سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان - سحري باعثِ برڪت آهي


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
سحري باعثِ برڪت آهي
-------
 (1)  ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَنَسٍ رضہ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم تَسَحَّرُوۡا فَاِنَّ فِی السُّحُوۡرِ بَرَکَۃٌ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب برکۃ الصحور من غیر ایجاب الخ ج 1 ص 257۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور من غیر ایجاب الخ ج 1 ص 257۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور وتاکید استحبابہ واستحباب تاخیرہ وتعجیل الفطر ج 1 ص 35۔ مسند احمد بن حنبل ج 2 ص 477۔ ج 3 ص 32۔99۔ سنن ابن ماجۃ رقم الحدیث 1692۔ ترمذی شریف رقم الحدیث 708)
”حضرت انس ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته سحري کائيندا ڪريو ڇو جو سحريءَ ۾ برڪت آهي.
هن حديث شريف ۾ سحريءَ کي برڪت فرمايو ويوآهي. سحريءَ ۾ برڪت جو ظاهري پهلو ته هي آهي ته ان جي ڪري روزيدار کي تقويت حاصل ٿيندي آهي ۽ روزو رکڻ گهڻي ڪمزوريءَ جو سبب نه بڻجندو آهي. ٻيو ايماني پهلو هي آهي ته اگر سحريءَ کائڻ جو رواج نه رهي يا امت جا اڪابر ۽ خواص سحري نه کائن ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته عوام الناس ان کي شريعت جو حڪم يا ڪم از ڪم ان کي بهتر سمجهڻ لڳندا. ۽ اڳين امتن به اهڙيءَ طرح شريعت ۾ تحريفات ۽ تبديليون ڪيون هيون.



(2)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَمُرِو بۡنِ الۡعَاصِ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم  فَصْلُ مَا بَيْنَ صِيَامِنَا وَصِيَامِ أَهْلِ الْكِتَابِ أَكْلَةُ السَّحَرِ  ۔ (مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور و تاکید استحبابہ واستحباب تاخیرہ و تعجیل الفطر ج 1 ص 350۔ مسلم احمد بن حنبل ج 4 ص 202۔ سنن دارمی ص 62۔ ترمذی شریف رقم الحدیث 708۔ 709)
”حضرت عمرو بن العاص ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اسان جي ۽ اهلِ ڪتاب جي روزن جي درميان فرق ڪرڻ واري شئي سحري کائڻ آهي.
هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته اهلِ ڪتاب سحريءَ ۾ کاڌو نه کائيندا آهن ۽ اسان کي سحريءَ ۾ کاڌي کائڻ جو حڪم آهي ۽ اهو حڪم اسان جي لاءِ آسانيءَ جي خاطر ڏنو ويو آهي ۽ اسان کي ان جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.

(3)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ سَعِیۡدِ الۡخُدَرِیِّ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اَلسَّحُوۡرُ بَرۡکَۃٌ فَلاَ تَدۡعُوۡہُ وَلَوۡ اَنۡ یَجۡرَعَ اَحَدُکُمۡ جُرۡعَۃ ً مِّنۡ مَّاءٍ فَاِنَّ اللہَ وَمَلاَءِکَتِہٗ یُصَلُّوقنَ عَلیٰ الۡمُتَسَحِّریۡنَ۔ (مسند احمد بن حنبل)
”حضرت ابو سعيد خدري ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته سحريءَ ۾ برڪت آهي ان کي هرگز نه ڇڏيو، اگر ٻيو ڪجهه نه هجي ته ڪم از ڪم ان وقت هڪ ڍُڪ پاڻيءَ جو ئي پيئڻ گهرجي، ڇو جو سحريءَ ۾ کائڻ پيئڻ وارن ماڻهن تي الله پاڪ رحمت فرمائيندو آهي ۽ فرشتا به انهن جي لاءِ دعاءِ خير ڪندا آهن.
(فتاویٰ عالمگیریہ کتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 200)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت