Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا

 

 

اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا

 

جنيد هونءِ ئي ڪچهري جو ڪوڏيو آهي، سو هن کان دنيا جهان جون سڀ ڳالهيون، ڪچهريءَ دوران وسري وينديون آهن. هو اسان سان ڪچهري ڪندو هلي رهيو هيو. رات، ڪراچي جا روڊ ۽ چار دوست. پاڻ هاڻي ڪراچي ۾ داخل ٿي چڪا هئاسين. هن مهل ته ايئرپورٽ جي ويجهو پهتاسين.اسان کي خبر ئي نه هئي ته جنيد وٽ جيڪي اسان سڀني جا سفر جا اهم ڪاغذ هيا، اهي هو مظفر کوکر جي فليٽ ۾ رهائي آيو آهي. اسان سڀ پنهنجي ڪچهري ۾ محو هياسين. خيالن ئي خيالن ۾ مالديپ جي مافوشي آئلينڊ ۽ سري لنڪا جي ڪينڊي ليڪ جو سير ڪري رهيا هياسين. انهيءَ دوران پرتاب سان به رابطي ۾ رهياسين. پرتاب به ايئرپورٽ جي ويجهو هيو. رستي ۾ ئي اويس جي مظفر کي ڪال آئي ته،”بابا! توهان جي ٽڪيٽن، هوٽل جي بڪنگ ۽ ويزا وارا ڪاغّذ ته فليٽ ۾ رهجي ويا آهن“. جنهن تي جنيد رڙ ڪري چيو،”ابو“. چيائين،”جڏهن هٿ منهن ڌوئڻ ويس ته اهي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ رکيل ڪاغذ ٻاهر رکي ويو هئس. پوءِ ته ذهن ۾ ئي ڳالهه نه رهي“.

مظفر کي چوڻ لڳو ته،”ڪا ڳالهه ناهي، ڪٿي بيهجان ته انهن ڪاغذن جي پرنٽ وٺي وٺون، مون وٽ موبائيل ۾ محفوظ آهن“. مون هن کي چيو ته،”پر هن مهل ته ڪافي رات ٿي چڪي آهي، اهڙي بيگاهه وقت ۾ ڪٿي دڪان کليل هوندا“.چيائين،”ڀلا ايئرپورٽ تان ئي پرنٽ ڪڍرائي وٺنداسين“. مان سمجهان ٿو ته جنيد جي مٿان گهڻيون ذميواريون آهن. ان ڪري هن کان گهڻيون شيون وسري وينديون آهن. جنهن جي لاءِ هن کي پاڻ سان هڪڙو اسسٽنٽ رکڻ گهرجي، جيڪو هن جا معامرا ڏسي. پر ائين ٿيندو رهندو آ. هي ته ننڍڙيون شيون آهن‏، پر ماڻهن کان ته وڏيون وڏيون غلطيون به ٿي وينديون آهن. پر يار هون به انسان آهي ئي خطا جو گهر. ڪير کڻي ڇا به چوي.

 

رينجرس وارن ڇو روڪيو

 

هاڻي اسان جڏهن ايئرپورٽ پهتاسين ۽ جنيد جو خيال هو ته ايئرپورٽ تان ئي انهن ڪاغذن جون پرنٽون وٺون. انهن ئي ڳالهين ڳالهين ۾ گم هياسين ته پاڻ مٿي وڃڻ جي لاءِ ايئرپورٽ واري روڊ تي هلي رهيا هياسين ته رستي ۾ ئي ايئرپورٽ وٽ رينجرس جا گارڊ بيٺا هوندا آهن يا رينجرس وارن جي چوڪي هوندي آهي. جيڪي هروڀرو به ماڻهن کي پيا تنگ ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ چار ماڻهو هن سان گڏ هوندا ته هڪ کان سواءِ ٻين سڀني کي گاڏي مان لاهي ڇڏيندا يا وري پيا پاڻ پاسپورٽ چيڪ ڪندا وتندا، جيڪو هنن جو ڪم ئي نه آهي. هنن کان پڇيو ته توهان کي پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ جي ڪهڙي اٿارٽي آهي. سو دوستن جو به خيال هيو ته پنهنجا پاسپورٽ ڪڍي هٿ ۾ رکو متان پڇن نه؟. اهڙي ريت پاڻ به جڏهن ان پوائنٽ تي پهتاسين ڏٺوسين ته ڪجهه سپاهي ڪرسين تي ويٺا هيا باقي هڪ اڌ روڊ تي بيٺو هو. انهن ڊيوٽي تي بيٺل وردي وارن مان هڪڙي سپاهي مظفر کي گاڏي بيهارڻ جو اشارو ڪيو پر مظفر اهو اشارو نه ڏٺو يا وري هو نه سمجهي سگهيو. هن جو ڌيان شايد ٻي پاسي هو. جنهن تي هو پويان ڀڄندو اچي، اڳتي وڌي گاڏي کي بيهاريو. مظفر گاڏي بيهاري کاٻي پاسي واري دري جو شيشو لاٿو ته هن دري مان اندر منهن وجهي چيو ته،”هڪ ته توهان اشاري تي نه بيٺو ۽ ٻيو وري توهان جي گاڏيءَ جا شيشا به ڪارا آهن. ان ڪري توهان کي ڏنڊ ڀرڻو پوندو“.

مظفر ڪار کي روڊ جي پاسي تي بيهاريو ته همراهه کان حال احوال وٺون ته ابا ڏي خبر ڇا مسئلو اٿئي. اسان سڀ هيٺ لهي آياسين. جڏهن اسان رينجرس وارن ويٺل همراهن ڏي اڳتي وڌڻ لڳاسين ته اهو سپاهي سامهون ئي اچي بيٺو. هن اسان کي ڏسي مرڪي ڏنو. هٿ ملائيندي چوڻ لڳو ته،”سائيڊ وارن شيشن تي ڪاري ڪلي لڳل آهي، گهٽ ۾ گهٽ شيشا ته هيٺ لاهيو ها ته مان اندر ڏسي سگهان ها ته اندر ڪير مڙس آهن “. پر جڏهن هن کي پنهنجو تعارف ڪرايوسين ته همراهه مطمئن ٿيو ۽ چيائين ته،“بس ٺيڪ آ توهان وڃي سگهو ٿا“.

 سو ٻيلي رينجرس وارا ان پوائنٽ تي توهان کي هٿ ڏين ته بيهي رهندا ڪيو. ٻيو ڪجهه ڪونهي توهان جو ٽائيم زيان ڪندا. باقي هنن کي توهان جي حفاظت لاءِ بيهاريو ويو آهي، نه ڪي انهن کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته اهي توهان کي بندقون جي آڙ ۾ هراسان ڪن. هي بندوقن وارا ڪيڏا بهادر آهن، اها سڀني کي خبر آهي.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more