منقبت - دانش ملاح دادوي



سخي شهباز در تنهنجي جهڪيل سارو جهان ڄاتم،
ورائين ڪين ٿو خالي سخاوت هي عيان ڄاتم!

شريعت جو طريقت جو تون واقف آن حقيقت جو،
الاهي راز جو تو ۾ سمايل داستان ڄاتم!

سوا لک اوليا آهن هتي مدفون سيوهڻ ۾،
انهن ۾ تنهنجي اي سائين چٽو نالو نشان ڄاتم!

قلندر ٻيا به ٻڌجن ٿا جن تنهنجو مقام آهي،
مٿان تو مير مروندي خدا کي مهربان ڄاتم!

ستايل ڪيئي سورن جا ڏٺم درگاهه تنهنجي ۾،
انهن جي روح لئه راحت سندءِ هي آستان ڄاتم!

زيارت ٿو ڪيان تنهنجي لهن ٿا من تان مونجهارا،
اوهان جي ياد کي مرشد حيات جاودان ڄاتم!

هئي جا ظلم جي ننگري ڪئي تو پاڪ ڏوهن کان،
سچو اسلام جو توکي قلندر پاسبان ڄاتم!

سخي لجپال تون هر حال مون تي ڀال ڪر پنهنجا،
سڻو احوال دانش جا اوهان کي رازدان ڄاتم!

 دانش ملاح  دادوي

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت