کير پيارڻ جا قائدا


Page # 2

کير پيارڻ جا قائدا
جيڪڏھن ٻار ڄمڻ کان پوءِ ڪجھ ڪلاڪ ماءُ جو کير نه پئي ته اھو ھن لاءِ نقصانڪار نٿو ٿئي، پر بھتر اھو آھي ته ٻار جي پئدائش جي ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ پنجن منٽن لاءِ ان کي ماءُ جي سيني سان لڳايو.
پھرين چوويھن ڪلاڪن ۾ ٽي ڀيرا ۽ ٻين چوويھن ڪلاڪن ۾ چار ڀيرا ائين ڪريو. اڪثر کير ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻ لڳندو آھي. پر انھيءَ سان ھي فائدو ٿيندو آھي ته کير وقت تي لھي ايندو آھي. ٻار کير چوسڻ سکندو آھي. تنھن کانسواءِ ڪجھ ڦڙا (ڪوليسٽرم) پيئي وٺندو آھي، جيڪو ملين (جلاب آڻيندڙ) ھوندو آھي ۽ ھن جا آنڊا صاف ڪري ڇڏيندو آھي.
ٽئين ڏينھن جڏھن کير لھي اچي ته ٻار کي مقرر وقت تي ڏينھن جي وقت ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ۽ رات جو چئن چئن ڪلاڪن کان پوءِ کير پيارڻ گھرجي پر کير پيارڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڇاتين کي صاف پاڻي سان ڌوئڻ گھرجي. ٻار کي ھميشھ مناسب وقفي کان پوءِ کير پيارڻ گھرجي. ھر ھر کير پيارڻ سان ھن جي صحت بگڙي ويندي آھي. جيئن جيئن ٻار جي عمر وڌندي رھي تيئن تيئن کير پيارڻ جو وقفو به وڌائڻ گھرجي.
ھيٺ ھڪ جدول ذريعي ٻارن کي کير پيارڻ جي وقتن جي عمر جي لحاظ کان درجي بندي ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ڪن حالتن ۾ مناسب ترميم مفيد ھوندي آھي.
مٿين جدول مطابق کير پيارڻ جا وقت ڪجھ ھن طرح جا ٿيندا صبح ستين بجي. پوءِ شام ستين بجي. پوءِ يارھين بجي پوءِ صبح چئين بجي. ٻار پنجن منٽ کان پندرھن ويھن منٽن تائين کير پيئندو آھي. سراسري ھو ڏھ يارھن منٽ کير پيئڻ ۾ وٺندو آھي. کير واري واري سان ٻنھي ٿڻن مان پيارڻ گھرجي.

کير پيئارڻ واري مدي ۾ غذا
کير پيئارڻ جي عرصي کي زمانه رضاعت چيو ويندو آھي، ان عرصي ۾ کير پيارڻ واري عورت جي غذا جو خاص خيال رکڻ گھرجي. ھن جي غذا عمدي، سادي، لطيف، معتدل ۽ ھضم ٿيڻ واري ھئڻ گھرجي ھن کي کير، ڌونئرو، مکڻ چٽي مقدار ۾ ۽ گوشت اعتدال سان ڏيڻ گھرجي. ميھا، ڪدو، پالڪ وغيرھ ڀاڄيون ۽ صوف ناسپتي، انگور آلو بخارا وغيرھ ميون جو گھڻو استعمال ڪرڻ گھرجي، سي باري ڳريون ۽ غليظ گرم شيون واٽڻ، پٽاٽا، گوبي، پتائي گجر وغيرھ گھڻيون گرم شيون دال، مسور، کجور وغيرھ ڳاڙھا مرچ ۽ تيز مصالھ گھڻيون مٺيون شيون ڳڙ ۽ مٺائين جي گھڻي واپرائڻ ۽ گھڻين کٽن شين آچار وغيرھ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي.
ھڪ سرندي واري گھراڻي جي کير پيارڻ واري عورت جي غذا جو چارٽ ھن قسم جو ھئڻ گھرجي.

ناشتو:
کير، مکڻ، ڦلڪو يا ٽوش، بيضو، مغز بادام، صوف جو مربو يا گجرن جو حلوه وغيرھ.

منجھند جي ماني:
ڦلڪو، گوشت، تازيون ڀاڄيون، موسمي، ميھا، سلاد، حلوھ وغيرھ.

ٽپھر:
کير يا تازي کير جي چانھ، ٽوش، مکڻ، بيضا وغيرھ.

رات جي ماني:
ڦلڪو، ٻڪري جو گوشت يا پکين جو گوشت، ڀاڄيون ميوا جيڪڏھن رات جو کاڌو جلد کاڌو وڃي ته سمھڻ مھل ھاضمي پٽاندر گرم کير جو استعمال ڪرڻ گھرجي.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت