Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

نيشنل لائبريري مالي

 

 

نيشنل لائبريري مالي

 

آرٽ گيلري کان جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين ته سامهون ئي ڪائونٽر جي ديوار تي welcome to the National Library لکيل هيو. اتان ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهي وياسين. ته سامهون ئي لائبريري نظر اچي رهي هئي. هڪڙي عورت شلوار قميص ۾ ويٺي هئي ۽ هن ليپ ٽائيپ تي پئي ڪم ڪيو. مون هن سان سلام دعا ڪئي. هن کي ٻڌايو ته مان وڪيل آهيان ۽ ليکڪ اديب آهيان. مون سائين مختيار جو پڻ تعارف ڪرايو ته سائين پروفيسر آهي، سائين جو پنهنجو تعليمي ادارو آهي ۽ پاڻ به ليکڪ آهن. ان علاوه پرتاب جو به تعارف ڪرايو ته پرتاب جو اين جي او سيڪٽر سان تعارف آهي ۽ ان کان علاوه هن جو تعليم سان به تعلق آهي. اسان لائبريري گهمڻ چاهيون ٿا. جيتوڻيڪ ان وقت ڪافي شاگرد پڙهائي ڪري رهيا هيا. هن اسان کي چيو ته،”ڪو مسئلو ناهي توهان ڀلي آيو پر مون کي پنهنجي لائبريري انچارج کان اجازت وٺڻي پوندي“. هن لائبريري انچارج کان اجازت ورتي ۽ ٿوري دير کان پوءِ لائبريرين پاڻ پنهنجي آفيس ڇڏي اسان وٽ هلي آئي. هن اسان کي لائبريري جا مختلف سيڪشن ڏيکاريا جيڪو هڪڙو وڏو هال نما هيو. هن ۾ لوهي ٻنهي پاسن کان کليل شيلف ٺهيل هيا. انهن شيلفن کان علاوه، لائبريري جي کليل حصي تي ڪجهه شاگرد پڙهي به رهيا هيا.

هن لائبريري جي بنياد 12 جولاءِ 1945ع ۾ پيو هو. هي سلطان پارڪ جي ويجهو آهي ۽ آرٽ گيلري جي مٿان آهي. هي لائبريري صبح جو نائين وڳي کان وٺي شام جو ڇهين وڳي تائين کليل رهندي آهي.

 

The National Library of the Republic of the Maldives was established in 12th July 1945. It serves as the Public and National Library of the country, maintaining modern literature. It provides a diverse collection of all published reading materials and documents within the country.The postal address of this library is “National Library, Medhuziyaarai Magu, Malé, Maldives”. We friends were very much glad to meet the cooperative staff of the library. The atmosphere of the library was very much cogent and there was peace and tranquility. Besides, we were happy to see the books, in proper order and clean. Indeed, I could not help myself from admiring the cleanliness of the Library with the librarian.

 

هن نيشنل لائبريري جي لائبريرين Aminath Ali سان ملاقات ٿي، جيڪا صحتمند عورت ۽ وڏي عمر جي با اخلاق ليڊي هئي. جنهن کي مٿي تي اسڪاف ٻڌل هيو. هن جو مسڪرائيندڙ چهرو اهو ظاهر ڪري پيو ته هو انتهائي خوش اخلاق عورت آهي. ان کان پوءِ جڏهن چيف لائبريرين آئي ته اها بذات خود انتهائي بااخلاق اڌڙوٽ عورت هئي. هن پنهنجو نالو مريم سوبينا  Mariyam Sobeena ٻڌايو. مون هن کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجو نالو، عهدو ۽ نيشنل لائيبريري جي ويب سائيڊ جي ائڊريس مون واري ڊائري ۾ لکي ڏيئي. هن منهنجي ان انگل جو احترام ڪندي پنهنجو نالو، عهدو ۽ ويب سائيڊ جي ائڊريس مون واري ڊائري تي لکي ڏني. انتهائي خوش گوار ماحول ۾ انهن عورتن اسان سان گروپ ڦوٽو پڻ ٺهرايا. اهي ڦوٽو هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهن.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more