شھر رمضان ج 1 ص 86(
”حضرت ابو
هريرة رضي الله عنھ کان روايت آهي ته
پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جڏهن رمضان المبارڪ جي پهرين رات ٿيندي آهي ته شيطان ۽ سرڪش جِن قيد ڪيا ويندا آهن ۽ دوزخ جا سمورا دروازا بند ڪيا ويندا آهن انهن مان ڪوئي به دروازو کليل نه هوندو آهي ۽ بهشت جا سمورا دروازا کوليا ويندا آهن ان جو ڪوئي به دروازو بند نه ڪيو ويندو آهي، ۽ اعلان ڪرڻ وارو (فرشتو) هي اعلان ڪندو آهي ته اي ڀلائي (يعني نيڪي و ثواب) جا طلبگار (الله پاڪ جي طرف) متوجهه ٿي ۽ برائي جو ارادو رکڻ وارا برائي کان باز اچ ڇو جو الله پاڪ جي طرف کان بيشمار (گنهگار) ٻانهن کي دوزخ کان رهائي ۽ ڇوٽڪارو ملندو آهي (يعني اللله پاڪ ان مبارڪ مهيني جي ڪري بيشمار ماڻهن کي جهنم جي باهه کان آزاد ڪندو آهي ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته تون به انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃين) ۽ اهو اعلان (رمضان شريف جي) هر رات ۾ ٿيندو آهي“
پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جڏهن رمضان المبارڪ جي پهرين رات ٿيندي آهي ته شيطان ۽ سرڪش جِن قيد ڪيا ويندا آهن ۽ دوزخ جا سمورا دروازا بند ڪيا ويندا آهن انهن مان ڪوئي به دروازو کليل نه هوندو آهي ۽ بهشت جا سمورا دروازا کوليا ويندا آهن ان جو ڪوئي به دروازو بند نه ڪيو ويندو آهي، ۽ اعلان ڪرڻ وارو (فرشتو) هي اعلان ڪندو آهي ته اي ڀلائي (يعني نيڪي و ثواب) جا طلبگار (الله پاڪ جي طرف) متوجهه ٿي ۽ برائي جو ارادو رکڻ وارا برائي کان باز اچ ڇو جو الله پاڪ جي طرف کان بيشمار (گنهگار) ٻانهن کي دوزخ کان رهائي ۽ ڇوٽڪارو ملندو آهي (يعني اللله پاڪ ان مبارڪ مهيني جي ڪري بيشمار ماڻهن کي جهنم جي باهه کان آزاد ڪندو آهي ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته تون به انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃين) ۽ اهو اعلان (رمضان شريف جي) هر رات ۾ ٿيندو آهي“
هن حديث شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته رمضان المبارڪ جي شروع ٿيڻ سان ئي
شيطانن کي ان ڪري قيد ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي روزيدارن کي گمراهه نه ڪري سگهن ۽
انهن کي نه ورغلائين ۽ انهن جي دلين ۾ وسوسن ۽ گندي خيالات جو ٻج نه پوکين، چنانچه
ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اڪثر گناهگار گناهن
کان بچندا آهن ۽ دربار خداونديءَ جي طرف متوجه ٿيندا آهن، البته ڪجهه بدبخت اهڙا
به هوندا آهن جيڪي انهيءَ مبارڪ مهيني ۾ به گناهن ۽ نافرمانين کان باز نه ايندا
آهن. ان جي وجه اهي اثرات هوندا آهن جيڪي رمضان المبارڪ کان پهرين ڏينهن ۾ شيطان
جي ورغلائڻ جي ڪري انهن جي خراب طبيعت ۾ راسخ ۽ مضبوط ٿي ويندا آهن يعني چونڪه
انهن جي ذهن ۽ فڪر ۽ انهن جي عملي قوت پهريائين شيطان جي زير اثر هوندي آهي ۽ انهن
جو نفس انهن جو عادي ٿي چڪو هوندو آهي تنهن ڪري اهڙا ماڻهو پنهنجي عادت کان مجبور
ٿي ڪري رمضان المبارڪ ۾ به گناهه ۽ نافرمانيءَ کان نه بچي سگهندا آهن.
۽ ڪجهه اهل علم حضرات جو اهو به خيال آهي ته انهي ماهِ مبارڪ ۾ سرڪش
شيطانن جو قيد ٿيڻ مخصوص افراد ۽ ماڻهن جي نسبت سان آهي اهڙيءَ طرح مطلقاً شيطانن
جو قيد ٿيڻ ٻين مخصوص افراد جي نسبت سان آهي. مطلب هي آهي ته سرڪش شيطانن کي ته
فاسق ۽ فاجر ماڻهن جي گمراهه ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي. چنانچه اهڙا ماڻهون رمضان
المبارڪ ۾ گناهه گهٽ ڪندا آهن البته ننڍا شيطان انهن کي ورغلائيندا ۽ گمراه ڪندا
رهندا آهن تنهنجي ڪري ڪجهه نه ڪجهه گناهه انهن کان سرزد ٿيندا رهندا آهن ۽ مطلقاً
شيطانن کي صلحاء ۽ نيڪ ماڻهن جي ورغلائڻ ۽ گمراه ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي چنانچه
اهي ڪبيره گناهن کان باز رهندا آهن ۽ بشري ۽ انساني تقاضا جي ڪري جيڪڏهن انهن کان
گناهه ٿي به ويندا آهن ته توبه ۽ استغفار ڪندا رهندا آهن.
حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي رحه حجة الله البالغة ۾ هن حديث شريف
جي تشريح ۽ وضاحت ڪندي تحرير فرمائي ٿو ته “الله پاڪ جا نيڪ ۽ صالح ٻانهان رمضان
المبارڪ ۾ چونڪه طاعات ۽ حسنات ۽ نيڪين ۾ مشغول ۽ مصروف هوندا آهن. اهي ڏينهن جو
روزو رکي ڪري ذڪر ۽ تلاوت ۾ گذاريندا آهن ۽ رات جو گهڻون حصو تراويح ۽ تهجد و دعاء
۽ استغفار ۾ گذاريندا آهن ۽ انهن جي انوارات ۽ برڪات کان متاثر ٿي ڪري عام مؤمنين
جون دليون به رمضان المبارڪ ۾ عبادت ۽ نيڪين جي طرف زياده رغبت ۽ گهڻن گناهن کان
پرهيز ۽ ڪناروڪشي اختيار ڪندا آهن، ته اسلام ۽ ايمان جي حلقي ۾ سعادت ۽ تقويٰ جي
ان عمومي رجحان ۽ نيڪي و عبادت جي انهيءَ عام فضا جي پيدا ٿيڻ جي ڪري اهي تمام
طبائع جنهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه به صلاحيت هوندي آهي ته الله پاڪ جي مرضيات ۽ رضامندي
جي طرف مائل ۽ شرو خباثت کان متنفر ٿيندا آهن ۽ پوءِ انهيءَ مبارڪ مهيني ۾ ٿورڙي
نيڪ عمل جي قيمت به الله پاڪ جي طرف کان ٻين ڏينهن جي بنسبت زياده وڌائي ويندي آهي
ته انهن سمورين ڳالهين جو نتيجو هي آهي ته انهن ماڻهن جي لاءِ جنت جا دروازا کلي
ويندا آهن ۽ جهنم جا دروازا انهن جي مٿان بند ڪيا ويندا آهن ۽ شيطان انهن کي
گمراهه ڪرڻ کان عاجز اچي ويندا آهن ۽ اهي بيوس ٿي پوندا آهن. (حجة الله البالغة)
شاهه صاحب جي تشريح ۽ وضاحت جي مطابق جنت ۽ رحمت جا دورازا کلي وڃڻ ۽
دوزخ جي دروازن جو بند ٿي وڃڻ ۽ شيطانن جي مقيد ٿيڻ جو تعلق صرف انهن اهلِ ايمان
سان آهي جيڪي رمضان المبارڪ ۾ خير ۽ سعادت حاصل ڪرڻ جي طرف مائل هوندا آهن ۽ رمضان
المبارڪ جي رحمتن ۽ برڪتن کان مستفيد ٿيڻ جي لاءِ عبادت ۽ اطاعت کي پنهنجو مشغلو
بڻائيندا آهن. باقي رهيا ڪافر ۽ خدا ناشناس ماڻهو جيڪي رمضان المبارڪ ۽ ان جي
احڪامات و برڪات سان ڪوئي تعلق ۽ مطلب ئي نٿا رکن ۽ ان جي اچڻ سان انهن جي زندگين
۾ ڪائي تبديلي نه ايندي آهي، ته ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي خوشخبري ۽ بشارتن جو انهن
سان ڪوئي تعلق ئي نه آهي.
هن حديث شريف ۾ ٻيو ارشاد فرمايو ويو آهي ته “دوزخ جا دروازا بند ڪيا
ويندا آهن” يعني هن ڳالهه جي طرف اشارو ڪرڻ مقصود آهي ته روزيدار اهڙن ڪمن کان
بچندو رهندو آهي جيڪي دوزخ ۾ داخل ٿيڻ جو سبب بڻجندا آهن ۽ اها ڳالهه ظاهر آهي ته
روزيدار ڪبيره گناهن کان محفوظ ۽ مامون رهندو آهي ۽ ان جا جيڪي صغيره ۽ ننڍا گناهه
هوندا آهن اهي ان جي روزي جي برڪت سان بخشيا ويندا آهن.
۽ هن حديث شريف ۾ هي جملي به ارشاد فرمايو ويو آهي ته ”جنت جا تمام
دروازا کوليا ويندا آهن.“ يعني هي ان ڳالهه جي طرف اشارو آهي ته ٻانهي کي انهن نيڪ
۽ سٺن ڪمن جي توفيق عطا ڪئي ويندي آهي جيڪي جنت ۾ داخل ٿيڻ جو ذريعو ۽ سبب هوندا
آهن.
۽ وڌيڪ هن حديث شريف ۾ فرمايو آهي ته ”الله پاڪ جي طرف متوجه ٿيو ۽
برائي کان باز اچو.“ ان جو مطلب هي آهي ته خدا جي بندگي، ان جي عبادت ۽ ان جي رضا
و خوشنودي وارن ڪمن ۾ زياده کان زياده مشغول رهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ڇو جو هي وقت
اهڙو آهي جو اگر ٿورڙو به نيڪ ڪم ڪيو وڃي ته ان جو به ثواب ملندو آهي ۽ معمولي
درجي جي نيڪي به سعادت ۽ نيڪ بختيءَ جي مٿاهين درجي تي پهچائيندي ۽ گناهن جي رستي
کي ڇڏي ڪري نيڪيءَ جي رستي کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪيل گناهن کان توبه ڪئي
وڃي ۽ انسان خدا جي طرف متوجه ٿي وڃي ڇو جو اهو دعاء جي قبوليت ۽ مغفرت جو بهترين
وقت آهي.
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ قَالَ قَالَ ۔ رَسُوۡلُ اللہِ صَلی اللہ علیہ
وسلم إِذَا دَخَلَ رَمَضَانُ فُتِّحَتْ أَبْوَابُ الْجَنَّةِ وَغُلِّقَتْ
أَبْوَابُ النَّارِ وَصُفِّدَتِ الشَّيَاطِينُ ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب ھل
یقال رمضان او شھر رمضان و من رای کلہ الخ ج 1 ص 255۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب
فضل شھر رمضان ج 1 ص 198۔ سنن ابن ماجۃ
باب ماجاء فی فضل شھر رمضان ص 119۔120)
”حضرت ابو هريرة ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جڏهن رمضان شريف جو مهينو شروع ٿيندو آهي ته
جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن ۽ دوزخ جا درواز بلند ڪيا ويندا آهن ۽ شيطانن کي
قيد ڪيو ويندو آهي.“
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment