احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
سحري
۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
سحري باعثِ برڪت آهي
-------
(1) ارشاد
نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَنَسٍ رضہ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم
تَسَحَّرُوۡا فَاِنَّ فِی السُّحُوۡرِ بَرَکَۃٌ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب برکۃ
الصحور من غیر ایجاب الخ ج 1 ص 257۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور من غیر
ایجاب الخ ج 1 ص 257۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور وتاکید استحبابہ
واستحباب تاخیرہ وتعجیل الفطر ج 1 ص 35۔ مسند احمد بن حنبل ج 2 ص 477۔ ج 3 ص
32۔99۔ سنن ابن ماجۃ رقم الحدیث 1692۔ ترمذی شریف رقم الحدیث 708)
”حضرت انس ؓ کان روايت آهي
ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته سحري کائيندا ڪريو ڇو جو سحريءَ ۾ برڪت آهي.“
هن حديث شريف ۾ سحريءَ کي برڪت فرمايو ويوآهي. سحريءَ ۾ برڪت جو
ظاهري پهلو ته هي آهي ته ان جي ڪري روزيدار کي تقويت حاصل ٿيندي آهي ۽ روزو رکڻ
گهڻي ڪمزوريءَ جو سبب نه بڻجندو آهي. ٻيو ايماني پهلو هي آهي ته اگر سحريءَ کائڻ
جو رواج نه رهي يا امت جا اڪابر ۽ خواص سحري نه کائن ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته
عوام الناس ان کي شريعت جو حڪم يا ڪم از ڪم ان کي بهتر سمجهڻ لڳندا. ۽ اڳين امتن
به اهڙيءَ طرح شريعت ۾ تحريفات ۽ تبديليون ڪيون هيون.
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَمُرِو بۡنِ الۡعَاصِ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ
علیہ وسلم فَصْلُ مَا بَيْنَ صِيَامِنَا
وَصِيَامِ أَهْلِ الْكِتَابِ أَكْلَةُ السَّحَرِ
۔ (مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل السحور و تاکید استحبابہ واستحباب تاخیرہ
و تعجیل الفطر ج 1 ص 350۔ مسلم احمد بن حنبل ج 4 ص 202۔ سنن دارمی ص 62۔ ترمذی
شریف رقم الحدیث 708۔ 709)
”حضرت عمرو بن العاص ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اسان جي ۽ اهلِ ڪتاب جي روزن جي درميان فرق
ڪرڻ واري شئي سحري کائڻ آهي.“
هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته اهلِ ڪتاب سحريءَ ۾ کاڌو نه کائيندا
آهن ۽ اسان کي سحريءَ ۾ کاڌي کائڻ جو حڪم آهي ۽ اهو حڪم اسان جي لاءِ آسانيءَ جي
خاطر ڏنو ويو آهي ۽ اسان کي ان جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.
(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ سَعِیۡدِ الۡخُدَرِیِّ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی
اللہ علیہ وسلم اَلسَّحُوۡرُ بَرۡکَۃٌ فَلاَ تَدۡعُوۡہُ وَلَوۡ اَنۡ یَجۡرَعَ
اَحَدُکُمۡ جُرۡعَۃ ً مِّنۡ مَّاءٍ فَاِنَّ اللہَ وَمَلاَءِکَتِہٗ یُصَلُّوقنَ
عَلیٰ الۡمُتَسَحِّریۡنَ۔ (مسند احمد بن حنبل)
”حضرت ابو سعيد خدري ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته سحريءَ ۾ برڪت آهي ان کي هرگز نه
ڇڏيو، اگر ٻيو ڪجهه نه هجي ته ڪم از ڪم ان وقت هڪ ڍُڪ پاڻيءَ جو ئي پيئڻ گهرجي، ڇو
جو سحريءَ ۾ کائڻ پيئڻ وارن ماڻهن تي الله پاڪ رحمت فرمائيندو آهي ۽ فرشتا به انهن
جي لاءِ دعاءِ خير ڪندا آهن.“
(فتاویٰ عالمگیریہ کتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 200)
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment