ڦڦڙ (Lungs)

ڦڦڙ (Lungs)
ڦڦڙ (Lungs) ساھ کڻڻ وارن عضون ۾ سُڌريل ۽ مڪمل ترقي يافته آھن. جيڪي خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ رھندڙ جانورن ۾ ٿين ٿا جھڙوڪ پکي، ايمفيبيا، رئپٽائيلس، انسان وغيرھ ھوا مان ڦڦڙن وسيلي ساھ کڻن ٿا.

ڏيڏر جا ڦڦڙ ھڪ کوکلي ڇُڳي جھڙو جوڙو آھن جيڪي پيٽ اندر لٽڪيل رھن ٿا. انھن جو اندريون تَھُ ويڙھيل ۽ ھڪ مخصوص پاڻياٺ ميوڪس (Mucus) سان ڀريل ھوندو آھي. ان ۾ ڪيتريون ئي رت جون وار نليون (Blood Capillaries) آھن، ھر ڦڦڙ مان ننڍي نالي برونڪس (Bronchus) نڪري ٿي پئي برونڪائي ملي ٽريڪيا (Trachea) ٺاھن ٿيون جيڪا مٿئين پاسي فيرنڪس (Pharynx) سان ڳنڍيل آھي. ڏيڏر ۾ ڳياڙي جي ھيٺ مٿي ٿيڻ سان ھوا جي اچ وڃ (Ventilation) ٿيندي رھي ٿي.

پکين ۾ ڦڦڙ ننڍا ۽ ڳتيل نموني ٿين ٿا جيڪي ڪيترن ئي شاخن ۾ ورھايل ھوا جي نالين (Bronchioles) جا ٺھيل ھوندا آھن انھن نالين کان وڌيل وري ڊگھين سنھين ڀتين واريون ھوائي ڳوٿريون (Air Sacs) ھونديون آھن جن ۾ موجود نالين جي مدد سان گئسن جي مٽاسٽا ٿيندي آھي.

ڪرڙين ۽ نانگن ۾ ڦڦڙن جي اندر ڪافي پيچيدا قسم جا تَھَ ٿين ٿا. مئملس جا ڦڦڙ لچڪدار ٿين ٿا اھي ايترا ته ڪم ۾ اڳڀرا آھن جو گھٽ ۾ گھٽ پاڻي ۽ گرمي ضايع ڪرڻ سان گئسن جي مٽاسٽا ڪري سگھن ٿا.

بڪ ڦڦڙ (Book Lungs)
ھي ڦڦڙن جا ڇڳا ٿين ٿا جيڪي خشڪيءَ تي رھندڙ جانورن آرٿروپوڊس جھڙوڪ وڇون ۽ ڪوريئڙن ۾ ٿين ٿا. ھر ھڪ بڪ ڦڦڙ ۾ ھڪ سڪڙيل ڇُڳي جھڙو خال ٿئي ٿو جنھن ۾ ڪيترائي ڀتين جھڙا تَھَ ليميلا (Lamellae) ٿين ٿا، جيڪي خانن جي اندرين پاسي سان ڳنڍيل ھوندا آھن انھن جي ترتيب بڪ جي پنن جھڙي ٿئي ٿي جيڪا اندران کوکلي ٿيندي آھي جتي رت وھي ٿو. جڏھن ته انھن جي وچ ۾ وٿيون ھوا سان ڀرجي وڃن ٿيون ته جيئن ليميلا جي سنھڙين ڀتين يا تهن مان گئسن جي مٽاسٽا ٿي سگھي.


Back to Index



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت