منهنجي منزل پيار قلندر - غلام حيدر ”گهائل“ لغاري



منهنجي منزل پيار قلندر،
ٻيڙو منهنجو تار قلندر!

ڇالئه ڀُلبو ڇالئه رُلندو،
تنهنجو پيروڪار قلندر!

جيون سارو اجڙيل آهي،
تون تقدير سنوار قلندر!

مون کي تنهنجي ٻاجهه کپي ۽،
محبت آ درڪار قلندر!

نس نس تنهنجو نانءُ سمايل،
توکي سڏيان هر وار قلندر!

تنهنجي در تي آيو آهيان،
قدمن ۾ ويهار قلندر!

قدرت جا سڀ رنگ هتي هن،
پيارو هي سنسار قلندر!

ڌاريا بُڇڙا ٿيئڻا آهن،
ڀونءَ جا دعويدار قلندر!

گهائل” جو بس عرض اهو آ،
سنڌ جي لهجان سار قلندر!

غلام حيدر ”گهائل“ لغاري

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت