جي جي ٽرويلرز جو سهڻو نوجوان: جنيد ڏهر
جي جيJ.J ٽريول ائِنڊ
ٽوئر ايجنسي جي روح روان محترم جنيد ڏهر جا لک قرب جو هن نيپال گهمائي اچڻ کان
پوءِ وري اسان کي ٻيهرگڏ ڪري، دنيا جا ٻه خوبصورت ملڪ مالديپ ۽ سري لنڪا گهمائڻ وٺي
هلي ٿو. جنيد جي ڪوشش هوندي آهي ته هو سفر ۾ ٿيندڙ خرچ کي گهٽائي ۽ بچائي. جيترو ٿي
سگهي گهمائي، ڦيرائي رولاڪيون ڪرائي، ٿڪائي ٻيهر هوٽل تي آڻي رهائي. هن جي اها به
جستجو هوندي آهي ته زيرو پوانٽ کان گهڻو پري نه وٺي وڃي، ڇو ته جيترو گهڻو پري وٺي
ويندو، ان ۾ مسافر جو سفري خرچ به وڌي ويندو ۽ ٿڪاوٽ جو شڪار به ٿيندو. پوءِ هن کي
بچندو ڇا. مان سمجهان ٿو هر وڻجارو اهو چاهيندو آهي ته هن کي ٻه روپيا بچن.
ظاهر آهي ته هو اسان سان گڏ هلي ٿو، اسان کي پنهنجو
ٽائيم ڏيئي ٿو، پنهنجو ڪاروبار، گهر گهاٽ ڇڏي، اسان کي ڪمپني ڏيئي ٿو ته ان ۾ هن
جو حق آهي ته هو پنهنجو خرچ به ڪڍي ۽ ان کان علاوه هن کي ڪجهه پئسا به ضرور بچڻ
گهرجن. هن دور ۾ مفت ۾ ڪير سروس ڏيندو. هو اسان جو ڀائرن جهڙو دوست آهي. پر هي هن
جو ڌنڌو آهي، هن جي روزي آهي. ان ڪري هو چاهيندو ته ٻه روپيا هن کي بچن. ان حساب
سان هو سهي آهي. اسان هن سان مطمئن آهيون. پر هن جي مينيجمينٽ واري طريقي تي ڪن
دوستن کي اعتراض آهي. يا کڻي چئجي ته اهي هجتن ۾ جنيد کي چون ٿا، جيڪو مان سمجهان ٿو
ته هر ڪسمٽر جو حق هوندو آهي.
دوست ان خيال جا آهن ته
طعام ۽ قيام جي لاءِ سٺي هوٽل هجي، ڀلي اها فائيو اسٽار نه هجي، پر ڪنهن نه ڪنهن
اسٽار ۾ هجي ۽ سٺي رينڪنگ ۾ ته اچي، پر جيڪا هوٽل رينڪنگ ۾ نه اچي ان ۾ رهڻ ڪٿان
جي سياڻپ آهي. دوستن کي ڪڏهن به ان ڳالهه تي اعتراض نه هوندو آهي، هو ڀلي اسان جي
پيڪيج کي جيئن وڻيس تيئن ٺاهي، پر جيڪا هوٽل بوڪ ٿيڻ گهرجي، پوءِ اها ئي ٿئي، ان
کان گهٽ معيار واري هوٽل نه هلندي ۽ کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪرڻ ۽ گهمائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي
ڪا به سستي نه ڪري. ڇوته هن مهل گوگل جو دور آهي، هر شيءَ جون قيمتون لکيل آهن، هر
معياري، ٿري، فور، ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جا اگهه صاف واضح آهن. جن ۾ ناشتو به شامل
هوندو آهي. جيتوڻيڪ ٽرانسپورٽ جو معيار هن برقرار رکيو آهي. ان ۾ هو ڪوشش ڪندو آهي
ته ٽرانسپورٽ سٺي ۽ معياري هجي. ان مد ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب به ويو آهي. اصل
۾ جنيد ڪاروباري ماڻهو آهي. فقط جنيد نه پر حقيقت ۾ اسان سڀ ڪاروباري ماڻهو آهيون.
جنيد جي ٻي خوبي به آهي ته هن ۾ ڪنهن به قسم جي هٺ،
غرور، وڏائي ۽ آڪڙ نه آهي. سدائين مهربان دوستن سان ڪوآپريٽو رهندو آهي. هن وڏا وڏا
پيڪيج به ڪيا. جن ۾ هو 100 سو سو ماڻهو به ٽرپ ۾ وٺي ويو. هر ماڻهو جو مزاج الڳ الڳ
هوندو آهي. سڀني ماڻهن جا انگل، نخرا سهڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. پر
پوءِ به هن جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن به سياح دوست کي تڪيلف نه اچي ۽ هو آخر
تائين پاڻ نڀائيندو آهي.
مان پنهنجي ڳالهه ڪندس ته سچ ته جنيد جي ڪمپني ۾
سفر جو مزو به هوندو آهي ته مذاق مستيون به. هن سان دوست دل کولي چرچا به ڪندا
آهن، پر هن ڪڏهن به دل ۾ نه ڪيو ۽ نه ئي انهن کي ان چرچي جي جواب ۾ ڪو چرچو هڻندو
آهي. هو ان ڳالهه کي کلي ٽاري ڇڏيندو آهي. خاص ڪري هن جا لفظ هوندا آهن ته ”ڀلي ڪيو
ابا، توهان جي مرضي“. سو جنيد جي قرب ۾ ڪشش آهي ۽ محبتن ۾ ميٺاج آهي. هن بنا سفر اڌورو
هوندو آهي. ڇو ته هن جي شخصيت ۾ قدرت اهڙي مقناطيسي ڇڪ ۽ ڪشش رکي آهي، جيڪا سڀني
کي هن ڏي ڇڪي اچي ٿي. اهڙي محبوب ماڻهو کي ”مالديپ ۾ مانڊاڻ“ مچائڻ تي مان هن جو
دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment