قلندر لعل شهباز رح تي نئين سر تحقيق جي ضرورت - ڊاڪٽر مخمور بخاري





قلندر لعل  شهباز رح  تي نئين سر تحقيق جي ضرورت
ڊاڪٽر مخمور بخاري

حضرت قلندر لعل شهباز رح جي اسم گراميءَ کان سنڌ جو هر فرد واقف آهي، کيس ”قلندر لعل شهباز“، ”سيوهاڻي سرڪار“، ”سنڌڙي دا شهباز“، جهڙن لقب القابن سان ياد ڪيو ويندو آهي. قلندر لعل شهباز رح ڏانهن عقيدت جي بنياد تي ئي ڏٺو وڃي ٿو. جيڪي سماج، سياسي ۽ معاشي طرح پُرسڪون نه رهند آهن، انهن سماجن ۾ فرد اندر يا ته بغاوت جا جذبا ڪَرُ کڻندا آهن يا اهي فرد پنهنجي ورثي ۾ مليل برداشت کي سامهون رکندا آهن.


سنڌي سماج به اهڙي صورتحال مان اڄ به گذري رهيو آهي. هن ڏکوئيندڙ صورتحال دوران عام فرد روحاني سلسلن ڏانهن گهڻو راغب رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ اندر تصوف جي تحريڪ هڪ جاءِ تي اچي پنهنجي اصل صورت وڃائي ويٺي ۽ صوفي بزرگن جي پوئنرن درگاهن کي عام جي روحاني آسودگي، شعور ساڃاهه جي ڦهلاءَ جي بجاءِ پنهنجن ذاتي ۽ مخصوص مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. نتيجي ۾ بزرگن ڏانهن هٿ ٺوڪيون ڳالهيون / ڪرامتون منسوب ڪيون ويون، جنهن سبب اولياءِ ڪرام، صوفين ۽ بزرگن جي اصل پيغام ۽ فڪر ڌُنڌ ۾ گم ٿيندو ٿو وڃي. مگر هن صورتحال ۾ مايوس ٿيڻ جي بجاءِ شعور، ساڃاهه، سمجهه رکندڙ فردن / محققن/ اديبن / دانشورن کي پنهنجي قلم جي ڪرت سان صوفياءِ ڪرام جي زندگين توڙي انهن جي فڪر کي ڇنڊي ڦوڪي حقيقي رخ ۾ پيش ڪرڻو پوندو.

قلندر لعل شهباز رح ناميارو عالم دينِ، بزرگ، روحانيت جو صاحب، اهل علم ۽ اهلِ دانش شخص هو. مگر اڄ تائين هن جي سوانح حيات، هن جي تعليم تربيت، علم ۽ فهم جا معاملا، خانداني پس منظر، سنڌ ڏانهن هجرت، سيوهڻ ۾ رهائش سميت ساڻن لاڳاپيل ڪيترائي موضوع ۽ مضمون، مستند ۽ واضع نه ٿيا آهن، سنڌ جي مشاهيرن توڙي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيندڙ جن به ڪتابن ۾ قلندر لعل شهباز رح بابت معلومات درج آهي، افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اها سموري معلومات گهڻي ڀاڱي تضادن سان ڀريل آهي.

ٻولي ۽ ادب جي شاگرد جي حيثيت ۾ هت مختصر طور قلندر لعل شهباز رح بابت ڪن نڪتن جو ذڪر ڪندس جن جو مقصد هن وقت تائين سيوهاڻي سرڪار بابت لکيل مواد جي اهميت يا ان جي مستند هجڻ بابت اسان ڪا حتمي راءِ جوڙي سگهون.

اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته قلندر لعل شهباز رح، آذربائيجان جي هڪ شهر ’مروند‘ مان سنڌ پهتو. تاريخ جي ڪتابن توڙي مشاهيرن جي تذڪرن ۾ سندس نالو شيخ عثمان مروندي رح لکيل آهي. ﺗﺤﻔﺔ الڪرام حدﻳﻗﺔ الاولياء، تذڪره مشائخ سيوستان جي صاحبن اهو ئي نالو ڄاڻايو آهي (1).

ڪنهن به سخصيت بابت ڄاڻڻ وقت سندس جنم تاريخ ۽ خانداني نسب توڙي علمي مرتبو اسان جي سامهون رهندو آهي، مگر قلندر لعل شهباز رح متعلق اهڙي معلومات اختلافن سان ڀريل آهي، جنهن جو هت مختصر احوال ضروري آهي.

ولادت :

قلندر لعل شهباز رح جي ولادت جي تاريخ مختلف تذڪرن ۾ جدا جدا ڄاڻايل آهي. مولانا دين محمد وفائي، ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾ سندن ولادت جي تاريخ ”قلندر نامه“ جي حوالي سان 538هه ڄاڻائي آهي (2). ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنهنجي اردو ڪتاب ”پاکستان مين صوفيانه تحريکين“ ۾ لکي ٿو ته قلندر جي ولادت جي سن ۾ اختلاف آهي، تذڪرن ۾ سندن ولادت جو تاريخون 538هه، 552هه ۽ 573هه ڄاڻايل آهن (3). ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ 583هه ”سوانح قلندر“ ۾ 565هه، ۽ “Hazrat Lal Shahbaz Qalandar of Sehwan Sharif” ڪتاب ۾ 573هه جا سنه ڄاڻايل آهن. البت مشاهيرن جي تذڪرن ۽ تاريخ جي مکيه ڪتابن: تاريخ معصومي، چچ نامه، حدﻳﻗﺔ الاولياء، تذڪره مشائخ سيوستان ۽ ﺗﺤﻔﺔ الڪرام ۾ قلندر لعل شهباز رح جي ولادت جو سن ڄاڻايل ناهي.

نسب نامه :

قلندر لعل شهباز رح جا نسب نامه به مختلف ملن ٿا. مولانا دين محمد وفائي اخبار الاولياء و گنج تاريخ جي حوالي سان هڪ شجرو ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ درج ڪيو آهي. جنهن موجب نائين پيڙهي ۾ قلندر رح جو تعلق حضرت امام جعفر صادق سان جڙي ٿو (4). جڏهن ته ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي صاحب هڪ ٻيو شجر درج ڪيو آهي، جنهن موجب يارنهين پيڙهيءَ ۾ قلندر رح جو تعلق حضرت امام جعفر صادق سان جڙي ٿو (5). جڏهن ته وچ وارن پيڙهين جا نالا ٻنهي شجرن ۾ تبديل آهن. ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ پڻ ”تذڪره مشائخ سيوستان“ وارو شجرو درج ٿيل آهي.
ﺗﺤﻔﺔ الڪرام“ ۾ پڻ قلندر رح جو نسب حاشيي ۾ ڄاڻايل آهي (6).

تعليم وتربيت :

قلندر رح جي تعليم ۽  تربيت بابت ڪابه خاطر خواهه ڄاڻ نه ٿي ملي. البت مختلف ڪتابن ۾ کيس قرآن پاڪ جو حافظ ۽ عربي، فارسي جي ڄاڻ رکندڙ ڄاڻايو ويو آهي.

مريدي اختيار ڪرڻ :

هن سلسلي ۾ پڻ ڪا حتمي راءِ موجود ناهي. ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي لکت موجب قلندر لعل شهباز رح سنه بلوغت کي رسڻ بعد خواجه منصور جي خدمت ۾ رهي فيض پرايو. جنهن کان پوءِ حضرت جمال مجرد (مريد شيخ ابراهيم) جي بيعت ڪري هڪ سال جو عرصو وٽس گذاري ڪماليت تي پهچي اجازت ورتائين (7). پر ڪن جاين تي قلندررح،
بابا شيخ ابراهيم جو مريد ته ڪن جاين تي حضرت شيخ بهاوءالدين ملتانيءَ جو مريد ڏيکاريل آهي (8).

سيرو وتفريح :

ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جي لکت موجب ڪماليت تي پهچڻ بعد سيروسياحت لاءِ نڪتو، اسلامي دنيا جي گهڻائي ملڪ گُهمي ڏٺائين. ڪعبت الله وڃي حج ادا ڪيائين. بغداد مان ٿيندو ڪيچ مڪران جي رستي کان سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌ جا مختلف علائقا گهمي ڏٺائين. ان کان سواءِ دين جي تبليغ لاءِ ملتان، گجرات ۽ برصغير پاڪ وهند جا مختلف حصا پڻ گهمي ڏٺائين (9).

قلندر لعل شهبازرح جو ڪيچ مڪران رستي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ واري روايت جي پٺ ڀرائيءَ ۾ مولائي شيدائيءَ جي لکت مان نقل ڪجي ٿو ته: ”عام مؤرخين اهو ڏيکاريو آهي ته قلندر لعل شهبازرح عراق کان ايران رستي سڌو ملتان پهتو پر اهڙو بيان غلط آهي. درحقيقت قلندر لعل شهبازرح پنجگور جي ميدان ۾ ڪجهه وقت چلو ڪڍيو هو. انهي ڪري ئي پنجگور جو ميدان هن وقت به ”دستِ شهباز“ ڪوٺجي ٿو (10).

ﺗﺤﻔﺔ الڪرام جي صاحب جي خيال موجب قلندر لعل شهبازرح سنه 662هه ۾ ملتان کان سنڌ پهتو آهي (11).

سيوهڻ ۾ آمد / رهائش :

قلندر لعل شهبازرح جي سنڌ ۾ آمد توڙي سيروسياحت ۽ پوءِ اچي سيوهڻ ۾ رهائش بابت ڪي مستند سنه موجود ناهن. ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي صاحب، قلندررح جي سيوهڻ اچڻ واري سال جي تاريخ لاءِ جيڪا سٽ پيش ڪئي آهي. ان بابت نامور تاريخدان سيد حسام الدين راشدي ڪتاب جي حاشيي ۾ اعتراض واريو آهي ۽ ”لُب تاريخ سنڌ“ جو حوالو ڏيندي قلندررح جو سيوهڻ اچڻ جو سنه 648هه يا 649هه ڏيکاريو آهي (12).
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پڻ 649هه جي سنه تي متفق نظر اچي ٿو (13).
پوءِ جي لکندڙن اهو ئي سنه ڄاڻايو آهي، البت قلندررح جو سيوهڻ م رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ وارن تذڪرن ۾ سندس ڪرامتن ۽ سيوهڻ ۾ موجود بزرگن جي اعتراض جهڙو ذڪر پڻ موجود آهي. جيڪو بيان قلندر جي شخصيت، بزرگي جي خلاف نظر اچي ٿو. بزرگن بابت هٿ ٺوڪيون روايتون / ڪرامتون گهڙي منسوب ڪيون ويون آهن، اهڙي عمل سان انهن بزرگن جي مرتبي ۾ ڪوبه اضافو نه ٿيندو آهي.

وفات :

قلندر لعل شهبازرح جي سموري حياتي جي انگ اکرن جيان سندس وفات جو سنه به شديد اختلافن جو شڪار آهي. مختلف تذڪرن ۾ سندن وفات جو سنه جدا جدا ڄاڻايل آهي: ’سير قلندري‘ ۾ سندس وفات بابت لکيل آهي: ”خيمس ڏينهن عصر جي وقت 21 شعبان سنه 688هه ۾ وفات ڪيائين (14).

”حيات قلندري“ ۽ ”تذڪره مشائخ سيوستان“ ۾ سنه 650هه لکيل آهي. مفتي غلام سرور لاهوري ”گنج تاريخ“ ۽ حزﻳﻨﺔ الاصفياء“ ۾ 724هه جو سنه ڄاڻايو آهي (15).
”حدﻳﻘﺔ الاولياء“ ۽  ﺗﺤﻔﺔ الڪرام“ جي صاحبن 673هه ڄاڻايو آهي (16).

علمي مرتبو :

قلندر لعل شهبازرح با عمل عالم هو. مختلف جاين تي سندس فارسيءَ ۾ نثري ۽ نظمي تصنيفن جي ڄاڻ ملي ٿي. رچرڊ برٽن، قلندر لعل شهبازرح جي فارسي تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي گرامر جا ڪتاب آهن ۽ ڪنهن وقت تائين سنڌ جي ديني مدرسن ۾ پڙاهايا ويندا هئا. برٽن جي بيان موجب اهي تصنيفون هي آهن: (1) ميزان الصرف (2) قسم دويه (3) عقد (فارسي ۽ عربي ۾ گڏيل) (17).

هنن ڪتابن مان ميزان الصرف“ اڄ به مدرسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو.

اهڙي ريت قلندررح جي فارسي شاعري پڻ ٻڌي وڃي ٿي. نامور عالمِ دين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي تصنيف ”مدح نامه سنڌ“ ۾ کيس فارسيءَ جو شاعر تسليم ڪيو آهي. ان کان سواءِ اهم سوانحي ۽ تاريخي تذڪرن ”فتاوى العارفين“، ”لب تاريخ سنده“ ۾ قلندر کي فارسي جو شاعر تسليم ڪري سندس ڪجهه فارسي شاعري پڻ آندي وئي آهي. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي “Persian Poets of Sindh” ۾ کيس سنڌ جو پهريون فارسي شاعر تسليم ڪيو آهي.

ويجهڙائيءَ واري دور ۾ قلندر لعل شهبازرح جي نالي سان ٻه فارسيءَ جا شعري مجموعا ڇپجي نروار ٿي چڪا آهن.

1.         شهباز نامه :
هيءُ ڪتاب مخدوم غوث محمد گوهر ڪوٽڙي ڪبير واري ترتيب ڏئي سنڌي ترجمي سان سنه 1993ع ۾ شايع ڪرايو آهي. جنهن بابت مخدوم صاحب لکي ٿو ته:
اسان جي خانداني لائبرري ۾ مختلف قلمي نسخن ۾ قلندررح جو ڪلام لکيل هو جنهن کي هڪ هنڌ يڪجا ڪري پيش ڪيو پيو وڃي (18)“.

2.         ديوان قلندر مست :
درگاهه خوش خير محمد فقير (ضلع خيرپور ميرس) جي صوفي ظفر علي فقير مختلف جاين تان قلندررح جي نالي منسوب فارسي شعر هڪ هنڌ يڪجا ڪري شايع ڪرايو آهي پر پنهنجي ماخذ بابت ڪابه ڄاڻ نه ڏني اٿس.
راقم خود به فارسي شاعري جي هڪ قديم قلمي بياض ۾ قلندر لعل شهبازرح، حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح، حضرت جلال الدين حيدر سرخ بخاري رح ۽ حضرت فريد گنج شڪر رح نالي هڪ فارسي شعر ڏٺو آهي. اٺن سٽن جي ان شعر جون ٻه ٻه سٽون هر هڪ بزرگ جي نالي منسوب ٿيل آهن. (19)

قلندررح جي فارسي شاعريءَ جا شايد ڪي ٻيا به قلمي نسخا موجود هجن. اهڙي ريت قلندررح جي نالي منسوب ملفوظات جي قلمي نسخي جو ذڪر نياز همايوني ڪندي چئي ٿو ته: خانپور لڳ ڳوٺ ۾ ملا ڄام نالي شخص وٽ قلندررح جي ملفوظات جو قلمي نسخو موجود آهي جيڪو ملا ڄام کيس (نياز همايوني) سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي خيال سان ڏيڻ لاءِ چيو هو (20). قلندررح جي ملفوظات وارو اهو نسخو مذڪوره شخص حضرت فريد شڪر گنج رح جي درگاهه تان هٿ آيو هو.

قلندر لعل شهبازرح بابت مٿي ڪجهه اهم نڪتن بابت ذڪر ڪيو ويو آهي. گڏوگڏ انهن جي اختلافن ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ويو آهي. قلندر لعل شهبازرح جي ولادت جا سنه توڙي وفات جا سنه اختلافن جي نظر آهن ته گڏوگڏ سندس سنڌ اچڻ جا سنه پڻ مستند نه آهن. اسان ڏسون ٿا ته قلندر لعل شهبازرح جي ولادت مروند شهر ۾ ٿي ۽ وڏي ڄمار ۾ سنڌ پهتو. تنهن ڪري سندن حياتي، تعليم، تربيت، خانداني پس منظر سميت سندن طرزِ رهائش، سيروسياحت، علمي مرتبي تائين پهچڻ جي مرحلن سميت ڪيترائي پهلو اندازًا، گمانن ۽ شڪن جي ور چڙهيل آهن، جن کي اسان جيئن جو تيئن نه قبول ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي انهن کي رد ڪري سگهون ٿا.

قلندر لعل شهبازرح بابت هن مطالعي دوران منهنجي سامهون ڪجهه سوالن جنم ورتو جن جا جواب ڳولڻ اسان جي ذميواري آهي.

                  قلندر لعل شهبازرح وڏي ڄمار ۾ آخر ڇو مروند کان سنڌ جو سفر ڪيو؟ هيءَ اها ڄمار هئي جن ۾ سلوڪ جي راهي ڊگهي روحاني سفر، مشاهدن، مجاهدن کان پوءِ هڪ هنڌ سانتيڪو ٿي ويهندو آهي. قلندررح جي هن سفر جو جواز ان وقت جو سياسي حالتون، معاشي يا سماجي صورتحال يا ڪو ذاتي پس منظر به ٿي سگهي ٿو؟
                  سنڌ ۾ اچڻ بعد هن ٺٽي، بکر، ملتان  ۽ سنڌ، پنجاب جي ٻين حصن جو سير ڪيو ۽ حضرت جلال الدين حيدر سرخ بخاري رح، حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح، حضرت فريد گنج شڪررح سان سندس دوستي وڌي ۽ تذڪرن ۾ چار يار طور مشهور پڻ ٿيا. حضرت جلال الدين حيدر سرخ بخاريرح پڻ ”بخارا“ (افغانستان) کان سيروسياحت ذريعي سنڌ پهتو ۽ بکر مان سيد بدرالدين بن سيد صدرالدينرح جي نياڻيءَ سان عقد ڪيائون ۽ پوءِ اُچ شريف ۾ رهائش اختيار ڪيائون. برصغير ۾ بخاري سادات سندن ئي اولاد آهن. سنڌ ۾ قلندررح جي انهن بزرگن سان ڏيٺ ويٺ / تعلق ڪهڙي ريت جڙيو؟
                  قلندر لعل شهبازرح جي ميلي جي موقعي تي ڪا ڇوڪري مقبري اندر ويهاري ۽ مينديءَ جون رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون. قلندررح کي ميندي ۽ ڪنوار ڏيڻ جي قلندررح جي زندگيءَ سان آخر ڪهڙو تعلق آهي؟ اها رسم قلندررح جي جنهن به عقيدتمند جنهن به دور ۾ شروع ڪئي، ان جو ڪو ته جواز هوندو، جيڪڏهن اها رسم محض ان لاءِ شروع ڪئي وئي ته قلندررح سڄي ڄمار مجرد (ڇڙو) رهيو ته ان پس منظر ۾، پوءِ اها رسم مناسب ناهي، قلندررح خود پنهنجي مرضي ۽ منشا سان مجرد رهيو هوندو، ته پوءِ ساڻس عقيدت رکڻ وارن وٽ کيس ڪنوار ڏيڻ يا ميندي ڏيڻ جو ڪهڙو عقلي جواز موجود آهي؟
                  قلندررح جي فارسي تصنيفن، فارسي شعر ۽ فارسي ملفوظات جي باري ۾ اها ڄاڻ ملي ٿي جيڪا سنڌ اندر آهي. جنهن مان هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته قلندررح نه رڳو ”وحدت الوجود“ واري فلسفي تي شعر چيو مگر هن فارسي گرامر جون به تصنيفون ڇڏيون جنهن بنياد تي اسان کيس دنيا کي ترڪ ڪندڙ، ماڻهن کان پري رهندڙ شخص نه ٿا چئي سگهون، هو صرف و نحوَ ۽ لسانيت جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو.
                  قلندر لعل شهبازرح جون اهي  تصنيفون ڪهڙي سال ۾ تحرير ٿيون، ڪٿي تحرير ٿيون، اهي ڪهڙي ريت، ڪهڙي سن ۾ مدرسن جي نصاب جو حصو بڻيون ۽ ان ساري پس منظر مان اهو گمان اٿي ٿو ته قلندر لعل شهبازرح سنڌ اچڻ کان اڳ به تصنيف و تاليف جو ڪم ڪندو رهيو هوندو. اهي تصنيفون ڪهڙيون آهن جڪي هن سنڌ اچڻ کان پهرين تحرير ڪيون ۽ انهن جا نسخا دنيا ۾ ڪٿي ته محفوظ هوندا؟
                  صرف و نحوَ ۽ لسانيات جهڙن دقيق موضوعن ۾ ڪنهن جي شاگردي اختيار ڪيائين.
                  قلندررح جي سنڌ اچڻ وقت ڪنهن به تذڪره نويس يا اڄ تائين قلندر لعل شهبازرح تي لکندڙ اهو نه ٻڌايو آهي ته ساڻس ڪيترا فرد سنڌ ۾ آيا، انهن فردن ۾ سندس عزيز، دوست يا عقيدت مند يا پيروڪار هئا. ”ﺗﺤﻔﺔ الڪرام“ جو صاحب لکي ٿو ته: مڪلي ٽڪري تي شيخ جيئي جو مقبري جي اوڀر ۾ دفن ”ميان لال“ قلندر لعل شهبازرح جو ڀاءُ يا سؤٽ چيو وڃي ٿو (21). هن لکت مان اسان جو شڪ ويتر وڌي وڃي ٿو ته قلندر لعل شهبازرح سان گڏ سنڌ ۾ ٻيا به فرد ان جي جماعت جي صورت ۾ آيا، جي ائين آهي ته پوءِ اها جماعت سنڌ ۾ منظم ڇو نه رهي يا ائين ٿي سگهي ٿو ته قلندر لعل شهبازرح سان گڏ هڪ ٻه فرد سنڌ ۾ آيا هجن جن ۾ ميان لال به هجي يا هو پوءِ سنڌ آيو هجي يا ميان لال به مروند طرف جو هجڻ ۽ قلندررح سان ويجهڙائپ هجڻ سبب عام طرح ان کي شيخ عثمان مروندي جو عزيز سمهجيو ويو هجي.

قلندر لعل شهبازرح جو سنڌ ۾ اچڻ جي پس منظر ۾ هڪ راءِ اها به آهي ته هو ننڍي وهي کان پيءُ سان گڏ سنڌ ايندو ويندو هو، سندس هڪ ڀيڻ سنڌ ۾ پرڻايل هئي، ڪن شهرن ۾ سندن ڪي سؤٽ يا ڀائر رهندا هئا جيڪي اتي دفن ٿيا. (22).

شيخ عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهبازرح بابت اسان وٽ جيڪو به مواد آهي، اهو علمي حوالي سان اسان  جي اُڃ نه ٿو اجهائي بلڪ ڪيترائي علمي مونجهارا پيدا ڪري رهيو آهي. شيخ عثمان قلندررح پنهنجي وقت جو جيد عالم بزرگ ۽ صاحبِ فضيلت شخص افسوس ته اڄ تائين سندس شخصيت، فڪر ۽ علمي ڪارنامن بابت اسان ڪو مستند ۽ تضادن کان آجو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون.

قلندر بابت مٿي ڪيل گفتگو کان پوءِ ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته اڄ قلندر لعل شهبازرح تي هڪ اهڙي تحقيقي اداري قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو قلندر لعل شهبازرح جي شخصيت ۽ علمي مرتبي سميت سمورن پهلوئن تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪري اسان سامهون ڪي نوان ۽ نرالا نُڪتا ۽ پهلو اجاگر ڪري ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن اسان ان رستي ذريعي ”مروند“ پهچنداسين، جنهن رستي ذريعي سير سفر ڪندو ضعيفي جي ڄمار ۾ شيخ عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهبازرح سنڌ پهتو.

حوالا :
1.              مير علي شير قانع ﺗﺤﻔﺔ الڪرام، سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص349، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع
عبدالغفور بن حيدر، تذڪره مشائخ سيوستان، سنڌي ترجمو: نياز همايوني، ايڊٽ ۽ مرتب: پير حسام الدين راشدي، ص315، شامل: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1992ع
سيد عبدالقادر بن سيد هاشم، حدﻳﻘﺔ اولياءِ، ص39، ايڊٽ ۽ مقدمو: پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1967ع.
2.              مولانا دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو)، ص300، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1985ع.
3.              ڊاڪٽر ميمن عبدالمجيد سندهي، پاکستان میں صوفيانه تحريکين، باب طريقه قلندريرح، سنگ ميل پبليکيشرز لاهور 1994ع.
4.              تذڪره مشاهير، سنڌ (جلد ٻيو) ص 295
5.              تذڪره مشائخ سيوستان، ص315
6.              ﺗﺤﻔﺔ الڪرام، ص 349
7.              تذڪره مشائخ سيوستان، ص 315
8.              تذڪره مشاهير سنڌ، 296، - قلندر لعل شهبازرح: هڪ مطالعو مرتب: نفيس احمد شيخ، ص 25-26، شهباز ميلا ڪاميٽي ڄام شورو، 2007ع
9.              ڏسو حوالو 3
10.       مولائي شيدائي قلندر لعل شهبازرح بابت ڪجهه حقيقتون، (مقالو)، ماهوار نئين زندگي، قلندر لعل شهبازرح نمبر 1975ع
11.       ﺗﺤﻔﺔ الڪرام، ص 394
12.       تذڪره مشائخ سيوستان، ص 315
13.       عابد مظهر، قلندر لعل شهبازرح جي آمد وقت سيوهڻ شهر جون سياسي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي حالتون، مقالو ص 32،
فڪر قلندر، اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتو حڪومت سنڌ، 2008ع
14.       تذڪره مشاهير سنڌ، ص300
15.       تذڪره مشاهير سنڌ، ص 301 تذڪره مشائخ سيوستان ص 314
16.       حدﻳﻘﺔ الاولياء، ص 42 - ﺗﺤﻔﺔ الڪرام ص 350
17.       رچرڊ برٽن، سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون، سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي، ص 8-127، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1995
18.       مخدوم غوث محمد گوهر (مرتب ۽ سنڌي ترجمو) شهباز نامه، ص 17، الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي ڪبير، 1993ع
19.       چئن يارن ڏانهن منسوب فارسي شعر هيٺ ڏجي ٿو:

قلندر لعل شهباز:
من لعل دلم لعل دل وجان همه لعل
آسمان و زمين لعل درختان همه لعل

] آئون موتي، منهنجو دل موتي، دل وجان ٻئي موتي آهن، آسمان و زمين موتي ۽ سمورا وڻ موتي آهن. [

غوث بهاؤالدين زڪريا:
مون سبز دلم سبز دل وجان همه سبز
آسمان وزمين سبز درختان همه سبز
] آئون سائو، منهنجي دل سائي، دل وجان ٻئي سارا آهن آسامن و زمين به سائو ۽ سمورا وڻ به ساوا آهن.[

جلال الدين حيدر سرز بخاري:
من سُرخ دلم سُرخ دل وڃان همه سرخ
آسمان و زمين سرخ درختان همه سرخ
] آئون سرخ، منهنجي دل سرخ، دل وڃان ٻئي سرخ آهن، آسمان وزمين سرخ ۽ سمورا وڻ به سرخ آهن.[

بابا فريد شڪر گنج:
من خاک دلم خاک دل وجان همه خاک
آسمان و زمين خاک، درختان همه خاک
] آئون مٿي منهنجي دل مثي، دل و جان ٻئي مئي آهن. آسمان و زمين مٽي ۽ سمورا وڻ مٽي آهن.[
فارسي شاعري جو بياض: ملڪيت: ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڪراچي يونيورسٽي.
20.       شهباز نامه، ص6
21.       ﺗﺤﻔﺔ الڪرام، ص 611
22.       غلام رباني آگرو، سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ، ص 354، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1997ع

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت