امتحان دوران لوڊشيڊنگ بابت ايڊيٽر ڏانھن خط


امتحان ھال
1 مئي 2019ع

بخدمت جناب ايڊيٽر صاحب
روزاني ا  ـ ب  ـ د

جناب اعليٰ

مھرباني ڪري ھي چند سٽون پنھنجي نامور اخبار جي ڪالمن ۾ شايع ڪري ڪراچيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شڪرگذاريءَ جو موقعو عنايت ڪندا.

سائين عرض آھي ته اسان جا امتحان ٿي رھيا آھن. ٻئي طرف گرمي به چوٽ تي چڙھيل آھي ۽ ٽئين پاسي K.E.S.C وارا بجلي گھڙي گھڙي بند ڪريو ڇڏين. سائين جن کي خبر آھي ته امتحانن دوران مطالعي جي گھڻي ضرورت ھوندي آھي. بجلي وڃڻ ڪري اسان جي اڀياس تي گھڻو اثر پوي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن امتحان جي دوران بجلي بند ڪري ڇڏيندا آھن. پوءِ ته اسان شاگردن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويندو آھي ڇو ته اسان سوالن جا جواب لکون يا پگھر ويٺا اگھون. اھڙي سخت گرميءَ ۾ اسان کي جيڪو ياد ھوندو آھي سو به وسري ويندو آھي.

سائين توھان جي نامور اخبار جي وسيلي اختياري وارن کي گذارش آھي ته مھرباني ڪري امتحانن دوران شھر جي بجلي بند ڪئي وڃي ته شاگرد آرام ۽ سڪون سان پنھنجا پرچا ياد ڪري سگھن ۽ امتحان ۾ ھل ڪري اچن. اميد اٿئون ته اسان جو آواز K.E.S.C وارا ٻڌندا ۽ امتحان دوران لوڊ شيڊنگ نه ڪندا.

فقط
ڪراچيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون





Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت