احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
-------
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
یٰا أَيُّهَا الَّذِينَ
ءَامَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِينَ مِن
قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ ﴿١٨٣﴾
أَيَّامًا مَّعْدُودَاتٍ
فَمَن كَانَ مِنكُم مَّرِيضًا أَوْ عَلَى سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِّنْ أَيَّامٍ أُخَرَ
وَعَلَى الَّذِينَ يُطِيقُونَهُ فِدْيَةٌ طَعَامُ مِسْكِينٍ فَمَن تَطَوَّعَ
خَيْرًا فَهُوَ خَيْرٌ لَّهُ وَأَن تَصُومُواْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
﴿١٨٤﴾
(سورۃ البقرۃ الجزء 2 رقم الآیۃ 183-184)
”اي ايمان وار توهان تي
روزا فرض ڪيا ويا آهن جهڙيءَ طرح توهان کان پهرين (امتن جي) ماڻهن تي فرض ڪيا ويا
هئا،
انهيءَ اميد تي ته توهان (روزن جي ڪري آهستي آهستي) متقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو. ٿورڙا ڏينهن روزا رکندا ڪريو (انهن ٿورڙن ڏينهن مان مراد رمضان المبارڪ آهي جيئن اڳين آيت شريف ۾ آيل آهي) پوءِ (ان ۾ به ايتري آساني آهي جو) جيڪو شخص توهان مان (اهڙو) بيمار هجي (جو انهن جي لاءِ روزا رکڻ مشڪل يا مضر هجن) يا (شرعي) سفر ۾ هجي ته (ان کي رمضان المبارڪ جي روزن جي نه رکڻ جي اجازت آهي ۽ اهو رمضان المبارڪ جي بجاءِ) ٻين ڏينهن جي (ايتري ئي) تعداد (ڳڻي ان ۾ روزا رکڻ ان تي لازم ) آهي ۽ (ٻي آساني جيڪا بعد ۾ منسوخ ٿي چڪي آهي اها هي آهي ته) جيڪي ماڻهون روزي رکڻ جي طاقت رکندا هجن (۽روزي رکڻ جي لاءِ دل نه چاهي ته) انهن جي ذمي (صرف روزي جو) فديو (يعني روزي جو بدلو ۽ عوض) آهي ته اهو غريب کي کاڌو (کارائڻ يا ڏيڻ) آهي ۽ جيڪو شخص خوشيءَ سان (زياده) خير و خيرات ڪري ( جو زياده فديو ڏيئي) ته اهو ان شخص جي لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. ۽ اگرچه اسان آسانيءَ جي خاطر انهن حالتن ۾ روزي نه رکڻ جي اجازت ڏني آهي، ليڪن) توهان جو روزو رکڻ (انهيءَ حالت ۾ به) وڌيڪ بهتر آهي اگر توهان (کي ڪجهه روزن جي فضيلت جي) خبر آهي“
انهيءَ اميد تي ته توهان (روزن جي ڪري آهستي آهستي) متقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو. ٿورڙا ڏينهن روزا رکندا ڪريو (انهن ٿورڙن ڏينهن مان مراد رمضان المبارڪ آهي جيئن اڳين آيت شريف ۾ آيل آهي) پوءِ (ان ۾ به ايتري آساني آهي جو) جيڪو شخص توهان مان (اهڙو) بيمار هجي (جو انهن جي لاءِ روزا رکڻ مشڪل يا مضر هجن) يا (شرعي) سفر ۾ هجي ته (ان کي رمضان المبارڪ جي روزن جي نه رکڻ جي اجازت آهي ۽ اهو رمضان المبارڪ جي بجاءِ) ٻين ڏينهن جي (ايتري ئي) تعداد (ڳڻي ان ۾ روزا رکڻ ان تي لازم ) آهي ۽ (ٻي آساني جيڪا بعد ۾ منسوخ ٿي چڪي آهي اها هي آهي ته) جيڪي ماڻهون روزي رکڻ جي طاقت رکندا هجن (۽روزي رکڻ جي لاءِ دل نه چاهي ته) انهن جي ذمي (صرف روزي جو) فديو (يعني روزي جو بدلو ۽ عوض) آهي ته اهو غريب کي کاڌو (کارائڻ يا ڏيڻ) آهي ۽ جيڪو شخص خوشيءَ سان (زياده) خير و خيرات ڪري ( جو زياده فديو ڏيئي) ته اهو ان شخص جي لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. ۽ اگرچه اسان آسانيءَ جي خاطر انهن حالتن ۾ روزي نه رکڻ جي اجازت ڏني آهي، ليڪن) توهان جو روزو رکڻ (انهيءَ حالت ۾ به) وڌيڪ بهتر آهي اگر توهان (کي ڪجهه روزن جي فضيلت جي) خبر آهي“
هن آيت شريف ۾ روزن جي
فرضيت جو حڪم مسلمانن کي هڪ خاص مثال سان ڏنو ويو آهي، حڪم سان گڏ هي به ذڪر
فرمايو ويو ته اها روزي جي فرضيت صرف توهان سان خاص نه آهي، بلڪه پهرين امتن تي به
روزا فرض ڪيا ويا هئا، ان مان روزي جي خاص اهميت به معلوم ٿئي، ۽ مسلمانن جي
دلجوئي جو به انتظام ڪيو ويو ته روزو اگرچه مشقت واري شئي آهي، مگر اها مشقت توهان
کان پهريان ماڻهون به برداشت ڪري چڪا آهن اها طبعي ڳالهه آهي ته جڏهن مشقت برداشت ڪرڻ
۾ گهڻا ماڻهو مبتلا هجن ته اها هلڪي معلوم ۽ محسوس ٿيندي آهي.
هن آيت شريف جا الفاظ آهن.
“الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ” ان مان مراد حضرت آدم عليم السلام کان وٺي حضرت محمد ﷺ
جن تائين تمام شريعتون ۽ امتون آهن، ان مان معلوم ٿيو ته جهڙي طرح نماز جي عبادت
کان ڪائي به شريعت ۽ امت خالي نه رهي آهي اهريءَ طرح روزا به هر شريعت ۾ فرض رهيا
آهن. هن آيت شريف ۾ صرف ايترو بيان ڪيو ويو آهي ته روزا جهڙي طرح مسلمانن تي فرض ڪيا
ويا آهن، پهرين امتن تي به ائين ئي فرض ڪيا ويا هئا، ان سان اهو لازم نه ٿو اچي ته
پهرين امتن جا روزا تمام حالات و صفات ۾ مسلمانن جي روزن جي برابر هجن، مثلآ روزن
جي تعداد، روزن جي اوقات جي تحديد، ۽ هي ته ڪهڙن ڏينهن ۾ روزا رکيا وڃن، انهن امور
۾ اختلاف ۽ فرق ٿي سگهي ٿو، چنانچه حقيقت به ائين ئي آهي، جو روزن جي تعداد ۾ به ڪمي
پيشي ۽ گهٽ وڌائي ٿيندي رهي، ۽ روزن جي ڏينهن ۽ اوقات ۾ به فرق ٿيندو رهيو آهي. ۽
هن آيت شريف جي آخر ۾ فرمايو ويو ته توهان تي روزن جي فرضيت ان ڪري ڪئي ويئي ته
جيئن اوهين متقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو، ان مان انهيءَ ڳالهه جي طرف اشارو آهي ته
تقويٰ جي قوت ۽ طاقت حاصل ڪرڻ ۾ روزي جو وڏو عمل دخل آهي، ڇو جو روزن سان پنهنجي
خواهشات کي قابو ۾ رکڻ جو هڪ ملڪو ۽ صلاحيت پيدا ٿيندي آهي، اها ئي تقويٰ ۽
پرهيزگاريءَ جي بنياد آهي.
هن کان اڳين آيت شريف ۾
بيمار ۽ مسافر جي متعلق احڪامات کي بيان ڪيو ويو آهي ته مريض ۽ بيمار جنهن کي روزن
رکڻ سان ناقابل برداشت تڪليف پهچي يا مرض ۽ بيماريءَ جي وڌي وڃڻ جو قوي خدشو هجي
ته اهو افطار ڪري ۽ في الحال روزا نه رکي. اهڙيءَ طرح مسافر جي احڪامات کي به بيان
ڪيو ويو آهي ته اهو سفر جي دوران روزن رکڻ جي بجاءِ افطار ڪري، ۽ سفر مان مراد سفر
شرعي آهي يعني ڪم از ڪم اٺيتاليهه (48) ميلن جي فاصلي تائين سفر ڪرڻ جو ارادو هجي
ته اهو افطار ڪري سگهي ٿو.
اڳتي فرمايو ويو آهي ته
مريض ۽ مسافر کي پنهنجي فوت ٿيل روزن جي تعداد جي برابر ٻين ڏينهن ۾ روزا رکن ۽
اهي روزا ان تي لازم ۽ واجب آهن ليڪن قضا ڪرڻ ان وقت ضروري آهي جڏهن مريض کي
تندرستيءَ کان پوءِ ۽ مسافر مقيم ٿيڻ کان پوءِ ايترن ڏينهن جي مهلت ملي جو انهن کي
قضا ڪري سگهي، اگر ڪوئي شخص ايترن ڏينهن ملڻ کان پهريائين فوت ٿي ويو ته پوءِ ان
تي قضا يا فديي جي وصيت ڪرڻ لازم نه آهي.
هن آيت شريف ۾ اڳتي روزن
جي فديي جو ذڪر آهي ۽ فرمايو ويو آهي ته “جيڪي ماڻهو روزي رکڻ جي طاقت رکندا هجن
انهن جي ذمي فديو آهي ته اهي هڪ غريب کي کاڌو کارائين” اهو حڪم ابتداءِ اسلام ۾
هيو جڏهن ماڻهن کي روزن جو عادي بڻائڻ مقصود هيو، ان کان جيڪا آيت اچڻ واري آهي ان
جي ذريعي هئي حڪم عام ماڻهن جي حق ۾ منسوخ ڪيو ويو. هاڻي اهو حڪم با جماع امت صرف
اهڙن ماڻهن جي حق ۾ باقي آهي جيڪي انتهائي پوڙها هجن يا اهڙا بيمار هجن جو هاڻي
انهن جي صحت ۽ تندرستيءَ جي اميد ئي باقي نه رهي هجي ته اهڙا ماڻو فديو ادا ڪري
پنهنجي ذمي تان فرض کي لاهي ۽ ختم ڪري سگهن ٿا.
جوامع ۽ سنن جي روايت آهي
ته حضرت سلمه بن اڪوع ؓ نقل فرمائي ٿو ته
جڏهن هيءَ آيت “وَعَلَى الَّذِينَ يُطِيقُونَهُ” نازل ٿي ته اسان کي اختيار ڏنو
ويو هيو ته جنهن جي دل چاهي ته روزا رکي ۽ جنهن جي دل چاهي ته روزن جي بجاءِ انهن
جو فديو ادا ڪري، پوءِ جڏهن ٻي آيت “فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهْرَ فَلْيَصُمْهُ”
نازل ٿئي ته اهو اختيار ختم ڪيو ويو ۽ طاقت و قدرت رکڻ وارن جي مٿان روزا رکڻ ئي
لازم قرار ڏنو ويو.
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment