سائين قاسمي صاحب وِڇڙيو آهي پر وسريو ناهي - مولانا محمد قاسم سومرو صاحب


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

----------------------
مولانا محمد قاسم سومرو صاحب
 ----------------------
موت العالم موت العالم
سائين قاسمي صاحب وِڇڙيو آهي پر وسريو ناهي
تقريبآ 14 ذوالقعده 1381هه مطابق 20 اپريل 1962ع تي ٻير شريف ۾ استاذي و مرشدي ــ مرشد الموحدين حضرت سائين عبدالڪريم صاحب قريشي رحمه الله جن وٽ ٻير شريف ۾ پڙهي رهيا هئاسون ته: حضرت جن وٽ تار پهتي ته حضرت سائين حماد الله صاحب هاليجي شريف وارا وفات فرمائي ويا. اها تار حضرت سائين ٻير شريف وارن وٽ ٻه ڏينهن دير سان پهتي هئي. تڏهن حضرت سائين جن جنازي نماز تي هاليجي شريف پهچي نه سگهيا هئا.

ان وقت مدرسي جي تعليم سان گڏ سنڌي ادب جي پڙهڻ جو شوق پڻ رکندو هوس. ڪيترن مشهور سنڌي ليکڪن ۽ اديبن جا مضمون پڙهندو هوس ۽ ماهنامه نئين زندگي رسالو پڻ هٿ ڪندو هوس.
سيپٽمبر 1962 جو نئين زندگيءَ جو پرچو مليو ته ان ۾ هڪ مضمون پڙهيم. عنوان هوس موت العالم موت العالم
اهو مضمون حضرت سائين ٻير شريف وارن جي استاد حضرت مولانا سائين غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي جن جو لکيل هئو ۽ مضمون ۾ حضرت سائين هاليجي شريف وارن جي وفات حسرت آيات جي موقعي تي سندن زندگيءَ جو ڪافي احوال لکيل هو. جيتوڻيڪ ان مضمون پڙهئي اڌ صدي کن گذري چڪي آهي پر مضمون جو عنوان مون کان نه وسريو آهي. موت العالم موت العالم يعني هڪ عالم جو موت جهان جو موت آهي. اهو جملو عربيءَ ۾ چوڻي آهي. حضرت سائين غلام مصطفي صاحب قاسمي جن مضمون ۾ مٿين ڪهاوت جي سمجهاڻي ڏيندي لکيو هو ته
علامه ڪمال الدين دميري، بني اميه جي عادل خليفي عمر بن عبدالعزيز رحه جو هڪ خواب نقل ڪيو آهي ته هن حجاج بن يوسف کي خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس عالم مثال جي خبر چار پڇيائين، جنهن تي ان جواب ڏنو ته منهنجي هٿان جيڪو به ماڻهو ناحق ماريا ويا. انهن مان هر هڪ ناحق خون جي مون کي هڪ ڀيرو سزا ڏني ويئي، پر سعيد بن جبير جي ناحق خون وهائڻ ڪري ستر ڀيرا سزا طور مون کي قتل ڪيو ويو آهي.
سعيد بن جبير هڪ وڏو اهل الله ۽ تابعي بزرگ هو ۽ آخري مظلوم هو، جنهن کي حجاج بن يوسف پنهنجي پوئين دور حڪومت ۾ گرفتار ڪري مارائي ڇڏيو هو. مٿين خواب کي علامه دميري نقل ڪندي هڪ شبهو ۽ اعتراض اٿاريو آهي ته سعيد بن زبير هڪ تابعي بزرگ هو. ٻئي پاسي حجاج ته صحابين کي به قتل ڪرائي چڪو هو، جيئن عبدالله بن زبير کي سڌيءَ طرح ۽ عبدالله بن عمر کي اڻ سڌيءَ طرح مارائي ڇڏيو هئائين ۽ ٻيا به گهڻائي اهل الله ان جي سفاڪ هٿن کان بچي نه سگهيا هئا، تڏهن حضرت سعيد بن جبير جي قتل واري سزا ٻين کان ڇو وڌي ويئي؟
هن شبهي کي اٿاريندي ان جو جواب به پاڻ ئي علامه دميري هن طرح ڏنو آهي ته جنهن دور ۾ حضرت سعيد بن جبير کي شهيد ڪيو ويو هو، ان دور ۾ هن بزرگ ۽ ولي الله جي پايي جو ٻيو ڪوبه اهل الله ڪونه هو، جو سندس جاءِ ڀري سگهي. کانئس اڳ جيتوڻيڪ ٻيا به گهڻائي مظلوم ماريا ويا، پر انهن جي عالم ــ بالا ڏانهن اسرڻ کان پوءِ ڪو ٻيو بزرگ انهن جي جاءِ ڀريون بيٺو هو، تڏهن حضرت سعيد ۽ اڄ کان ڏهه سال کن اڳ استاد العلماء حضرت سائين غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي جن 15 شعبان 1424هه مطابق 9 ڊسمبر 2003 تي وفات ڪئي ۽ تعزيتي نوٽ لاءِ منهنجي آڏو بوڪ رکيو ويو .مون اتي حضرت سائين قاسمي صاحب جن جو چاليهه سال کن اڳ جو لکيل عنوان مٿان لکيو پوءِ ڪجهه لکيم
۽ هاڻي حضرت سائين عبدالغفور صاحب قاسمي جن جي وفات وقت به مون کي ساڳيو جملو ياد اچي رهيو آهي: موت العالم موت العالم ڇو ته منهنجي سمجهه مطابق هن دور ۾، ايڏي علم ۽ حلم جو صاحب مشڪل ملي جيڪو سائين قاسمي صاحب جن جي جاءِ ڀري سگهي.
اهو ته ٿيو پهاڪو پر مسند البزار جي حوالي سان ڪنز العمال ج 10 حديث 28760 لکيل آهي. حضرت بي بي عائشه رضي الله عنها کان حديث مروي آهي ته: موت العالم ثلمۃ فی الاسلام لا تُسَد ما اختلف اللیل والنھار
يعني هڪ عالم جي وفات سان اسلام ۾ اهڙو خال پيدا ٿئي ٿو جو ڪيتري وقت تائين اهو خال ڀرجي نه ٿو سگهي.
حضرت سائين استاد العلماء مرحوم مولانا عبدالغفور صاحب قاسمي جن جي وفات سان اهڙو خال پيدا ٿيو آهي. جنهن جو ڀرجڻ في الحال مشڪل پيو نظر اچي. البت الله تعاليٰ ڪريم آهي ان آڏو ڪو ڪم مشڪل ڪونهي.
انا للہ وانا الیہ راجعون
پاڻ تي الله تعاليٰ جو احسان ٿو سمجهان جو سائين قاسمي صاحب جن جي وفات کان چار پنج ڏينهن اڳ ۾ ساڻن ملاقات ۽ ڪچهريءَ جو موقعو نصيب ٿيو ۽ ان ڏينهن سجاول ۾ مون ۽ نور چشم مولوي محمد ادريس سومرو سائين قاسمي صاحب جن وٽ حديث جا ڪجهه سبق پڙهي کانئن سند حاصل ڪئي. ان سان اسان کي سندن شاگردي پڻ نصيب ٿي . فلله الحمد
سائين قاسمي صاحب وِڇڙيو آهي پر وسريو ناهي

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت