عمر خيام

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار: جوھر بروھي






عمر خيام

عمر خيام، ايران جي صوبه خراسان جي دارالحڪومت نيشا پور ۾ 1048ع ۾ ڄائو نيشاپور ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي ۽ اتي ئي سندس وفات ٿي. سندس وڏن جو تعلق عرب جي ھڪ قبيلي الخيامي سان ھو. جيڪي خيما ٺاھيندا ھئا، سي لڏي اچي نيشاپور ۾ آباد ٿيا. عمر خيام سان گڏ، عالم اسلام جو مشھور ماڻھو نظام الملڪ طوسي ۽ اسماعليه فرقي جو باني حسن بن صباح گڏ پڙھندا ھئا. امام موقف استاد ھو.
پنھنجي وطن ايران ۾ عمر خيام شاعر جي حيثيت سان ايترو مشھور ناھي، جيترو رياضي دان ۽ علم ھيئت جي عالم جي حيثيت ۾ آھي. سندس شاعراڻي حيثيت مغرب ۾ ڪافي مقبول آھي مغرب ئي سندس شاعري کي دنيا آڏو آندو. الجبراتي لکيل عمر خيام جي ڪتاب جو 1851ع ۾ ترجمو ٿيو. جڏھن ته يورپ ۾ سندس رباعيون 1857ع ۾ شايع ٿيون اسلامي دنيا ۾ ھن جي مشھوري رياضيءَ ھيئت، طب ۽ طبعيات بابت سندس لافاني تصنيفن جي ڪري آھي. الجبراتي ھن خوارزمي جي ڪم کي اڳتي وڌايو، ان ريت جديد الجبرا جو بنياد پيو. علم طبعيات منجھ عمر خيام جي تحقيق سون ۽ چاندي جو وزن معلوم ڪرڻ آھي. جنھن تي قيمتي پٿرن جو جُڙائ ھجي. اھي پٿر ڌار ڪرڻ بنا انھن شين جو وزن معلوم ڪري وڃجي.
شاھھ سلجوقي جي وزير نظام الملڪ طوسي ھڪ رصدگاھ (ستارن جي گردش ڏسڻ لاءِ جاء) جوڙڻ جو ڪم عمر خيام جي حوالي ڪيو. جيڪو شھر (ري) ۾ پنجن سالن ۾ جڙي راس ٿيو. ان جو مقصد نظام شمسي جي سيارن جي گردش جو حساب رکڻ ھو ته جيئن ھڪ صحيح شمسي سال جو تعين ڪري سگھجي. ھن ڏس ۾ عمر خيام جون ڪوششون ڪامياب رھيون. ھن ھڪ نئين جنتري (تاريخ جلالي) جي نالي سان ترتيب ڏني، جيڪا (گريگورين) ڪيلنڊر کان وڌيڪ صحيح آھي اھڙو اعتراف مغربي ماھر به ڪن ٿا. ياد رھي ته عمر خيام جو ڪيلنڊ گريگورين (يوناني ڪيلنڊر کان ڇھ سو سال اڳ جو آھي.
ان کان سواءِ عمر خيام 10 ڪتاب ۽ ٽيھ مختصر رسالا لکيا. جن منجھان رياضي تي چار سائنس تي ٽي، طبعيات تي ٽي ۽ الجبرا تي ھڪ ڪتاب آھي. عمر خيام جا ڪي ڪتاب لنڊن، پيرس ۽ جرمني جي لائبريرين ۾ موجود آھن. ھو ھڪ طبيب به ھو. شاھ سلجوقي جي درٻار سان لاڳاپيل ھو. سندس وفات سج لٿي جي نماز پڙھندي سجدي جي حالت ۾ ٿي.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت