ماءُ جي کير جي خاصيت


Page # 3

کير پيارڻ واري مدي جي تدبير
ٻار جي صحت ماءُ جي صحت سان وابسته ھوندي آھي. ان ڪري کير پيارڻ واري مدي ۾ خاص ڪري ماءُ جي صحت جو خيال رکڻ گھرجي ۽ سٺي غذا کانسواءِ پاڻي، کليل ھوا، ڪافي ننڊ مناسب ورزش جي به ضرورت ھوندي آھي. ھن کي خوش خرم رھڻ گھرجي ۽ ڪوشش ڪري سير ڪرڻ گھرجي ورزش لاءِ سير کانسواءِ گھريلو ڪم ڪار ڪرڻ به ڪافي ھوندو آھي. ان عرصي ۾ قبضي جو خاص خيال رکو. جيڪڏھن ٿي سگھي ته سخت جلاب ڏيو. پر ھلڪي ملين دوا استعمال ڪريو. جيئن: گلقند، روغن بادام، اينجين جو  مربه وغيرھ روزانو وھنجڻ تمام ضروري ۽ فائدي وارو آھي.

کير جي کوٽ
جيڪڏھن کير پارڻ واري مدي ۾ کير جي عارضي کوٽ ٿي وڃي ته علاج کان اڳ ۾ ھيٺين تدبيرن کي آزمائڻ گھرجي. کير زيادھ مقدار ۾ پيئجي تازا ميوا ۽ ڀاڄين کي گھڻو استعمال ڪجي. پاڻي گھڻي مقدار ۾ پيئڻ گھرجي. بک ۽ ننڊ جي کوٽ گھڻي نقصانڪار آھي. انھيءَ کان پاسو ڪريو. صدمي ۽ رنج کان بچڻ گھرجي ۽ خوش رھجي، باقائدي سير ڪجي. ھيٺيون شيون کير جي پيدائش کي وڌائن ٿيون انھن جو استعمال ڪجي. مکڻ، گھھ، کير، تر، تدري، ستاور، مغز، اخروٽ، مغز نبولھ، مائ اللحم، ڪشتو فولاد، خبث الحديد وغيرھ.
ماءُ جي کير کان پرھيز

ڪڏھن ماءُ جو کير ان قابل نه ھوندو آھي ته ٻار کي پياريو وڃي جي ائين ڪيو ويو ته ٻار جي صحت بگڙي ويندي آھي، اھي مرض جن ۾ ماءُ کي ٻار کي کير پيارڻ نه گھرجي ھيٺين ريت ڏجن ٿا.
سلھ ۽ دق، ٻار پيدا ٿيڻ وقت يا انھيءَ کان پوءِ ٿيندڙ بيماريون سيلان خون، پرسوت جو بخار يا ٻيا وچڙندڙ مرض. زيادھ ڪمزو عورت جو کير ٻار جي پرورش لاءِ مناسب نه ھوندو آھي. جيڪڏھن کير پيارڻ جي زماني ۾ عورت کي حمل ٿي وڃي ته ڏسڻ گھرجي ته انھيءَ سان ٻار جي نشونما متاثر ته نه ٿي آھي. جيڪڏھن ٻار ۽ ماءُ ٻنھي جي صحت برقرار رھي ته حمل جي چوٿين پنجين مھيني تائين کير پياري سگھبو آھي.

کير جو امتحان
جيڪڏھن ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻار جي پرورش ٺيڪ نموني نه ٿئي ۽ ھو روز به روز ڪمزور ٿيندو وڃي ۽ ھن کي ڪو مرض به نه ھجي ته ماءُ جي کير جو ليبارٽري مان تجربو ڪرائڻ گھرجي. جي ڪڏھن ھي کير ٻار لاءِ نقصانڪار ھجي ته انھيءَ کي ڇڏائڻ گھرجي. جيستائين علاج سان اھا خرابي ختم نه ٿي وڃي تيستائين ماءُ جو کير نه پيارڻ گھرجي.

ماءُ جي کير جي خاصيت
کير پيارڻ جي مدي ۾ عورت جو کير ھڪجھڙو نه ٿو رھي. ٻار جي ڄمار سان گڏ ھن جي خاصيتن ۾ ڦير گھير ٿيندي رھندي آھي. شروع ۾ کير ڪجھ قدر ملين (دست آڻيندڙ) ٿيندو آھي. پھرين مھيني ۾ کنڊ جو مقدار پوءِ جي زماني جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوندو آھي. پر روغني جزا (مکڻ) جو مقدار گھڻو وڌيڪ ھوندو آھي. لوڻ جو تناسب به پوءِ جي زماني ۾ گھڻو ھوندو آھي. پھرين ۽ ٻئي مھيني ۾ پنيري جزا به گھڻو ھضم ٿيندڙ ھوندو آھي. اٺين کان ڏھين مھيني ۾ کنڊ جو مقدار وڌي ويندو آھي. ڏھين ۽ يارھين مھيني ۾ پنيري جزا گھڻا گھٽ ٿي ويندا آھن.


عمر مطابق ٻارن کي کير پيارڻ جي درجي بندي

عمر
کير پيارڻ جو وقفو
شام 6 بجي کان پوءِ رات جو کير پيارڻ جو وقفو
24 ڪلاڪن ۾ کير پيارڻ جو مقدار
ھڪ ڀيري جو مقدار
24 ڪلاڪن جو مقدار
ٻئي ڏينھن کان ستين ڏينھن تائين
3 ڪلاڪ يا 5 ڪلاڪ
4 ڪلاڪ يا ٻه ڀيرا
7 ڀيرا
ھڪ اونس کان ٻه اونس
7 کان 17 سترھن اونس
2 ھفتن کان 4 ھفتن تائين
3 ڪلاڪ يا 5 ڪلاڪ
4 ڪلاڪ يا ٻه ڀيرا
7 ڀيرا
اڍائي کان سوا چار اونس
18 کان 32 اونس
2 مھينن کان 3 مھينن تائين
3 ڪلاڪ يا 5 ڪلاڪ
4 ڪلاڪ يا ٻه ڀيرا
7 ڀيرا
ساڍا ٽن کان پنج اونس
24 کان 35 اونس
4 مھينن کان 5 مھينن تائين
3 ڪلاڪ يا 5 ڪلاڪ
ھڪ ڀيرو
6 ڀيرا
5 کان 6 اونس
30 کان 36 اونس
6 مھينن کان 8 مھينن تائين
4 ڀيرا
ھڪ ڀيرو
5 ڀيرا
ساڍن ڇھن کان ساڍا ست اونس
32 کان 37 اونس
9 مھينن کان 10 مھينن تائين
4 ڀيرا
ھڪ ڀيرو
5 ڀيرا
7 کان 8 اونس
35 کان 40 اونس
11 مھينن کان 12 مھينن تائين
4 ڀيرا
ھڪ ڀيرو
5 ڀيرا
8 کان 9 اونس
40 کان 45 اونس






Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت